اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

امام زمانه ((عج)) جي ظهور متعلق قرآن ۽ حديثن جون بشارتون2

دنيا جي اصلاح ڪندڙ

جن شين جي باري ۾ تمام اسلامي فرقن جو اتفاق ۽ اجماع آهي انهي مان آخري زماني ۾ نبي اڪرم (ص) جي اهلبيت مان ئي قائم آل محمد حضرت مهدي (عج) جو ظهور به شامل آهي ۽ انهي نظريي جا پوئلڳ هڪٻئي سان ملي ڪري اهڙي عالمي انقلاب ۽ مصلح جي ظهور جو انتظار ڪري رهيا آهن جيڪو خداوندِ متعال تي ايمان ۽ اسلامي احڪامن جي بنيادن تي دنيا جي نظام کي هلائيندو ۽ هرطرف عدالت قائم ڪندو دنيا کي ظالمن جي خوني هٿن مان ڇوٽڪارو ڏياريندو ۽ پوري دنيا تي اسلامي راڄ قائم ڪندو.

 سڀني ماڻهن جون نظرون انهي تي کُتل آهن ۽ سڀ ماڻهو انتطارجون گهڙيون گذاري رهيا آهن ته پيغمبر اڪرم (ص) جي اولاد مان هڪ قابل احترام شخص قيام ڪري، اسلامي ڀائيچاري ۽ برابري جي نئين سر شروعات ڪري بشريت کي سڪون ۽ اطمينان جي نعمت سان ڀري ڇڏي، فرقيواريت، جدائي، محرومي ۽ ناڪامي کان نجات عطا ڪري هي هڪ الاهي وعدو آهي جيڪو ڪڏهن به ڪوڙو نٿو ٿي سگهي. دنيا هن روشن ۽ تاب ناڪ دور ۾ هر طرف کان تيزي سان وڌي رهي آهي، زماني جي رفتار سج جي گردش انسانيت کي هر لمحو انهي ڏينهن جي نزديڪ ڪري رهي آهي حضرت مهدي (عج) جي ظهور ۽ پوري دنيا جي اسلامي حڪومت قائم هجڻ جي قرآن مجيد جي ڪيترين ئي آيتن ۽متواتر روايتن کي بهترين دليل ۽ سند جي طور تي پيش ڪري سگهجي ٿو انهي ڪري جيڪي به مسلمان قرآن ڪريم ۽ پيغمبر اڪرم (ص) جي نبوت جو يقين رکندا آهن ته انهن جي لاءِ قرآن ۽ ان صالح هستي جي ظهور تي مڪمل يقين ۽ ايمان رکڻ ضروري آهي جڏهن ته هن مضمون ۾ انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ ممڪن ناهي انهي ڪري اسان پنهجي پڙهندڙن جي وڌيڪ ڌيان جي لاءِ هن ٻن عنوانن کي ذڪر ڪريون ٿا.

  • قرآني آيتون
  • عالم اسلام جو اتفاق

هيٺيان اسان ٻنهي جي مختصر وضاحت ڪنداسين

قرآن مجيد جون آيتون

الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي آيتن ۾ انهن ڳالهين جو واعدو ڪيو آهي ته پوري دنيا ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿيندي دين اسلام هر طرف ڦهلجي ويندو تمام مذهبن تي انهي جو غلبو هوندو (صالح ۽ لائق ماڻهو حڪومت ڪندا) ان مان ڪجهه آيتون هي آهن

((وَ قَتِلُوهُمْ حَتىَ‏ لَا تَكُونَ فِتْنَةٌ وَ يَكُونَ الدِّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ))

۽ توهان انهن ڪافرن سان جهاد ڪيوايتري تائين جو فتني جو وجود ئي نه رهي ۽ سڄو دين الله جي لاءِ ٿي وڃي ( سورت انفال آيت 39) 

((هُوَ الَّذِى أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَى‏ وَ دِينِ الْحَقّ‏ِ لِيُظْهِرَهُ عَلىَ الدِّينِ كُلِّهِ ))

اهوئي خدا جنهن پنهجي رسول کي هدايت ۽ حق جي دين سان گڏ موڪليو ته جيئن پنهجي دين کي سڀني دينن تي غالب ڪري ((سورت توبه آيت 33 ۽ سورت فتح آيت 28 )) 

((يُرِيدُونَ أَن يُطْفُِواْ نُورَ اللَّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَ يَأْبىَ اللَّهُ إِلَّا أَن يُتِمَّ نُوره))

هي ماڻهو چاهين ٿا ته خدا جي نورکي پنهنجي منهن جي ڦوڪن سان وسائي ڇڏين ۽ الله کين روڪي رکيو آهي ايستائين جو پنهنجي نور کي مڪمل ڪري ((سورت توبه آيت 32.)) 

((يُرِيدُونَ لِيُطْفُِواْ نُورَ اللَّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَ اللَّهُ مُتِمُّ نُورِهِ ))

هي ماڻهو چاهين ٿا ته الله جي نور کي ڦوڪن سان وسائي ڇڏيون ۽ الله پنهجي نور کي مڪمل ڪرڻ وارو آهي ((سورت صف آيت 8))

(( وَ يُرِيدُ اللَّهُ أَن يحُِقَّ الْحَقَّ بِكلَِمَاتِهِ وَ يَقْطَعَ دَابِرَ الْكَافِرِينَ))

۽ الله جو ارادو آهي ته پنهنجي ڪلامن ذريعي حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي سلسلي کي ختم ڪري. ((سورت انفال آيت 7))

((وَ قُلْ جَاءَ الْحَقُّ وَ زَهَقَ الْبَاطِلُ  إِنَّ الْبَاطِلَ كاَنَ زَهُوقًا))

۽ چئي ڏي حق اچي ويو ۽ باطل فنا ٿي ويو ۽ باطل فنا ٿيڻ وارو ئي آهي. ((سورت اسراء آيت 81)) 

((وَ لَقَدْ كَتَبْنَا فىِ الزَّبُورِ مِن بَعْدِ الذِّكْرِ أَنَّ الْأَرْضَ يَرِثُهَا عِبَادِىَ الصَّلِحُون))

۽ اسان ذڪر کان بعد زبور ۾ به لکي ڇڏيو آهي ته اسان جي زمين جا وارث اسان جا نيڪ  بندا ئي هوندا (( سورت انبياء آيت 105))

((وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ ءَامَنُواْ مِنكمُ‏ْ وَ عَمِلُواْ الصَّلِحَتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّهُمْ فىِ الْأَرْض))

الله اوهان مان جيڪي ايمان وارا آهن ۽ جن عمل صالح ڪيا آهن انهن سان واعدو ڪيو آهي ته انهن کي زمين تي اهڙي طرح پنهنجو خليفو بڻائيندو جهڙي طرح پهرين وارن کي بڻايو هو. (( سورت نور آيت 55)) 

((وَ لَقَدْ سَبَقَتْ كلَِمَتُنَا لِعِبَادِنَا الْمُرْسَلِينَ إِنهَُّمْ لهَُمُ الْمَنصُورُونَ وَ إِنَّ جُندَنَا لهَُمُ الْغَالِبُون))

۽اسان جي پيغمبر بندن سان اسان جي ڳالهه پهرين کان طئي ٿي وئي آهي ته انهن جي ڪهڙي به طرح مدد ڪئي ويندي ۽ اسان جو لشڪر هر حال ۾ غالب اچڻ وارو آهي.

 (( سورت صافات آيت 171، کان 173 ))

إِنَّا لَنَنصُرُ رُسُلَنَا وَ الَّذِينَ ءَامَنُواْ فىِ الحَْيَوةِ الدُّنْيَا

بيشڪ اسان پنهنجي رسولن ۽ ايمان آڻيندڙن جي دنياوي زندگي ۾ مدد ڪندا آهيون (( سورت غافر آيت 51))

كَتَبَ اللَّهُ لَأَغْلِبنَ‏َّ أَنَا وَ رُسُلىِ  إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزِيز

اللهلکي ڇڏيو آهي ته مان ۽ منهنجو رسول غالب اچڻ وارا آهيون، بيشڪ الله صاحب قوت ۽ صاحب عزت آهي. ((سورت مجادله آيت 21))

انهي کان علاوه ٻيون به آيتون آهن جن جي تاويل حضرت ولي العصر (عج)  جي ظهور جي وقت سامهون ايندي اهي سڀ انهي ڳالهه جي دليل به آهن ته اسلام سڀني مذهبن تي غالب ايندو ۽ اهل حق باطل پرستن تي غلبو حاصل ڪري وٺندا يا نبين جو مسلط هجڻ ۽ نور خدا جو تمام ۽ مڪمل هجڻ يقيني آهي انهن سڀني آيتن جي معنيٰ اڃا مڪمل طريقي سان ظاهر نه ٿي آهي ۽ اهي آيتون آخري زماني  ۾ ان جي عملي هجڻ جون بشارتون ڏيئي رهيون آهن، خداوندِ عالم اهو واعدو ڪيو آهي ته هو پنهنجي پيغمبرن جي مدد ضرور ڪندو. ۽ انهن کي غلبو عطا ڪندو اهو ئي طئي آهي ته انهي غلبي ۽ مدد جو تعلق صرف آخري زماني سان مخصوص ڪونهي ڇو ته الله تعاليٰ خود فرمايو آهي فىِ الحَْيَاةِ الدُّنْيَا (دنيا واري زندگي ۾) ٻيو اهو ته انهي مان اها مراد به نه آهي ته انبياءِ ڪرام پنهنجي قومن مٿان پنهنجي زماني ۾ غلبو حاصل ڪري وٺندا ۽ انهي جي مشن کي ترقي ملندي ڇوته ڪيترن ئي نبين جي تبليغ جو انهن جي قوم تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. بلڪه ڪيترن ئي نبين کي قتل ڪيو ويو انهي مدد ۽ غلبي سان انهن جي مقصد ۽ پيغام جي مدد انهي جو غلبو مراد آهي ۽ انهن آيتن مان اهو ئي ظاهر ٿيندو آهي ته اها نصرت ڪنهن خاص رتبي سان مخصوص نه آهي بلڪه انهي کان هر طرح جي (مطلق) مراد آهي، اها ئي نور کي تمام ڪرڻ جي معنيٰ به آهي ته جيڪي ماڻهو خدا جي نور کي وسائڻ چاهيندا آهن ۽ اسلام جي ترقي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندا، انهن جي مقابلي ۾ خداوندِ عالم پنهنجي نور کي مڪمل ڪري ڇڏيندو انهي جي معنيٰ به اها ئي آهي ته خداوندِ عالم پنهنجي دين کي ترقي عطا ڪندو ۽ اسلام جون حدون وڌنديون وينديون ۽ اهو نور انهي وقت مڪمل ٿي ويندو جڏهن اسلام سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويندو زمين تي مومنن جي جانشيني ۽ ان تي انهن جي وارث هجڻ جو اهوئي مطلب آهي ته هو سڄي دنيا جا مالڪ ۽ مختار بڻجي ويندا بلڪه اهو موقعو صرف امام زمان عج ۽ انهن جي ساٿين کي ملندو باطل جي مٿان حق جو غلبو انهي جي به اها ئي معنيٰ آهي ته هر اعتبار سان حق، باطل تي ڪامياب ۽ ڪامران ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته حجت ۽ دليل جي ذريعي غالب ٿيندو ۽ اهو ظاهري طورغالب نه ٿيندو ته اتي اهو چئبو ته انهن آيتن ۾ هر طرح جو تسلط سمجهه ۾ اچي ٿو پرهي آيت ‏لِيُظْهِرَهُ عَلىَ الدِّينِ كُلِّهِ ته جيئن الله  پنهنجي دين کي سڀني دينن تي غالب ڪري ڇڏي، اسلام جي غالب هجڻ لاءِ واضح دليل آهي انهن آيتن جي تصديق ۽ تائيد انهن روايتن مان به ٿيندي آهي جيڪي رسول اڪرم کان انهي سلسلي ۾ نقل ٿيون آهن جيئن پاڻ (ص) فرمايائون: ليدخلنّ هذاالدين علي مَن دخل عليه اليل  ‏ِجتي به رات داخل ٿيندي (پوري دنيا) آهي اتي هي دين ضرور پهچندو هن حديث ۾ پاڻ (ص) علي ما دخل عليه اليل فرمايو آهي ۽ علي ما دخل عليه اليوم اوالشمس ناهي فرمايو انهي جو راز شايد اهو ٿيندو ته انهي ۾ دين جي تشبيهه سج سان ڏني ويئي آهي ڇوته جتي به رات هوندي آهي ته اتي سج ضرور پهچندو آهي اهڙي طرح اسلام جي روشن ۽ منور سج جا ڪرڻا سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويندا ۽ ڪفر ۽ ضلالت جي اونداهي جو اهڙي طرح خاتمو ٿي ويندو جهڙي طرح سج رات جو خاتمو ڪري ڇڏيندو آهي

(2) تمام مسلمانن جو اجماع

انهي اجماع ۽ اتفاق کان جيڪڏهن شيعن جو اجماع مراد ورتو وڃي ته اهو بلڪل واضح آهي ته امام حسن عسڪري (ع) جي فرزند حضرت قائم آلِ محمد جو ظهور شيعه اثنا عشري مذهب جو اهم حصو آهي. ۽ جيڪڏهن انهي اجماع مان تمام مسلمانن جو اتفاق مراد هجي ته انهي کي ثابت ڪرڻ لاءِ اهل سنت جي هڪ صاحب نظر ۽ معتزلين جي برک عالم علامه ابن ابي الحديد جو هي هڪ ئي جلسو ڪافي آهي جيڪو هُن شرح نهج البلاغه (مطبوعه مصر، جلد 2 ص 535 ) ۾ لکيو آهي

قد وقع اتفاق الفريقين من المسلمين اجمعين علي ان الدنيا و التکليف لاينقصي الا عليه

ٻنهي فرقن شيعه ۽ سني جو انهي ڳالهه تي اتفاق آهي ته دنيا ۽ شرعي ذميواري جو خاتمو امام مهدي(عج) جي ظهور کان سواءِ نه ٿيندو. اهل سنت جي چئن معروف علماء کي ڇو ته اهي ايندڙ مضمونن ۾ نقل ٿيل آهن، انهي ڪري انهن کي مٿي ذڪر نٿو ڪيو وڃي اتي ئي ملاحظو فرمائيندا. ته جن ماڻهن جي تاريخ تي اونهي نظر آهي انهن کي سٺي نموني سان معلوم آهي ته مصلح منتظر مهدي(عج) جي ظهور جي باري ۾ تمام مسلمانن جي درميان ۾ ايتري حد تائين اتفاق پاتو وڃي ٿو جو پهرئين صدي هجري کان هاڻي تائين جنهن به مهدي هجڻ جي دعوا ڪئي آهي يا جنهن جي به طرف انهي جي نسبت ڏني وئي آهي ته سڀني انهي جي کُلئي دل سان مخالفت ڪئي آهي، پر خود ظهور جي مسئلي تي ڪنهن به مخالفت ناهي ڪئي، ڇوته هي ڳالهه مسلمانن جي اجماع ۽ پيغمبر اڪرم (ص) جي واضح روايتن جي خلاف آهي، بلڪه هو هن جي مخالفت ۽ باطل هجڻ جي لاءِ اهو طريقو استعمال ڪندا هئا ته روايتن ۾ حضرت مهدي ((عج)) جي ظهور جي متعلق جن علامتن ۽ نشانين جو ذڪر آهي، جيئن ته انهن جي دعويٰ ڪندڙن جي هتي ڪابه علامت نه ٿي پاتي وڃي انهي ڪري اهي ماڻهو ڪوڙا آهن. اهل سنت جي چئني مذهبن جي چئن بزرگ علماءِ يعني ابن حجر شافعي، ابوالسر احمد بن ضياء حنفي، محمد بن احمد مالڪي، يحييٰ بن محمد حنبلي کان جڏهن انهي سلسلي ۾ سوال ڪيو ويو ته انهن انهي جو انهي انداز ۾ جواب ڏنو جنهن جو تفصيل ڪتاب البرهان في علامات مهدي آخر الزمان باب 13 ۾ انهن جي فتوائن سان گڏ نقل ٿيل آهي، انهن امام مهدي (عج) جي ظهور جي مسئلي کي ثابت ڪرڻ سان گڏ امام(عج) جي ڪجهه خصوصيتن جي طرف به اشارو ڪيو آهي.

يعني ته هو دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو يا حضرت عيسيٰ(ع) انهي جي اقتدا ڪندو يا سندن جيڪي ٻيون صفتون به بيان ڪيون ويون آهن، مختصر هي ته اها انهن جي دليل ۽ قانوني فتويٰ آهي ايتري قدر جو جناب زيد جي طرف جيڪا مهدويت جي غلط نسبت ڏني ويئي هئي انهي سلسلي ۾ بني اميه جي شاعر حڪيم بن عياش ڪلبي چيو آهي (ولم ار مهديا علي الجذع يصلب) (1) مونکي اهڙو ڪوبه مهدي نظر نه آيو جنهن کي سولي تي چاڙهيو وڃي، تنهن جو مطلب ته جڏهن مهدي ((عج)) ظهور ڪندو ته تمام ملڪن کي فتح ڪندو ۽ پوري دنيا ۾ صرف انهي جي حڪومت هوندي هر جڳهه تي عدل ۽ انصاف جو راڄ هوندو تنهن ڪري جناب زيد جنهن کي سولي تي لٽڪايو ويو اهو ڪيئن ٿو مهدي ٿي سگهي؟

ڳالھ جو خلاصو هي ته پيغمبر اڪرم(ص) جي متواتر روايتن مطابق رڳو امام مهدي (عج) جو ظهور ئي حتمي ۽ قطعي نه آهي، بلڪه تواتر سان هي به ثابت آهي ته پاڻ سڄي دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندا ۽ حضرت عيسيٰ (ع) آسمان تان نازل ٿي ڪري سندن پٺيان نماز پڙهندا ۽ پاڻ پوري دنيا کي فتح ڪندا.

ابن حجر عسقلاني شافعي پنهنجي ڪتاب ”الاصابه ج1،ص395 تي فوائد ڪواڪبي کان جيڪا روايت نقل ڪئي آهي انهي جي مطابق اهو حڪيم بن عياش امام جعفر صادق جي بد دعا سان تمام عبرتناڪ حالت ۾ هلاڪ ٿيو هو

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید