اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

چاليهن سالن جي ڄمار ۾ انسان جي دعا

الله تعالى قرآن پاڪ ۾ ڪيترائي دفعا پيءُ ۽ ماءُ جي حقن لاءِ هدايت ڪئي آهي. ٻار جي حمل ۾ هجڻ دوران،ٻار ڄڻڻ واري محل، کير پيارڻ ۽ ٻار جي وڏي ٿيڻ تائين ماءُ جا درد سندس زندگي خريد ڪري ڇڏين ٿا ۽ اها ڳالهه اسان کي ان ڳالهه ڏي متوجهه ڪري ٿي ته جڏهن انسان وڏو ٿئي ۽ عقل جي آخري درجي تي پهچي يعني چاليهن سالن جي ڄمار ۾ قدم رکي جيڪو زمانو سندس ڪمال جو زمانو آهي، ان وقت سندس زبان تي هي جملا هجڻ گهرجن:

رَبِّ أَوْزِعْنِي أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِي أَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلَى وَالِدَيَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضَاهُ وَأَصْلِحْ لِي فِي ذُرِّيَّتِي إِنِّي تُبْتُ إِلَيْكَ وَإِنِّي مِنَ الْمُسْلِمِينَ[1]

پالڻهار، مون کي اهو الهام ڪر ته آئون تنهنجي نعمتن جو شڪر ادا ڪريان. اهي نعمتون جيڪي تو مونکي ۽ منهنجي والدين کي عطا ڪيون آهن ۽ اهي ڀلا ڪم انجام ڏيان جيڪي توکي پسند هجن ۽ منهنجي اولاد کي صالح بڻاءِ، مان تنهنجي بارگاهه ۾ توبه ڪريان ٿو ۽ مان مسلمانن منجهان آهيان.



[1]. سورت احقاق، آيت15

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید