Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

حضرت امام مهدي (عجل ا..) جي سچي سائڻ عليها السلام سان شباهت

حقيقت ۾ حضرت امام مهدي (عجل ا..) جي زندگي، سائڻ زهرا عليها السلامجي زندگي جو پاڻ ۾ هڪ تسلسل آهي، امام جا مقصد، سائڻ جا مقصد ۽ سندس رستو سچي سائڻ جو رستو آهي. حضرت مهدي عجل ا.. سچي سائڻ جي اولاد منجهان شمار ٿئي ٿو. حديث ۾ آهي ته  سائڻ فاطمه عليها السلام پوري جهان لاءِ رحمت آهي. (1)

سائڻ فاطمه عليها السلام حضرت امام مهدي عجل ا.. جي نالي سان خوشحال ٿيندي هئي ۽ ان کي ياد ڪري پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيندي هئي. حضرت امام مهدي عجل ا.. جي بغير امام حسين عليه السلام جي شهادت جو تحمل ڏاڍو ڏکيو هو.

انهن ٻنهي هستين جي درميان هڪ خاص رابطو ۽ شباهت پاتي وڃي ٿي. هن لکڻي ۾ اسان پهريان ڪجهه رابطن ۽ بعد ۾ ڪجهه شباهتن ڏي اشارو ڪريون ٿا:

  1. حضرت امام مهدي عجل ا.. سائڻ زهرا عليها السلام جو ٻچڙو

هي انهن مطلبن منجهان هڪ آهي جنهن کي سني توڙي شيعه قبول ڪن ٿا ته حضرت امام مهدي عجل ا.. سائڻ زهرا عليها السلام جي فرزندن منجهان آهي. ان ضمن ۾ ڪيتريون ئي روايتون پڻ آهن اسان انهن منجهان هڪ روايت کي پيش ڪريون ٿا. پيغمبر اعظم صلى الله عليه وآله وسلمهڪ بهترين روايت ۾ پنهنجي پياري ڌيءُ کي مهدي عجل ا.. جي بشارت ڏين ٿا ۽ فرمائين ٿا: توکي بشارت ٿو ڏيان ته مهدي تنهنجي نسل منجهان آهي.(2)

  1. حضرت امام مهدي عجل ا.. جو وجود، سائڻ زهرا عليها السلام لاءِ آٿت

جڏهن پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي زندگي جا آخري ڏهاڙا هئا ۽ سائڻ زهرا عليها السلامجڏهن  پيءُ جي حال ڏسي روئڻ لڳي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلمان گرئي جو سبب پڇيو . بيبي زهرا عليها السلام عرض ڪيو: توهان کانپوءِ دين ۽ عترت جي بربادي ۽ ضايع ٿيڻ جو خوف آهي.

اتي پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم سائڻ کي اها  تسلي ۽ آٿت ڏني ته امت جو مهدي(عجل ا...) تنهنجي نسل منجهان ظهور ڪندو ۽ گمراهي جي پاڙ پٽي ڇڏيندو.(3)

  1. سائڻ فاطمه عليها السلام، امام مهدي عجل ا.. جي لاءِ نمونه عمل

آئيڊيل ۽ نموني عمل اختيار ڪرڻ ، پنهنجي زندگي جي پروگرامن ۽ ڪمال ۽ معنوي مقام کي حاصل ڪرڻ لاءِ مناسب آئيڊيل سڃاڻڻ، اسلامي طور طريقن مان هڪ طريقو آهي.

الله تعالى، پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت ابراهيم ۽ ان جي حقيقي پيروڪارن کي آئيڊيل طور پيش ڪري ٿو.(4) هڪ حديث ۾ امام زمانه عجل ا.. پنهنجي امڙ کي نموني عمل طور پيش ڪيو آهي:

”فِي ابْنَةِ رَسُولِ اللَّهِ (ص) لِي أُسْوَةٌ حَسَنَة“ ”رسول پاڪ جي نياڻي منهنجي لاءِ نموني عمل آهي“

انهن ٻن هستين جون ڪجهه پاڻ ۾ شباهتون

  1. حضرت زهرا عليها السلامٻنهي جهانن ۾ عورتن جي سرواڻ آهي ته حضرت امام مهدي عجل ا.. ٻنهي عالمن ۾ خلق جا سردار آهن.

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي: منهنجي ڌيءُ فاطمه عليها السلامٻنهي جهانن ۾ پهرين توڙي آخرين عورتن جي سردار آهي(6) ۽ امام رضا عليه السلام پنهنجي عزت واري فرزند حضرت امام مهدي عجل ا..  کي خلق جي سيد جو لقب ڏنو آهي.(7)

  1. ٻنهي جو پاڪ ۽ طاهر هجڻ

طاهر ۽ طاهره هي اهو لقب آهي جيڪو پيغمبر اعظم صلى الله عليه وآله وسلم پنهنجي ڌيءُ فاطمه عليها السلام ۽ سندس فرزند حضرت امام مهدي عجل ا.. کي ڏنو آهي. پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم فرمايو ته: ڇا توهان کي خبر نه آهي ته منهنجي ڌيءُ پاڪ ۽ پاڪيزه آهي؟(8) ۽ فرمايائين: الله تعالى امام حسن عسڪري عليه السلام جي نسل ۾ هڪ مبارڪ نطفو جيڪو پاڪ ۽ پاڪيزه آهي قرار ڏنو اٿس.(9)

  1. ٻنهي هستين جي وجود جو، مبارڪ هجڻ

جيڪي لقب حضرت زهرا عليها السلام جا آهن انهن منجهان هڪ لقب مبارڪه آهي ۽ حضرت امام مهدي عجل ا.. جو لقب پڻ مبارڪ آهي ۽ انهي ٻنهي هستين جو وجود خير ۽ برڪت جو باعث  آهي.

  1. ڪيترن ئي لقبن ۾ هڪٻئي سان مشابهت رکن ٿا.

سائڻ عليها السلام زڪيه آهي ته امام(عج) زڪي

بيبي عليها السلام طيبه آهي ته هي طيب

بيبي عليها السلام مطهره آهي ته هي مطهر

بيبي عليها السلام تقيه آهي ته هي تقي

بيبي عليها السلام نقيه آهي ته هي نقي

بيبي عليها السلام محدثه آهي ته هي محدث

بيبي عليها السلام منصوره آهي ته هي منصور

بيبي عليها السلام صديقه آهي ته هي صادق المقال (سچار)

بيبي عليها السلام صابره آهي ته هي صابر

بيبي عليها السلام معصومه آهي ته هي معصوم

بيبي عليها السلام نور اهل آسمان آهي ته هي نور اهل زمين

بيبي عليها السلام قيامت جي شفيعه آهي ته هي قيامت جو شفيع

ٻئي چمڪندڙ ستارا آهن

ٻئي فرياد ٻڌندڙ آهن

ٻنهي جي امام حسين عليه السلام جي زوارن تي خاص عنايت آهي.

ٻئي دنيا ۾ زاهد آهن

ٻئي پنهنجي زماني ۾ عابد آهن

ٻئي بدعتن ۽ گمراهن سان مقابلو ڪن ٿا

ٻئي مسلمانن خاص طور شيعن جي غم ۾ شريڪ هوندا آهن

ٻئي فداڪاري ۾ ٻين کان اڳڀرا آهن

ٻنهي سان پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي تمام گهڻي محبت آهي

  1. ٻنهي جو مظلوم هجڻ

حضرت زهرا عليها السلامجي زيارت ۾ پڙهون ٿا:

”السَّلَامُ عَلَيْكِ أَيَّتُهَا الْمَظلُومَة“(10)

حضرت امام علي عليه السلام پنهنجي گهر واري جي مظلوميت جي باري ۾ فرمائن ٿا:

”إِنَّ فَاطِمَةَ بِنْتَ رَسُولِ اللَّهِ ص لَمْ تَزَلْ مَظْلُومَةً مِنْ حَقِّهَا مَمْنُوعَة“(11)

فاطمه رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جي نياڻي هميشه مظلوم هئي ۽ پنهنجي حق کان محروم هئي.

حضرت امام علي عليه السلام پنهنجي فرزند حضرت امام مهدي عجل ا.. جي مظلوميت ۽ غربت جي باري ۾ پڻ فرمائن ٿا:

”صَاحِبُ هَذَا الْأَمْرِ الشَّرِيدُ الطَّرِيدُ الْفَرِيدُ الْوَحِيدُ“ هن امر جو صاحب اهو ئي آهي جيڪو دور ٿيل اڪيلو ۽ تنها آهي.

مرحوم ميرجهاني چوندو هو: مون خواب ۾ پنهنجي مظلوم ماءُ حضرت فاطمه صديقه زهرا عليها السلامکي روئيندو ڏٺم ۽ ان فارسي جي ٽن شعرن کي پڙهيو. پر جڏهن ننڍ مان اٿيس ته انهن منجهان رڳو هڪ ياد هو اهو هن ريت آهي:

دلي شکسته تر از من در آن زمانه نبود

در اين زمان دل فرزند من شکسته تر است

ان زماني ۾ مونکان وڌيڪ ڪنهنجي به دل نه ڏکي هوندي. هِن زماني ۾ منهنجي فرزند جي سڀ کان وڌيڪ دل ڏکويل آهي. (13)

اچو ته گڏجي انهن هستين جي سڃاڻ ۽ انهن جي ڏسيل ڪمن کي غيبت جي زماني انجام ڏئي انهن ٻنهي مظلومن کي مظلوميت کان رهائي ڏياريون.

حوالا

  1. حديث لوح ، ڪفي، ج1، ص 527
  2. من هو المهدي(عج) ص90
  3. ڪشف الغمة ج3 ص 267
  4. سورت احزاب، آيت 21 و سورت ممتحنه آيت 4 تا 6
  5. بحارالانوار 53 178 باب 31
  6. فاطمه من المهد الي اللحد،ص 166
  7. مرآة العقول ج26 ص 217
  8. فاطمه من المهد الي اللحد ،ص 121
  9. روزگار رهايي ، ج 1 ،ص71
  10. من لا يحضره الفقيه ، ج 2، ص 572
  11. بحارالانوار 43 209 باب 7
  12. بحارالانوار 51 120 باب 2
  13. عنايات حضرت مهدي(عج) به علما و طلاب ص 176

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي