ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

جنتين جو الله جي واکاڻ ۽ شڪر ڪرڻ

قيامت جي ڏينهن جيڪي متقي هوندا انهن کي جنت ڏي آندو ويندو، جڏهن جنت وٽ پهچندا ته انهن لاءِ جنت جا دروازا کوليا ويندا ۽ جنت جا ملائڪ کين سلام ڪندا ۽ ڀليڪار چوندا.

الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي صَدَقَنَا وَعْدَهُ وَأَوْرَثَنَا الْأَرْضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الْجَنَّةِ حَيْثُ نَشَاءُ فَنِعْمَ أَجْرُ الْعَامِلِينَ[1]

سڀ تعريفون ان الله جون جنهن اسان جي لاءِ پنهنجي واعدي کي سچو ڪري ڏيکاريو ۽ زمين کي اسان لاءِ ميراث قرار ڏنائين، جنت ۾ جتي دل چوي اتي ٺڪاڻو ٺاهينداسين، بس عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.

 

جيئن ئي بهشت ۽ تمام گهڻن نعمتن جو نظارو ڪندا، اهي نعمتون جيڪي الله تعالى کين عطا ڪيون آهن، تن کي ڏسي چوندا:

الْحَمْدُ لِلّهِ الَّذِي هَدَانَا لِهَـذَا وَمَا كُنَّا لِنَهْتَدِيَ لَوْلا أَنْ هَدَانَا اللّهُ[2]

سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جنهن اسان کي بلند مقام لاءِ هدايت ڪئي. جيڪڏهن الله پاڪ اسان جي هدايت نه ڪري ها ته اسان ڪڏهن هدايت نه پرائي سگهون ها.

  اهي بهشتي انسان جيڪي سچي ايمان جا مالڪ ۽ بهترين عمل انجام ڏيندڙ آهن هن دنيا ۾ ۽ جنت ۾ الله جي نعمتن کي حاصل ڪن ٿا. ۽ سندن زبانن تي هي ورد هوندو.

سُبْحَانَكَ اللَّهُمَّ

پالڻهار، تنهنجي ذات هر عيب کان پاڪ آهي.

اهي هڪٻئي کي سلام ڪندا ۽ انهن جي آخري ڳالهه هيءَ هوندي:

الْحَمْدُ للّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ [3]

سڀ تعريفون ان الله لاءِ مخصوص آهن، جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.

 



[1]. سورت زمر، آيت74

[2]. سورت اعراف، آيت 43

[3]. سورت الحمد، آيت 2 

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي