اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

وسيلو ۽ قرآن (1)

اها ڳالهه روشن ۽ واضح آهي ته اسلام کي اُٿندي ئي خطرناڪ دشمن سان مقابلو ڪرڻو پيو، وڏين وڏين مصيبتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو ۽ نبي ڪريم (ص) جي صحابين جي درميان منفاقت واري تحريڪ ڪرُ کنيو ۽ نبي ڪريم(ص) کي ايتري فرصت نه ملي سگهي جو ان تحريڪ کي بنياد کان ئي ختم ڪري وڃن ها، ان جي ڪري ئي منافقين جي تحريڪ ڏينهنون ڏينهن وڌندي رهي تنهنڪري خداوند قرآن ۾ اهڙيون آيتون نازل ڪيون جيڪي منافقن جي صفتن ۽ نشانين کي بيان ڪري انهن کي رسوا ڪندو رهيو ايستائين جو رب پاڪ قرآن ۾ هڪ پوري سورت منافقون جي نالي سان نازل ڪئي.

توڙي جو ان تحريڪ جو نالو ۽ طريقي ڪار وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ تبديل ٿيندو رهيو پر نفاق جو مرض اسلام ۽ مسلمانن سان گڏ ايڊز ۽ ڪينسر جي بيماري وانگر هميشه لاءِ باقي رهيو ۽ دين جي وڏي عمارت کي اندران ئي کوکلو ڪندو رهيو بس جيئن ئي اسلام ظهور ڪيو منافقن جي تحريڪ ظاهري ڏيک ڏيندڙ عابدن ۽ زاهدن جي صورت ۾ پڌري ٿي، جن رسول خدا(ص) جي ئي زماني ۾ مسجد جو بنياد رکيو جنهن کي قرآن مسجد ضرار جي نالي سان ياد ڪيو آهي ڪڏهن اها ساڳئي تحريڪ مولا امير المومنين(ع) جي زماني ۾ خوارج جي شڪل ۾ ظاهر ٿي سامهون آئي، بهرحال تحريڪ اها ئي رهي پر هر دور ۾ فقط نالا ۽ صورتون تبديل ڪندا رهيا پر سڀني جو هدف فقط هڪ ئي رهيو اهو هيءُ آهي ته اسلام جي بنياد کي اسلام جي ئي نالي ۽ لباس ۾ ختم ڪيو وڃي.

ان اسلام دشمني جي موجوده دور ۾ آخري ڪڙي وهابيت آهي جنهن جي شروعات بي ديني ۽ انحراف جي سرزمين ”نجد“ کان ٿي، وهابيت جي تحريڪ، ڪفر، شرڪ ۽ بي دين طاقتن جي مدد سان ئي حجاز ۽ مڪه مڪرمه ۽ مديني جي پاڪ سرزمين تي قبضو ڪيو. ان کان پوءِ اسلام دشمن تحريڪن جي قائدن ۽ رهبرن پنهنجن گمراه ۽ باطل نظريات  دنيا ۾ نشر ڪرڻ شروع ڪيو انهن جو اصل هدف ۽ مقصد دين جي نالي سان ئي دين سان جنگ ۽ توحيد ۽ ايمان جي ئي نالي سان بي ديني ۽ ڪفر جي ترويج ڪرڻ هو.

خاص طور تي هن ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ دؤر آهي، مختلف طريقن سان نوجوانن ۽ جوانن جي ذهنن کي گمراھ ڪرڻ وارن سوالن جي ذريعي منحرف ڪري رهيا آهن هن پُر آشوب دور ۾ والدين لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي اولاد جي مڪتب اهلبيت عليهم السلام جي علمن سان تربيت ڪري نجات ڏين اسان هن مقالي ۾ نوجوانن جو ڏيان ڇڪائڻ ۽ هر قسم جي باطل فڪر کان سندن ذهنن کي پاڪ لاءِ ڪجهه باطل مذهبن جي طرفان ٿيل سوالن ۽ شبهات (غلط فهمين) کي بيان ڪندي انهن جا جواب ذڪر ڪنداسين.

(1)         ڇا انبياء ۽ اوليائن سان توسل ڪرڻ شرڪ آهي؟

وضاحت: (وهابي فڪر جي باني ابن تيميه  661هه 728هه)   مسلمانن کي نبي ڪريم (ص) سان توسل ڪرڻ جي ڪري مشرڪ چيو ۽ ان کان پوءِ محمد بن الوهاب (سن 1111ھ، 1206) ۽ ان جي پيروڪارن ۽ هم خيال پوئلڳن مسلمانن جي ذهنن ۾ اهو غلط فڪر ڀريو ته جيڪو به انبياء ۽ اوليائن سان توسل ڪري اهو مشرڪ آهي ۽ ان نظريي کي رواج ڏنائون. ابن تيميه چوي ٿو ته: جيڪو به نبي ڪريمص جي مزار ۽ قبر مطهر يا ڪنهن صالح ۽ نيڪ بندي جي قبر تي اچي انهن کان اهو سوال ڪري ته ان کي بيماري کان شفا ڏين يا سندس قرض ادا ڪن يا ڪا ٻي مشڪل حل ڪن ته اهو مشرڪ آهي، ڇو جو خدا کان علاوه ڪير به اهو عمل انجام ڏيڻ تي قادر ناهي فقط خدا جي ئي ذات قادر آهي جيڪڏهن ڪو به شخص ائين ڪري ته ان کي توبه ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي جيڪڏهن توبه نه ڪري ته ان کي قتل ڪرڻ واجب آهي(1) ۽ چوي ٿو ته: جيڪي ماڻهو چون ٿا ته فلاڻو مونکان وڌيڪ خدا جي نزديڪ آهي ۽ مونکان وڌيڪ نيڪ ۽ پرهيزگار آهي ان کي دعا جي قبول ٿيڻ لاءِ تنهن ڪري واسطو قرار ڏيان ٿو ائين چوڻ شرڪ آهي ۽ ائين چوڻ وارو به مشرڪ آهي(2) مشرڪ به مُردن جي قبرن تي اچي ڪري انهن سان مخاطب ٿي ڳالهائن ٿا يا زنده انسان جيڪو غايب آهي ان کي مخاطب ٿيڻ ۽ ان لاءِ قصيدا پڙهڻ ۽ انهن کي چوڻ ته اي منهنجا مولا ۽ آقا خدا وٽ پنهنجي شفاعت ۽ سفارش ڪر ته اسان کي دشمنن تي ڪاميابي ڏي ۽ فلاڻي مشڪل کي حل ڪر وغيره جڏهن ته ملائڪن، انبياء ۽ صالح بندن کي چوڻ ۽ انهن جي موت کانپوءِ انهن جي قبرن ۽ مزارن تي وڃڻ انهن سان مخاطب ٿي ڳالهائڻ اهو وڏي ۾ وڏو شرڪ آهي جيڪو مشرڪن جي درميان ۾ رائج هو.(3)

ان جو جواب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ کان پهريائين توسل ۽ شرڪ جي لغت ۽ اصطلاح ۾ جيڪا معنى آهي ان کي بيان ڪيون.

توسل جي لغت ۾ معنى ۽ مفهوم

لفظ توسل ”وسيلي“ مان ورتو ويو آهي ۽ لغت ۾ گھڻيون وسيلي جون تمام گهڻيون معنائون بيان ڪيون ويون آهن.

 1. نزديڪ ٿيڻ

2. بادشاه وٽ مقام ۽ منزلت ماڻڻ

 3.رجوع  ۽ مرتبو

4. انسان جو پنهنجي مقصد تائين پهچڻ لاءِ چارو ڳولڻ

5. ڪنهن به طريقي سان ٻئي جي نزديڪ ٿيڻ ممڪن هجي (4)

اصطلاح ۾ توسل جي معنى ۽ مفهوم

ديني اصطلاح ۾ توسل جي معنى آهي پنهنجي نيڪ دلي مراد ماڻڻ لاءِ الله سائين جي نيڪ بندن کي سندس بارگاهه ۾ واسطو ڏنو وڃي .

پر ڪجهه دانشمندن توسل جي اصطلاحي معنى کي سمجهڻ لاءِ به لغت جي معنى مان سهارو ورتو آهي ۽ اهي توسل جي معنى هن ريت ٻڌائين ٿا: ”توسل اليه بوسيلة اذا تقرب اليه بعمل“ (5)  يعني جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عمل جي ذريعي ڪنهن جي نزديڪ ٿيندو آهي. (ته چئبو آهي: هو، هن)

 توسل جون قسمون

1.                 خدا سان توسل ڪرڻ ان جي اسمن ۽ صفات ۽ افعال جي ذريعي ۽ سندس ذات سان تي ايمان آڻيندي ۽ اهڙي ريت رسول خداص تي ايمان جي واسطي سان توسل ڪرڻ.

2.                   صالح ۽ نيڪ زنده انسان جي واسطي سان هجي خدا سان توسل ڪرڻ

3.                    عمل صالح ۽ نيڪ عمل سان خدا سان توسل ڪرڻ.

4.                    اهي ڪم جن جي باري ۾ شريعت خاموش آهي.

5.                    مشرڪن جو بتن سان توسل ڪرڻ.

6.                    اهو انسان صالح ۽ نيڪ جيڪو هن دنيا مان هليو ويو هجي ان سان توسل ڪرڻ.(6)

شرڪ جي اصطلاحي معنى

جيڪي ڪتاب عقيدي ۽ علم ڪلام جي باري ۾ لکيا ويا

آهن انهن شرڪ جي معنى لاءِ ڪو خاص عنوان ذڪر ناهي ڪيو انهن ۾ رڳو شرڪ کي توحيد جو مخالف مفهوم قرار ڏنو ويو آهي.

هتي اسان توحيد جي معنى ۽ ان جا قسم بيان ڪريون ٿا ته  جيئن شرڪ جي

معنى صحيح نموني سمجهه ۾ اچي. توحيد جي معنى هي آهي ته ان ڳالهه جو عقيدو رکڻ ته الله تعالى هڪ آهي ۽ ان جو ڪو شريڪ ۽ مٽ ناهي. شر ڪ جو سڀ کان وڌيڪ اهم قسم توحيد ذاتي ۾ شرڪ ڪرڻ آهي.

توحيد ذاتي يعني خدا پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ۽ واحد آهي خدا جهڙو ڪوبه ٿي نٿو سگهي(7) ان عقيدي جي آڌار تي جيڪڏهن ڪو اهو عقيدو رکي ته خدا جي ذات جي مقابلي ۾ ٻيو ڪو وجود پنهنجي ذات ۾ به مستقل آهي ته اهو توحيد ذاتي ۾ شرڪ آهي ڇو جو الله جي ذات ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪيائين.

عبادت ۾ شرڪ جي معنى کان پهريان توحيد عبادي جي معنى ڪريون ٿا يعني عبادت مخصوص فقط خدا سان آهي ان کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت ڪرڻ جائز نه آهي اسان جي بحث ۽ گفگتو ابن تيميه ۽ ان جي پيروڪار محمد بن عبدالوهاب سان آهي جيڪي مڙني مسلمانن کي شرڪ جي الزام سان آلوده

ڪن ٿا اهو شرڪ جنهن کي اهي ذڪر ڪن ٿا اهو شرڪ عبادي جي قسمن منجهان آهي.

هلندڙ....

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي