اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

الله جا ٻانها ڪيئن دعا گهرن ٿا

   الله تعالى، سورت فرقان ۾، پنهنجي بهترين بندن ۽ ٻانهن جون خصلتون ۽ نشانيون ٻڌايون آهن، سندس وصفن ۽ گڻن سان گڏوگڏ سندس دعائن کي به ذڪر ڪيو اٿس:

رَبَّنَا اصْرِفْ عَنَّا عَذَابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذَابَهَا كَانَ غَرَامًا

پالڻهار، اسان کي جهنم جي عذاب کان پناهه ڏي، ڇو جو جهنم وارو عذاب هميشه جو عذاب آهي.[1]

۽ هي پڻ چون ٿا :

رَبَّنَا هَبْ لَنَا مِنْ َزْوَاجِنَا وَذُرِّيَّاتِنَا قُرَّةَ َعْيُنٍ وَاجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِينَ إمَامًا[2]

پالڻهار، اسان کي اهي گهر واريون ۽ اهڙو اولاد عطا ڪر، جيڪي آرام جو سبب ۽ اکين جو ٺار ٿين ۽ اسان کي پرهيزگارن جو پيشوا بڻاءِ.

 اميرالؤمنين علي(ع) جو فرمان آهي ته: مونکي قسم آهي خدا جو ته مون پنهنجي رب کان سهڻي شڪل، قداور ۽ جسم ۾ ڀريل اولاد نه گهريو هو، بلڪه اهڙو اولاد گهريو هيم جيڪو مطيع هجي، الله جو خوف رکندڙ هجي، ته جيئن به کيس ڏسان ته هو عبادت خدا ۾ هجي ۽ اهڙو ئي اولاد منهنجي لاءِ اکين جو نور آهي.[3]

 



[1]. سورت فرقان، آيت 65

[2]. ساڳيو، آيت74

[3]. تفسير صافي، ج4، ص27 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي