اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

پاڻ سڳورن(ص) جو غير مسلمانن سان سهڻو سلوڪ (2)

يهودين جا مسلمانن خلاف ڪُڌا ڪرتُوت

  1. مسلمانن جو عقيدو ضعيف ڪرڻ: رسول پاڪ(ص) جي سهڻي سلوڪ ۽ منطقي دليلن ڪري ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيڻ لڳا، اها ڳالھ يهودين ۽ سندن عالمن جي برداشت کان ٻاهر هئي ان ڪري پيچيدن ۽ منجھيل سوالن ذريعي عام ماڻهن جي عقيدن کي ضعيف ڪرڻ لڳا .ان جا نمونا “سوره بقره ۽ سوره نساء” ۾ ذڪر ٿيل آهن . (13)
  2. اختلاف پيدا ڪرڻ: عربن جا ٻه قبيلا “اوس ۽ خزرج” جيڪي ان وقت صلح جي زندگي گذاري رهيا هئا جڏهن ته گذيل زماني ۾ 120 سالن تائين هڪٻئي جي خون جا پياسا رهيا هئا . هڪ ڏينهن هڪ يهودي نوجوان انهن ٻنهي قبيلن کي گذريل جنگيون ياد ڏياري وري هڪ ڀيرو ٻيهر انهن کي هڪٻئي جي مقابلي ۾ جنگ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو پر اها خبر جلد رسول پاڪ(ص) تائين پهتي ۽ پاڻ(ص) فورن پنهنجن ساٿين سان گڏ انهن تائين پهتا ۽ کين اسلام جو مقصد سمجھايو ۽ انهن کي وعظ ۽ نصيحت ڪئي ۽ ماحول کي ٺاري ڇڏيو. (14)
  3. معاهدي جي ڀڃڪڙي: مٿي ذڪر ڪري آيا سين ته يهودين سان رسول پاڪ دفاعي معاهدو ڪيو هو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ هر ڪنهن کي آرام سان زندگي ڪرڻ جو حق حاصل هو ۽ دشمن خلاف سڀني کي گڏجي هڪٻئي جو دفاع ڪرڻو هو . جڏهن يهودين جي ٽن اهم قبيلن «بني قريظه»، «بني قينقاع» ۽ «بني نضير» ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي . هڪ ڏينهن ڪجھ يهودي جوانن هڪ مسلمان عورت کي آزاريو ۽ هڪ مسلمان جوان جڏهن ان عورت جو دفاع ڪيو ته قبيلي «بني قينقاع»  وارن ان مسلمان جوان جو بازار ۾ بيگناھ خون وهايو ۽ ان کي قتل ڪري ڇڏيو. رسول پاڪ(ص) قبيلي «بني قينقاع» لاءِ اهو فرمان جاري ڪيو ته اهي هٿيار ڦِٽا ڪري مديني مان هليا وڃن .  «بني قينقاع» وارا مدينو ڇڏي ، پهريان “وادي القرى” ۽ پوءِ شام ڏانهن لڏي ويا . (15)

يهودين جي قبيلي“بني نضير” پاڻ ڪريم(ص) کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ته پاڻ سڳورن(ص) مٿان پٿر ڪيرائي قتل ڪن پر نبي پاڪ(ص) کي انهن جي ان سازش جي ڪَل پئجي وئي ۽ پاڻ سڳورن(ص) پنهنجن صحابين کي هوشيار رهڻ لاءِ فرمايو ۽ قبيلي “بني نضير”  کي گھيرو ڪيو. نتيجي ۾  بني نضير وارا صلح تي راضي ٿيا ۽ پاڻ سڳورن(ص) فرمان جاري ڪيو ته بني نضير وارا مديني مان لڏي وڃن . ان قبيلي پهريان خيبر ۽ پوءِ شام ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي . (16)

جنگ خندق جنهن کي جنگ احزاب به ڪوٺيو ويندو آهي، ان جنگ جي زماني ۾ يهودين جي  ٽئي قبيلي “بني قريظه” به معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ۽ خيبر جي يهودين جي مدد سان مڪي جي ڪافرن سان  ملي ويا . ايتري قدر جو  قبيلي “بني قريظه”  جي سردار “ڪعب” پاڻ سڳورن(ص) سان ٿيل معاهدي واري سَند کي گهرائي مڙني قبيلي وارن جي سامهون ان سَند کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندي چيو ته ڪو معاهدو ڪونهي سڀ جنگ لاءِ تيار ٿيو . پاڻ سڳورن(ص) مسلمانن جي همت ۽ رب پاڪ جي مدد سان جنگ احزاب ۾ ڪافرن تي سوڀارا ٿيڻ کان پوءِ   قبيلي “بني قريظه”  جي قلعي جو گهيراءُ ڪيو . نتيجي ۾ “بني قريظه” وارا هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا .  بني قريظه مطالبو ڪيو ته “سعد معاذ ” جيڪو فيصلو ڪري اهو اسان کي قبول آهي . ان جي فيصلي مطابق انهن جي مردن کي قتل ڪيو ويو پر پاڻ سڳورن(ص) ان قبيلي جي ٻارن لاءِ جيڪا نصيحت ڪئي اها تاريخ ۾ بي مثال آهي .  (17)

ان مقام تي اهو اعتراض ڪيو ويندو آهي ته بني قريظه سان ظلم ٿيو هو پر ڏٺو وڃي ته هن قبيلي  معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ سان گڏو گڏ ، جنگ ۾ ڪافرن جي گهڻي مدد ڪئي يعني عملي طور مسلمانن خلاف جنگ جي ميدان ۾ لهي چڪا هئا ۽ دنيا جو ڪو به قانون اهڙن ڏوهارين کي بخش نه ڪندو . ان کان علاوه پاڻ قبيلي  بني قريظه  “سعد معاذ ” جي فيصلي راضي رهڻ جو اقرار ڪيو هو ان کان پوءِ ڪنهن اعتراض جي جاءِ باقي نه ٿي رهي.

پاڻ سڳورا (ص) ان کان پوءِ به يهودين سان سهڻو ورتاءُ ڪندا رهيا سندن سهڻي سلوڪ جا ڪيترائي مقام آهن اسان هت هڪ مورد کي پيش ڪريون ٿا .

رسول پاڪ(ص) جو هڪ صحابي “عبدالله بن سهل” پاڻ سڳورن(ص) جي فرمان مطابق جڏهن خيبر مان اسلام جو ڪجھ مال مديني منتقل ڪري رهيو هو ته ، ڪجھ يهودين حملو ڪري ان صحابيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو . پاڻ سڳورن(ص) يهودي سردارن کي خط لکيو ته قتل ٿيل مسلمان جو لاش توهان جي سرزمين تان مليو آهي ان ڪري ان مسلمان جي خون بها يعني دِيَت ڀري ڏيو. پر يهودين جواب ۾ قسم کنيو ته اسان ان کي قتل ناهي ڪيو . پاڻ ڪريم(ص) نه ٿي چاهيو ته خوني جنگ ٻيهر شروع ٿئي ان ڪري پاڻ (ص) خود اها  دِيَت ڀري ڏني . (18)

ان نموني مان معلوم ٿئي ٿو پاڻ سڳورن(ص) ان سهڻي عمل ذريعي يهودين کي اهو پيغام ڏنو ته آئون الله جو پيغمبر ۽ رب پاڪ جي رحمت ۽ لطف جو مظهر آهيان.

(ج) عيسائين سان نبي اڪرم(ص) جو سهڻو سلوڪ

عيسائي جن کي نصارى به چيو ويندو آهي انهن جو بت پرستن ۽ يهودين جي برخلاف ، مسلمانن سان نرم رويو هو. ان بابت قرآن به اشارو ڪيو آهي . سوره مائده جي هن آيت ۾ آيو آهي ته:

لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النَّاسِ عَدَاوَةً لِّلَّذِينَ آمَنُواْ الْيَهُودَ وَالَّذِينَ أَشْرَكُواْ وَلَتَجِدَنَّ أَقْرَبَهُمْ مَّوَدَّةً لِّلَّذِينَ آمَنُواْ الَّذِينَ قَالُوَاْ إِنَّا نَصَارَى ذَلِكَ بِأَنَّ مِنْهُمْ قِسِّيسِينَ وَرُهْبَانًا وَأَنَّهُمْ لاَ يَسْتَكْبِرُونَ (19)

اي پيغمبر) يھودين ۽ مشرڪن کي مؤمنن لاءِ ٻـين ماڻھن کان بلڪل وڌيڪ دشمني ڪرڻ وارو ضرور ڏسندين، ۽ جيڪي چون ٿا ته اسين نصارىٰ آھيون تن کي مسلمانن سان دوستي ڪرڻ ۾ ڏاڍو ويجھو ڏسندين، اِھو ھن سبب آھي جو منجھانئن ڪي عالم ۽ ڪي فقير آھن ۽ بيشڪ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.

رسول پاڪ(ص) ۽ سندن سچن صحابين به ڪڏهن  نصارى کي اسلام قبول ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو . پاڻ سڳورا(ص) انهن سان نرميءَ سان پيش ايندا هئا ۽ نتيجي ۾ نبي پاڪ(ص) جي سهڻي سلوڪ ۽ قرآن جي معنوي پيغام سان يا ته اسلام قبول ڪندا هئا يا وري صلح جو معاهدو ڪري اسلامي حڪومت ۾ سک ۽ آرام سان زندگي گذاريندا هئا . مباهلي ۾ جڏهن نصارى جي عالمن رسول پاڪ(ص) ۽ سندس اهلبيتE جي عظمت ڏٺي ته مباهلي ۾ پنهنجي هار جو اقرار ڪيو ۽ پاڻ ڪريم(ص) انهن نجران جي نصارى معاهدو ڪيو . ان معاهدي جا ڪجھ جملا هن ريت آهن.

  “... وَ لِنَجْرَانَ وَ حَاشِيَتِهَا جِوَارُ اللَّهِ وَ ذِمَّةُ مُحَمَّد النّبِيّ، رَسُولِ اللهِ عَلي أَمْوالِهِم، و أَنْفُسهِم وَ مِلَّتهِم، وَ غائِبهِم وَ شاهِدِهِم، وَ عَشِيرتِهِم، وَ بَيعِهِم وَ كُلّ ما تَحْت أَيدِيهِم مِن قَلِيل أَو كَثِير، لا يُغير أسقف مِن أسقفيته، وَ لا راهب مِن رُهبانيته، وَ لا كاهنَ مِن كهانَتِه...” (20)

“ نجران ۽ ان جي ڀرپاسي وارا نصارى الله جي پاڙي ۽ محمد (ص) جي رحمت جي ڇانوَ هيٺ آهن (محمد(ص)) جيڪو سنندن جانين ، مال ۽ ملڪيت، قوم، حاضرن ۽ غائبن ، سندن ڪٽنبن ، وڻج واپار ۽ انهن جي ماتحت جيڪو ٿورو گھڻو آهي ان تي الله جو رسول آهي . ڪنهن به اسقف [1] ، راهب ۽ ڪاهن کي سندس عهدي تان نه هٽايو ويندو.......”

ان معاهدي جي جملن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام زور زبردستيءَ وارو دين نه آهي ۽ پنهنجي مخالفن جي ڪمزوريءَ مان غلط فائدو حاصل نه ڪندو آهي، بلڪه اسلام غيرمسلمانن سان به سهڻي سلوڪ ڪرڻ جو فرمان ڏئي ٿو . رب پاڪ اسان مڙني کي رسول پاڪ(ص) جي هن سيرت تي به عمل ڪرڻ جي توفيق  عطا فرمائي .

 

 

 حوالا

(1) شعراء، آيت 3

(2) الانبياء آيت 107

(3) دکتر آيتي، محمد ابراهيم، تاريخ پيامبر اسلام (تهران: دانشگاه تهران، 1369): ص127.
(4) ساڳيو

(5) معاديخواه، عبدالمجيد، تاريخ اسلام، عرصه دگرانديشي و گفتگو(تهران: ذره، 1377)، ص111ـ106

(6) عميد زنجاني، عباس علي، اسلام و همزيستي مسالمت آميز(تهران: دارالڪتب الاسلامية، 1344)، ص 94 ـ 83

(7) آيت الله مڪارم شيرازي، تفسير نمونه، ج10، ص66؛ ج20، ص282؛ به نقل از: تفسير قرطبي، ج5 ، ص3487و بحارالانوارج21، ص109.

(8)  ساڳيو

(9) اسلام و همزيستي مسالمت آميز، صص 58 ـ 54.

(10) سبحاني، جعفر، تاريخ اسلام(قم لوح محفوظ و امام عصر(ع)، 1377)، ص137.

(11) اسلام و همزيستي مسالمت آميز، صص 95 و 96.

(12) ساختار اجتماعي وسياسي نخستين حڪومت اسلامي، ص269؛ محمد حميد الله، مجموعة الوثائق، ص172.

(13) سبحاني، جعفر، تاريخ اسلام، ص138؛ از سيره ابن هشام، ج1، ص555.

(14) ساڳيو

(15) سبحاني، جعفر، منشور جاويد، ج6، صص 330 ـ 314.

(16)ساڳيو

(17) معاديخواه، عبدالمجيد، تاريخ اسلام، عرصه دگر انديشي و گفتگو، صص 603ـ598.

(18) سبحاني، جعفر، فروغ ابديت، ج2، ص665؛ از سيره ابن هشام، ج2، ص356.

(19) (سوره مائده ، آيت 82)

(20) فاروق حمادة، التشريع الدولي في الاسلام(رباط مراڪش، ڪلية الاداب و العلوم الانسانية

 

[1] . عيسائين وٽ هڪ عهدي ۽ مقام جو نالو آهي.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي