جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

الله جي خالص ٻانهن جي دعا

الله تعالى، قرآن پاڪ ۾، دوزخين سان گفتگو ۽ انهن جي سوالن جا جواب ذڪر ڪري ٿو ۽ پوءِ دوزخين کي خطاب ڪري ٿو ته: هڪ ٽولو جيڪو منهنجي بندن مان هو، انهي مون کان دعا گهري هئا ته توهان انهي تي ٺٺولون ۽ ٽوڪون ڪيون ۽ انهن جي دعا هن ريت هئي:

رَبَّنَا آمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا وَارْحَمْنَا وَأَنتَ خَيْرُ الرَّاحِمِينَ[1]

پالڻهار اسان ايمان آندو آهي ته پوءِ اسان جي بخشش ڪر ۽ اسان تي پنهنجو رحم ڪر تون بهترين رحم ڪرڻ وارن مان آهين.

الله تعالى هن دعا کي ”عبادي“ يعني منهنجا خاص ٻانها جي لفظن سان ياد ڪري ٿو ۽ هن دعا سان دعا گهرڻ وارن جي تصديق ڪئي.

الله جي تسبيح، انهن جي وسيلي جيڪي علم لدني جا مالڪ آهن. جيڪي علم لدني الله تعالى کان حاصل ڪن ٿا، جڏهن الله تعالى جون آيتون پڙهيون وينديون آهن ته اهي نوڙت ۽ الله پاڪ آڏو پنهنجو سر جهڪائيندي سجدي جي حالت ۾ هي جملا ادا ڪن ٿا:

سُبْحَانَ رَبِّنَا إِن كَانَ وَعْدُ رَبِّنَا لَمَفْعُولاً[2]

پاڪ آهي اسان جو رب جنهن جو واعدو پورو ٿي چڪو آهي.



[1]. سورت مؤمنون، آيت109

[2]. سورت بني اسرائيل، آيت 108 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي