اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

قيامت جي ڏينهن تي مؤمنن جي دعا

الله تعالى، قيامت جي ڏينهن پيغمبر اڪرم(ص) ۽ مؤمنن جي حالات کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته: قيامت جي ڏينهن الله، پيغمبر(ص) ۽ مؤمنن کي خالي هٿين نه ڇڏيندو ۽ کين بدنام نه ڪندو ۽ سندن عزت ۽ آبرو کي محفوظ رکندو. انهن جيڪو نور سچي ايمان ۽ عمل صالح جي ذريعي حاصل ڪيو هو، انهيءَ جي مدد سان اڳيان اڳيان هوندا ۽ اهوئي نور هنن کي جنت ۾ وٺي ويندو تنهن وقت اهي هن ريت چوندا:

رَبَّنَا أَتْمِمْ لَنَا نُورَنَا وَاغْفِرْ لَنَا إِنَّكَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ[1]

پالڻهار، اسان جي نور کي مڪمل ڪر ۽ اسان جي بخشش فرما، بيشڪ تون هر شي تي قدرت رکين ٿو.

 



[1]. سورت تحريم، آيت 8 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي