Wednesday, 20 June 2018 - Wed 06 20 2018

منو

حضرت فاطمه زهراسلام الله عليها قرآن پاڪ جي نظر ۾

توڙي جو اهلبيت عليهم السلام جي عصمت ۽ طهارت جي باري ۾ بحث ۽ گفتگو ڪرڻ جن منجھان حضرت فاطمه زهراسلام الله عليها به آهي، هڪ مطلوب ۽ پسنديده امر آهي پر ان ڳالهه کي قبول ڪجي ته اسان انهن بي مثال هستين جي مقام کي نٿا سڃاڻي سگهون ڇو جو اهي ڪلمات خدا آهن ۽ اڻ کٽ ڪمالن جا مالڪ آهن. اهي ڪمال جيڪي رڳو ”مخلَص“ انسان ئي انهن سان سينگاريل آهن ۽ باقي انسان انهن جي حد ۽ حقيقت کان چڱي طرح واقف نه آهن. ان کان علاوه هي اهي معصوم هستيون آهن جيڪي اسان جي بيان جون محتاج نه آهن، بلڪه اهي اسان آهيون جيڪي پنهنجي ڀلي زندگي گذارڻ ۾ انهن معصومن عليهم السلام جا محتاج آهيون.

اهو به واضح آهي ته اهي ڪمال جيڪي سچي سائڻ حضرت فاطمه زهراسلام الله عليها ۽ ٻين ائمه معصومين عليهم السلام جي باري ۾  بيان ڪيا ويا آهن اهي الله تعالى جي طرفان آهن، ڇو جو هو مطلق حڪيم آهي ۽ سندس ڪلام حڪمت جي مٿاهون آهي. انهيءَ ڪري جيڪو ڪجهه هن موضوع ۾ گهربل هجي ان کي بهترين طريقي سان سڃاڻي ٿو ۽ هن کي پنهنجي بي نيازي سان ڀلي نموني سان حل ڪري ٿو.

 اهو پڻ واضح آهي ته پيغمبراڪرم صلى الله عليه وآله وسلم ۽ سندس اهلبيت عليهم السلام جا فرمان الله پاڪ جي ڪلام کان بعد هڪ خاص مقام ۽ مرتبو رکندا آهن؛ ڇو جو اهي فرمان به الله تعالى جي ساڳيءَ حڪمت کي مقصد ۽ محل تائين پهچائين ٿا.

قرآن پاڪ جي مطالعي ڪرڻ سان اهو معلوم ٿيندو آهي ته حضرت زهراسلام الله عليها جو مقدس وجود الله تعالى جي درٻار ۾ هڪ خاص مقام رکندي ٿو، جيتوڻيڪ سچي سائڻ سلام الله عليها جي شان ۾ آيتن جي گهڻائي سان نازل ٿيڻ به انهيءَ ڳالهه جي دليل آهي.

اسان هن مختصر لکڻي ۾ حضرت فاطمه زهراسلام الله عليها جي قرآني فضيلتن ڏي رڳو اشارو ڪريون ٿا:

سائڻ فاطمه ۽ اهلبيت عليهم السلام

آيت تطهير ۾ سائڻ زهراسلام الله عليها مولا علي، امام حسن ۽ امام حسين عليهم السلام  سان گڏ اهلبيت منجهان آهي ۽ رب پاڪ جي مراد به اهي هستيون ئي آهن: ”إِنَّمَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًا “(1) انهيءَ مٿين آيت منجهان مراد اها آهي ته سائڻ فاطمه زهراسلام الله عليها ”اهلبيت“ منجهان شمار ٿئي ٿي ۽ الله تعالى اهو چاهيو آهي ته انهن کي هر قسم جي پليدي کان پاڪ رکي. 

سائڻ فاطمه الزهراسلام الله عليها جو اولاد

سائڻ فاطمه زهراسلام الله عليها جو اولاد معصوم امام آهن جيڪي خدائي حڪم تحت الله جي ٻانهن جا هادي ۽ رهبر آهن . مفسرن اهو چيو آهي ته: هي آيت شريف ”وَجَعَلْنَا مِنْهُمْ أَئِمَّةً يَهْدُونَ بِأَمْرِنَا لَمَّا صَبَرُوا....“ (2) سائڻ فاطمه زهراسلام الله عليها جي اولاد جي باري ۾ نازل ٿي آهي.(3)

”ذوي القربى“ منجهان

هن آيت: ”وَآتِ ذَا الْقُرْبَى حَقَّهُ  ... “(4) جي نازل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم فاطمه زهراسلام الله عليها کي گهرايو ۽ هن کي باغ فدڪ عطا ڪيو ۽ فرمايائين: ”باغ فدڪ جو حضرت فطمه زهراسلام الله عليها کي عطا ڪرڻ اهو خدائي فرمان هو“(5)

محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جي ڪوثر

ڪوثر جي معنى هڪ وسيع ۽ جامع آهي ۽ اها ”تمام گهڻو خير“ آهي ۽ سندس مصداق به گهڻائي آهن. پر ڪيترن ئي شيعن توڙي سني عالمن، چٽي مصداقن منجهان هڪ مصداق سچي سائڻ حضرت زهراسلام الله عليها جو وجود کي شمار ڪيو آهي. سورت ڪوثر جي شان نزول ۾ آيو آهي ته: پيغمبر صلى الله عليه وآله وسلم کي مشرڪن طعنو هنيو ته پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم (معاذ الله) بي نسل آهن. قرآن پاڪ انهن جي انڪار ۾ چوي ٿو ته: ”اسان توکي ڪوثر عطا ڪئي سون“ انهيءَ تعبير مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هي گهڻو خير اهو فاطمه زهراسلام الله عليها جو وجود مبارڪ آهي. پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جو نسل ۽ خاندان انهيءَ ڌي وسيلي پوري جهان تي پکڙيو آهي؛ اهڙو نسل، جنهن پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي جسماني نسل کان علاوه اسلامي حدن کي پڻ باقي رکيو آهي.

مفسرن ان ڳالهه ڏي توجهه ڪرائي آهي ته:  هيءَ سورت اها خبر ڏئي ٿي ته پيغمبر صلى الله عليه وآله وسلم بغير حسب ۽ نسب جي نه رهندو ۽ سندس نسل پوري دنيا ۾ هميشه موجود هوندو، اهو هڪ لحاظ سان اعجاز قرآن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ته رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جو نسل پوري دنيا تي اڄ به موجود آهي.(6)

پيءُ جي محبت

پيغمبر اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم ڇهه مهينا (هڪ قول مطابق 9 مهينا)، جڏهن به نماز پڙهڻ لاءِ صبح جو مسجد ڏي ويندا هئا ته فاطمه زهرا ۽ علي عليهما السلام جي گهر وٽ بيهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ” الصلاة اهل البيت إِنَّمَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًا “(7) ان لحاظ سان سائڻ فاطمة سلام الله عليها اهلبيت پيغمبر منجهان شمار ٿئي ٿي، نماز جي قائم ڪرڻ لاءِ جيڪا الله جي عبادت ۽ بندگي جو مظهر آهي، پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي لطيف خطاب ۾ قرار پائي ٿي.

خدائي نور

هن آيت ”اللَّهُ نُورُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ مَثَلُ نُورِهِ كَمِشْكَاةٍ “ (8) جي ذيل ۾ روايت ٿيل آهي ته: ”مشکاة منجهان مراد، حضرت فاطمه سلام الله عليها آهي.“(9) خدائي نور کي سچي سائڻ جي مقدس وجود سان شباهت ڏني وئي آهي.

 ليلة القدر

امام جعفرصادق عليه السلام ۽ ٻين امامن عليهم السلام کان ڪجهه حديثون نقل ٿيون آهن، انهن حديثن مطابق سورت قدر ۾ ليلة مان مراد حضرت فاطمه سلام الله عليها  ۽ ”قدر“ مان مراد الله ڄاڻيو ويو آهي ۽ انهيءَ ڪري چيو ويو آهي ته جيڪو به فاطمه کي جهڙيءَ ريت حق آهي ان طرح سڃاڻي ته ڄڻ حقيقت ۾ ان کي”ليلة القدر“نصيب ٿي آهي.“(10)

جهاني عورتون

هڪ روايت ۾ ”فِي زُجَاجَةٍ الزُّجَاجَةُ كَأَنَّهَا كَوْكَبٌ دُرِّيٌّ...“(11) ”ڪوڪب دري“ جي تعبير کي سچي سائڻ سلام الله عليها جي وجود سان تاويل ڪيو ويو آهي ۽ ان روايت مطابق، بيبي سلام الله عليها  هڪ ستاري وانگر دنيا جي مڙني عورتن جي درميان چمڪندڙ آهن.(12) انهيءَ ڪري آهي ته هڪ ڀيرو ڪنهن شخص پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم کان سوال ڪيو ته: بيبي مريم سلام الله عليها بافضيلت آهي يا فاطمة سلام الله عليها؟ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم سندس جواب ۾ سڪوت اختيار ڪيو ايستائين جو هن شخص وري پنهنجي سوال ٻيهر دهرايو : يا رسول الله! فاطمه سلام الله عليها افضل آهي يا مريم سلام الله عليها؟ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جواب ۾ فرمايو: ”فاطمةسلام الله عليها دنيا ۽ آخرت ۾ افضل آهي“ ۽ هڪ ٻي روايت ۾ پڻ آيو آهي ته: ”افضل ترين عورتون چار آهن: آسيه، مريم، خديجه ۽ فاطمه عليهم السلام پر فاطمه سلام الله عليها انهن کان به افضل آهي“ ۽ ٻي هڪ روايت ۾ آيو آهي ته: ”مريم سلام الله عليها پنهنجي زماني ۾ چونڊيل هئي ۽ سائڻ فاطمهسلام الله عليها مڙني زمانن سڀني عورتن منجهان چونڊيل آهي.“

سائڻ فاطمه سلام الله عليها مباهلي ۾

مڙني مفسرن جو هن آيت ”فَمَنْ حَآجَّكَ فِيهِ مِن بَعْدِ مَا جَاءكَ مِنَ الْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْاْ نَدْعُ أَبْنَاءنَا وَأَبْنَاءكُمْ وَنِسَاءنَا وَنِسَاءكُمْ وَأَنفُسَنَا وأَنفُسَكُمْ ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَل لَّعْنَةُ اللّهِ عَلَى الْكَاذِبِينَ “(13) جي تفسير ۾ اتفاق آهي ته ” ِنسَاءنَا “ منجهان مراد حضرت فاطمهسلام الله عليها آهي.

ابرار منجهان هجڻ

سورت انسان ۾ جيڪا حضرت فاطمه، امام علي، امام حسن ۽ امام حسين عليهم السلام جي باري ۾ نازل ٿي آهي، سچي سائڻ انهن ”ابرار“ منجهان هڪ آهي ۽ سندس واکاڻ ٿيل آهي. ”إِنَّ الْأَبْرَارَ يَشْرَبُونَ مِن كَأْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُورًا “(14)

سائڻ زهرا سلام الله عليها قيامت ۾

سائڻ فاطمه سلام الله عليها، سندن اولاد ۽ هن جا شيعه قيامت جي ڏينهن جي وحشت کان امان ۾ رهندا ۽ جيڪو ڪجهه بهشت ۾ الله کان گهرندا، انهي طرف هدايت ڪيا ويندا ۽ بهشت ۾ هميشه جي لاءِ هوندا. ”....وَهُمْ فِي مَا اشْتَهَتْ أَنفُسُهُمْ خَالِدُونَ *لَا يَحْزُنُهُمُ الْفَزَعُ ... “(15)

بهشتي نعمتون

الله تعالى سورت انسان ۾ ڪيترين ئي نعمتن کي ڳڻي ٿو ته حضرت فاطمه سلام الله عليها ۽ ٻين ابرار کي اهي نعمتون عطا ڪيون وينديون. ۽ اهي نعمتون صرف سچي سائڻسلام الله عليها جي ڀَلن ڪمن جو اجر آهن، الله تعالى چاهيو آهي ته دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي قدر داني ڪري.

سندن اخلاص

الله تعالى سورت انسان ۾اميرالمؤمنين، فاطمه ۽ حسنين عليهم السلام جي طرفان مسڪين، يتيم ۽ اسير کاڌو کارائڻ واري قصي جي ضِمن ۾ سندن عمل جي واکاڻ پڻ ڪئي آهي ۽ انهن اخلاص کي هن نموني بيان ڪيو اٿس ته: خدا خاطر بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي کاڌي خوراڪ جي نسبت ۾، جنهن جي پاڻ کي ضرورت هجڻ باوجود انهن محتاجن کي پاڻ تي مقدم ڪيو اٿن.

سندن صبر

اها فاطمه سلام الله عليها جنهن کي قرآن اهو چوي ٿو ته: پاڻ هڪ اهڙو انسان آهي جيڪا صبر جميل جي مالڪ آهي. قرآن جي مطابق سائڻ فاطمه سلام الله عليها جي صبر جو اجر بهشتي نعمتون آهن، اهي نعمتون جيڪي هميشگي ۽ ابدي آهن: ”.... وَجَزَاهُم بِمَا صَبَرُوا جَنَّةً وَحَرِيرًا...“ (16)

واعدي جي پابندي

قرآن جي نظر ۾ حضرت فاطمه زهراسلام الله عليها اها آهي جيڪا خدا جي عهد جي پابند آهي: ”يُوفُونَ بِالنَّذْرِ“(17)

فداڪاري

مفسرن ان نڪتي تي زور ڏنو آهي ته هي قرآن شريف جي عبارت”وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَى حُبِّهِ“(18) حضرت زهرا سلام الله عليها جي پسنديده خصلت، فداڪاري ڏي اشارو ڪري ٿي.

سچي سائڻ جي  نماز

حديثن ۾ آيو آهي ته حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي نماز چار رڪعتون آهي ۽ ان جي پهرئين ۽ ٻي رڪعت ۾ 50 دفعا سورت ”قل هو الله احد جنهن کي توحيد پڻ سڏيو وڃي ٿو.“ پڙهي وڃي. هن نماز کي نماز ”اوّابين“ (تمام گهڻو توبه ڪندڙن جي نماز) پڻ چيو ويو آهي.(19)

سندن تسبيح

حضرت امام محمد باقرعليه السلام فرمايو آهي ته: ”فاطمه سلام الله عليها“ جي تسبيح الله جي ”ذڪر ڪثير“ منجهان آهي؛ جيئن الله تعالى فرمائي ٿو ته: ”يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اذْكُرُوا اللَّهَ ذِكْرًا كَثِيرًا“(20)

سندن محبت

الله تعالى فاطمه سلام الله عليها جي محبت کي پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي پوري محنت جيڪا رسالت دوران هئي کي ان جي بدلي ۾ قرار ڏنو آهي ۽ ان ڳالهه تي تاڪيد ڪئي اٿس ته هيءَ محبت الله ۽ سندس پيغمبر صلى الله عليه وآله وسلم جي گهربل آهي. انهيءَ ڪري حديث ۾ آيو آهي ته جڏهن آيت”قُل لَّا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا إِلَّا الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبَى“ نازل ٿي ته ڪجهه شخصن سوال ڪيو: يارسول الله! ”قربى“ ڪير آهن ته جنهن جي محبت اسان تي واجب ٿي آهي؟ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جواب ۾ فرمايو ته: ”فاطمهسلام الله عليها ۽ سندس اولاد“(21)

سندن پاڪدامني

روايت ۾ آيو آهي ته هن آيت”وَالَّتِي أَحْصَنَتْ فَرْجَهَا...“ (22) مان مراد حضرت فاطمه زهراسلام الله عليها آهي.

سندن خوشحالي

هڪ ڏينهن پيغمبر صلى الله عليه وآله وسلم پنهنجي ڌيءَ فاطمه سلام الله عليها وٽ آيا ۽ سائڻ جي تن تي اٺ جي پشم جو اڻيل لباس پاتل هو اهڙو لباس تن تي پائڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، ۽ ان حال ۾ سائڻ ا چڪي ۾ ڪڻڪ پيهي رهي هئي. پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم ان حالت کي ڏسي ڪري، روئي ڏنو ۽ فرمايائين: ”فاطمه! دنيا جي سختين ۽ ڏکن کي آخرت جي وڏين نعمتن جي بدلي ۾ سهي رهي آهين.“ ان وقت هي آيت نازل ٿي: ”وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَى“(23) ”۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترون ته) بهشتي نعمتون عطا ڪندو جو (تون) خوش ٿيندين.“(24)

ڪيتريون ئي ٻيون آيتون قرآن پاڪ مان حضرت فاطمه زهراسلام الله عليها جي مقام عصمت ۽ طهارت تي دلالت ڪن ٿيون جهڙوڪ آيت تطهير جنهن جي مطابق، الله جو ارادو ۽ مشيت ته پاڻ حضرت جي هر قسم جي پليدي کان پاڪائي جي هجڻ بابت آهي: ”إِنَّمَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًا“(25)

آخري ڳالهه اها ته:هن مختصر لکڻي جو مقصد اهو هو ته ”سيدة النساء العالمين“ جي شخصيت کي فهرست وار اجمالي طريقي سان قرآن شريف منجهان بيان ڪيو وڃي،ان اميد سان ته اسان سچي سائڻ سلام الله عليها ۽ سندس پاڪ خاندان جي نوري وجود مان هدايت حاصل ڪيون ۽ سدائين ”صراط مستقيم“ تي قدم رکون ۽ ڪمال جي طرف هلندا رهون.

 حوالا

  1. سورت احزاب / آيت 33.
  2. سورت سجده / آيت 24.
  3. شواهد التنزيل، حاڪم حسڪاني، ص 583؛ ذيل آيه.
  4. سورت اسراء / آيت 26.
  5. تفسيرفرات ڪوفي، ص 118 و 119.
  6. تفسير نمونه، ج 27، ذيل سورت ڪوثر.
  7. سورت احزاب / آيت 33.
  8. سورت نور/ آيت35
  9. 9. تفسير نمونه، ج 27، ذيل سورت ڪوثر.
  10.  تفسير قمي، ج 1، ص 103.
  11. سورت نور / آيت35
  12. ساڳيءَ سوت.
  13. سورت آل عمران / آيت 61.
  14. سورت دهر / آيت5
  15. سورت انبياء آيات 102/ 103.
  16. سورت دهر / آيت13
  17. ساڳيءَ سورت. / آيت7
  18. ساڳيءَ سورت / آيت9
  19. تفسير عياشي، ج 2، ص 286.
  20. سورت احزاب / آيت 41؛ تفسير عياشي، ج 1، ص 68.
  21. شواهد التنزيل، ج 1، ص 193.
  22. سورت انبياء / آيت91
  23. سورت ضُحي / آيت5
  24. شواهد التنزيل، ج 2، ص 444.
  25. سورت احزاب / آيت33

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي