اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

وسيلو ۽ قرآن (2)

توسل جي تاريخ

هتي اسان توسل جي سلسلي ۾ هڪ تاريخي گفتگو ڪرڻ چاهيون ٿا اهل سنت جو عالم قرطبي لکي ٿو ته الله تعالي هڪ تابوت نازل ڪيو ان ۾ حضرت آدم(ع) جي اولاد مان جيڪي نبي اچڻا هئا انهن جو نقشو نڪتل هو، حضرت آدم (ع) کان پوءِ ان جي اولاد هڪ ٻئي کي ورثي ۾ ڏيندي سانڍيندا رهيا ايستائين جو حضرت يعقوب جي ورثي ۾ آيو ان کان پوءِ بني اسرائيل جي هٿن ۾ پهتو جڏهن به ڪنهن مسئلي تي اختلاف ٿيندو هو ته ان تابوت جي وسيلي سان پنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري اختلاف دور ڪندا هئا ۽ جڏهن به جنگ ٿيندي هئي ته پنهنجي اڳيان اڳيان ان تابوت کي هلائيندا هئا ان سان تبرڪ ۽ توسل ڪري سوڀ ماڻيندا هئا.(8)

 

۽ سدي کان روايت آهي ته جڏهن به يهودين ۽ مشرڪن ۾ جنگ ٿيندي هئي ته تورات کي ٻاهر کڻي ايندا هئا پنهنجي هٿن کي ان جڳهه تي رکندا هئا جتي حضرت محمد ص جو نالو لکيل هوندو هو ۽ چوندا هئا ته اي الله توکي واسطو آهي ان نبي جو جنهن جي اچڻ جو تو اسان کي واعدو ڏنو آهي ان جي واسطي اڄ اسان کي دشمنن تي ڪاميابي ڏي ۽ ان واسطي سان فتح حاصل ڪندا هئا (9) بس اسان مٿين ٻن واقعن مان اهو نتيجو حاصل ڪيون ٿا ته جنهن قوم جو اسلام سان ڪوبه واسطو نه هو اهي به توسل جي ذريعي پنهنجي مشڪلات کي حل ڪندا هئا.

توسل جي قسمن جي وڌيڪ وضاحت

اسان پهريائين توسل جي اصطلاحي معنى بيان ڪئي سون ان ۾ توسل جون ڇهه 6 قسمون بيان ڪيون ويون.هتي اسان هر هڪ قسم کي دليلن سان بيان ڪيون ٿا.

پهرئين قسم:

 خدا تعالى کي پنهنجي نالن ۽ صفاتن ۽ فعلن جو واسطو ڏيڻ، مٿس ايمان جو واسطو ڏيڻ ۽ نبي ص تي ايمان آڻڻ جو واسطو ڏيڻ اها قسم نه شريعت جي خلاف آهي ۽ نه ئي ان توسل کي شيعه توڙي سني حضرات رد ڪن ٿا.

قرآني آيتون:

 آيت(1) 

وَ لِلَّهِ الْأَسمْاءُ الحْسْنىَ‏ فَادْعُوهُ بهِ(سورت اعراف آيت 180)

 نيڪ نالا فقط خدا جا ئي آهن ان جي نالي سان سڏيو بس ان مان واضح ٿيو ته خدا کي پنهنجن نالن سان سڏڻ جائز آهي.

آيت (2)

  رَّبَّنَا إِنَّنَا سَمعنى مُنَادِيًا يُنَادِى لِلْايمَنِ أَنْ ءَامِنُواْ بِرَبِّكُمْ فَامَنَّا  رَبَّنَا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوبَنَا وَ كَفِّرْ عَنَّا سَيِّاتِنَا وَ تَوَفَّنَا مَعَ الْأبْرَار (سورت آل عمران آيت 193)

 اي اسان جا خدا اسان تنهنجي دعوت ڏيڻ واري جو آواز ٻڌوسون جيڪو ايمان آڻڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهي (چوي ٿو) ته پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو اي اسان جا پالڻهار اسان به ايمان آندوسين (ان ايمان جي واسطي) اسان جا گناهه معاف فرما ۽ اسان جي مداين کي ڍڪ ۽ اسان کي نيڪن سان گڏ مار“ بس ايمان جي واسطي سان گناهن جي معافي گهريائون.

آيت (3)

أُوْلَئكَ الَّذِينَ يَدْعُونَ يَبْتَغُونَ إِلىَ‏ رَبِّهِمُ الْوَسِيلَةَ أَيهُّمْ أَقْرَبُ وَ يَرْجُونَ رَحْمَتَهُ وَ يخَافُونَ عَذَابَهُ  إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ كاَنَ محَذُورً* (سورت اسراء آيت 57)

 اهي معبود جن کي مشرڪ سڏين ٿا خدا جي قريب ٿيڻ لاءِ (انهن کي) وسيلو ڪري تلاش ڪن ٿا، انهن مان جيڪو وڌيڪ نزديڪ وسيلو هجي ۽ ان جي رحمت ۾ اميد رکن ٿا ۽ ان جي عذاب کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ ته تنهنجي پالڻهار جو عذاب ئي ڊڄڻ لائق آهي.

آيت (4)

يَأَيُّهَا الَّذِينَ ءَامَنُواْ اتَّقُواْ اللَّهَ وَ ابْتَغُواْ إِلَيْهِ الْوَسِيلَةَ وَ جَاهِدُواْ فىِ سَبِيلِهِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُون  * (سورت مائده آيت 35)

اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان تائين (نزديڪ ٿيڻ لاءِ) وسيلو تلاش ڪريو ۽ ان جي راهه ۾ جهاد ڪيو ته جيئن ڪامياب ٿيو.

سنت جي نگاهه ۾

جن دعائن جي حضرت رسول خدا ص ڏانهن نسبت ڏني وئي آهي انهن ۾ پاڻ هن ريت خدا کان مدد گهرن ٿا:

ياحي ياقيوم  برحمتكَ  استغيث“(10)

ٻي دعا ۾ آيو آهي ته: فصّل علي محمد وآله وهب لنفسي علي ظلمها نفسي   يعني: بس محمد وآل محمد تي درود ۽ صلوات موڪل ۽ پنهنجي نفس تي جيڪو ظلم ڪيو اٿم ان تي مون کي معاف ڪر(11) هن دعا ۾ خدا کي سندس فعل جو واسطو ڏنو ويو آهي يعني محمد وآل محمد تي صلوات موڪلڻ جيڪو خدا جو فعل آهي اهل سنت جي فتوا مطابق محمد و آل محمد ص تي صلوات موڪلڻ خدا جي فعل جي عنوان سان جائز آهي(12)

ٻيو قسم:

 ڪنهن صالح انسان جي واسطي ڏئي توسل ڪرڻ جيڪو زنده به هجي انهي اميد سان ته خدا ان صالح بندي جي دعا کي قبول به ڪندو.

توسل جو اهو قسم به ٻنهي فريقن (شيعه ۽ اهل سنت) وٽ جائز آهي جيئن اهل سنت وارا انهي واقعي کي قبول ٿا ڪن ته پاڻ سڳورنص جي زماني ۾ ڪافي وقت کان مديني ۾ برسات نه وسي ۽ ماڻهو به وڏي سختي ۾ هئا، جمعي جو ڏينهن هو پاڻ سڳوراص جمعي جي خطبي ڏيڻ ۾ مشغول هئا هڪ مرد نبي سڳورنص کي چيو ته اي رسول خداص برسات نه وسڻ جي ڪري اسان جو مال تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي خدا کان دعا گهرو ته برسات وسائي ته جيئن ڏڪار کان نجات حاصل ڪريون ۽ پاڻ سڳورنص منبر تي دعا جي لاءِ پنهنجا هٿ مبارڪ مٿي کنيا ۽ هن ريت دعا گهريائون: ”اللهم اغثنا اللهم اغثنا“ انس بن مالڪ چوي ٿو ته ان وقت آسمان صاف هو ۽ آسمان ۾ ڪوئي ڪڪر به نه هو نبي ڪريمص جي دعا کانپوءِ هڪ ڪڪر آيو ۽ برسات وسڻ شروع ٿي وئي ۽ هڪ هفتي تائين وسندي رهي جڏهن ٻيو هفتو شروع ٿيو ته مديني جا ماڻهو نبيص جي خدمت ۾ پهتا ۽ چيائون ته يا رسول الله اسان جا گهر خراب ۽ مال غرق ٿي رهيا آهن وري نبي ص دعا لاءِ هٿ مٿي ڪيا ۽ فرمايائون:

اللهم موالينا او لاعلينا

برسات بند ٿي وئي آسمان صاف ٿي ويو سج نڪتو جڏهن ته مديني جي ٻاهران برسات وسي رهي هئي.(13)

ٽيون قسم: نيڪ عمل جي ذريعي توسل

ان قسم کي به اهل سنت وارا قبول ڪن ٿا ۽ هڪ قصو به پاڻ سڳورنص کان نقل ڪن ٿا: ته پاڻ سڳورنص فرمايو: ته بني اسرائيل جي زماني ۾ ٽي ماڻهو غار ۾ ويا ۽ خداوند عالم جي ارادي سان اهو دروازو پٿر سان بند ٿي ويو. انهن دروازي کولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ان پٿر جي تختي کي پري ڪري نه سگهيا جڏهن مجبور ٿيا ته پاڻ ۾ صلاح ڪيائون: خدا سان پنهنجي ڪنهن نيڪ عمل جي واسطي توسل ڪريون ته انهن مان هڪ پنهنجي پيءَ ۽ ماءُ سان جيڪا نيڪي ۽ احسان ڪيو ان جو داستان بيان ڪيائين پوءِ چيائين:

اللهم ان  كنت فعلت ذالك ابتغاء وجهك فاصرف عنا ما نحن

خدايا جيڪڏهن منهنجو عمل تنهنجي رضايت لاءِ هو ته تون اسان کي ان گرفتاري مان نجات ڏي 

ان پٿر ڪجهه پنهنجي جاءِ کان هٽيو ۽ وري انهن مان ٻئي به پنهنجي هوس ۽ شهوت جو داستان شروع ڪندي چوڻ لڳو ته: مون کي نفساني خواهش اچي ستايو ۽ اها پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي پڦي جي ڌيءَ کي ورغلايم ۽ هو به ان ڳالهه تي راضي ٿي پر مون آخري وقت ۾ ان کي چيو ”اتق الله“ الله کان ڊڄ اهو ٻڌي مونکي خدا جو خوف ٿيو ۽ ان بري ڪم کان پاسو ڪيم ته ان شخص ان عمل جو واسطو ڏئي دعا گهري جنهن سان ڪجهه پٿر هٽيو ۽ انهن مان ٽئين شخص وري پنهنجو داستان شروع ڪيو ته: مون وٽ مزدور ڪم ڪندا هئا ۽ جڏهن ڪم تان لهندا هئا ته انهن کي پئسا ڏيندو هيس هڪ ڏينهن هڪ مزدور لاءِ پئسا نه هئا جو ان کي ڏيان ته ان مزدور کي چيم ته منهنجو ڪو اٺ يا گهيٽو جيڪو چاهين ڪاهي وڃ اهو ڪم به پالڻهار رضايت خاطر انجام ڏنم ۽ پوءِ ان به انهي عمل سان توسل ڪيو بس ٽئين شخص جي توسل ڪرڻ سان پورو پٿر دروازي تان هٽي ويو ۽ غار جو دروازو کلي ويو(14)

بس ان داستان ۽ قصي مان معلوم ٿيو ته نيڪ عمل سان توسل ڪرڻ جائز آهي.

ڇوٿون قسم: اهڙن امور سان توسل ڪرڻ جن جي باري ۾ شريعت ڪجهه به نه چيو آهي.

هن قسم جي وضاحت هن ريت آهي ته انسان اهڙي شخص سان توسل ڪري جنهن جو وڏو مقام آهي مثال طور مثلاً هن لفظن سان توسل ڪري:

اللهم اني اسئلكبما تبيككذا و كذا يا مثال طور چوي:  اللهم اغفرلي بحق الصالحين بحق محمد او بحرمة النبي او بجاه الانبياء او بكنز الانبياء

وهابي ان قسم جي توسل کي بدعت چون ٿا جڏهن ته اهو عمل شرڪ ناهي(15)

پنجون قسم: مشرڪن جو توسل بتن سان

هيءَ قسم به ٻنهي فريقن (شيعه اهل سنت) وٽ بدعت ۽ شرڪ آهي ڇو جو خداوند عالم قرآن ۾ فرمائي ٿو ته:

(وَ مَنْ أَضَلُّ مِمَّن يَدْعُواْ مِن دُونِ اللّهِ مَن لَّا يَسْتَجِيبُ لَهُ إِلىَ‏ يَوْمِ الْقِيَمَةِ وَ هُمْ عَن دُعَائهِمْ غَافِلُون) ”سورت الاحقاف، آيت 5

ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير گمراهي ۾ آهي جيڪو خدا کان علاوه ٻئي کي سڏي ٿو جيڪو قيامت تائين (انهي سڏ جو) جواب نه ٿو ڏئي جڏهن ته انهن جا معبود انهن جي سڏڻ کان غافل آهن ۽ اهڙي نموني سان هيءَ آيت ان مطلب تي به گواهه آهي ته بتن کي سڏڻ يا انهن جي عبادت ڪرڻ بدعت ۽ شرڪ آهي. ”سوره مومنون/ آيت117 “

آيا نيڪ انسان کي سندس  موت کانپوءِ وسيلو قرار ڏيڻ جائز آهي.

وهابي نيڪ انسان سان توسل ڪرڻ ايستائين جو پيغمبر اسلام(ص) سان سندن وفات کانپوءِ توسل کي بدعت ۽ شرڪ چون ٿا پر اهلسنت جي تفسيري ڪتابن ۾ ڪجهه تاريخي واقعا نقل ڪيا ويا آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته پيغمبر اسلامص جي هن دنيا مان وداع ڪرڻ کانپوءِ توسل ڪيو ويو آهي پر وهابي انهن واقعن کي ڪوڙو سمجهن ٿا هن داستان تي توجه ڪندا ته هڪ اعرابي شخص پاڻ سڳورنص جي قبر مطهر تي آيو ۽ عرض ڪيائين:

السلام عليك يا رسول الله سمعت الله يقول وما ارسلنا من رسول الا ليطاع باذن الله  ولو انهم اذ ظلموا انفُسهم جاؤك فاستغفرو الله واستغفر لهم الرسول لوجدوا الله توابا رحيماً ان آيت جي تلاوت کان پوءِ چيائين: ”قد جئتك مستغفري من ذنوبي مستشفعا بك الي ربي..“ هي داستان اهل سنت جي ڪتابن ۾ آيو آهي.(16)

پر وهابي ان داستان کي ٺڪرائيندي چون ٿا ”فهذا كذب ولا نصح“ هي داستان ڪوڙو آهي ۽ اسان ان کي صحيح نه ٿا سمجهون، چون ٿا ته: هيءَ آيت فقط پاڻ سڳورنص جي حيات سان رابطو رکي ٿي سندس وفات کان پوءِ ان جو واسطو ناهي پر اهو وهابين جو باطل نظريو آهي ڇو جو الله تعالى هن آيت ۾ بيان ڪري ٿو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو اٿوَ يا ڪو گناهه ڪيو اٿوَ ته وڃو منهنجي نبي جي وسيلي سان استغفار ڪيو ان آيت ۾ خدا اهو بيان ٿو ڪري ته نبي وٽ وڃو پوءِ چاهي زنده هجي يا نه هجي، بس ان آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي گناهن جي مغفرت لاءِ نبي اڪرمص سان توسل ڪرڻ گهرجي چاهي زنده هجي يا هن دنيا مان هليو ويو هجي هر حال ۾ توسل جائز آهي بس شيعن ۽ وهابين ۾ اختلاف فقط ان ئي قسم جي توسل ۾ آهي چون ٿا ته انبياء ۽ خدا جي اولياء سان مرڻ کان پوءِ به توسل جائز ناهي، اهڙو توسل بدعت ۽ شرڪ آهي پر شيعن وٽ انبياء ۽ خدا جي اولياء ۽ نيڪ بندن سان توسل ڪرڻ چاهي زنده هجن يا هن دنيا مان وڃي چڪا هجن ته به انهن جي قبرن تي وڃڻ جائز آهي.

 

هلندڙ......

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي