جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

وسيلو ۽ قرآن (3 ۽ آخري)

توسل جي جائز هجڻ تي ڪجهه دليلون

توسل قرآن جي نظر ۾:

قرآن توسل جي باري ۾ تمام واضح آيت آهي جنهن ۾ پاڻ سڳورنص سان توسل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي اها هيءَ آهي:

 

وَ لَوْ أَنَّهُمْ إِذ ظَّلَمُواْ أَنفُسَهُمْ جَاءُوكَ فَاسْتَغْفَرُواْ اللَّهَ وَ اسْتَغْفَرَ لَهُمُ الرَّسُولُ لَوَجَدُواْ اللَّهَ تَوَّابًا رَّحِيم   سورت نساء/ آيت 64

جيڪڏهن انهن ماڻهن پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪن ته اي نبي جي تو وٽ اچن ها ۽ خدا کان بخشش ۽ مغفرت گهرن ۽ رسولص به انهن لاءِ استغفار ڪري ته خدا کي گهڻو توبه قبول ڪرڻ وارو ۽ مهربان پائيندا.

هيءَ آيت رسول اللهص ۽ امام (ع) سان توسل ڪرڻ کي شرڪ ۽ بدعت چوڻ وارن جي نطرئي کي باطل ڪري رهي آهي ڇو جو هيءَ آيت گناهگارن کي پاڻ سڳورنص ڏي اچڻ ۽ کين وسيلو قرار ڏيڻ جو واضح طور دستو ڏئي ٿي.

خداوند عالم به پاڻ سڳورنص ۽ معصومينF جي واسطي سان انهن جي توبه کي قبول ڪري ٿو جيڪڏهن توسل، استغفار، دعا ۽ شفاعت پاڻ سڳورنص جو واسطو ڏيڻ شرڪ هجي ها ته قرآن ڪريم گنهگارن کي ڪيئن اهو حڪم ۽ دستور ڏي ها ته نبي وٽ وڃن غور طلب ڳالهه آهي تهاهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته خدا هڪ ئي زماني ۾ اجازت ڏي ته هي ڪم توهان لاءِ جائز آهي ۽ انهي وقت ۾ وري چوي ته جائز ڪونهي اهو ته خود خدا جي قرآن ۾ اختلاف جو سبب جيڪو خدا جي ذات کان محال آهي ته اهڙو حڪم ڏي.

۽ ٻي ڳالهه ته اسان پنهنجا گناهه نبيص يا امام کان معاف نٿا ڪرايون بلڪه نبي يا امام کي واسطو ٿا بڻايون ڇو جو کانئن وڌيڪ ٻيو ڪوبه هن دنيا ۾ خدا وٽ عزت جي لائق ڪونهي ڪهڙي مذهب وارو ان کي شرڪ ۽ بدعت چئي ٿو، بلڪه اهي خدا جا نمائندا آهن انهن کي واسطو ۽ شفيع قرار ڏيڻ خالص عبادت آهي. ۽ اهلسنت جي تفسير جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته: فَاسْتَغْفَرُوا اللَّهَ من ذلك بالإخلاص، و بالغوا في الاعتذار إليك من إيذائك بردّ قضائك، حتى انتصبت شفيعا لهم إلى اللَّه و مستغفراً لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوَّاباً لعلموه توابا، أى لتاب عليهم. و لم يقل: و استغفرت لهم، و عدل عنه إلى طريقة الالتفات، تفخيما لشأن رسول اللَّه صلى اللَّه عليه و سلم و تعظيما لاستغفاره، و تنبيها على أن شفاعة من اسمه الرسول‏(17)

هن پوري عبارت مان جيڪا اهل سنت جي وڏي عالم نقل ڪئي آهي معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سڳوراص بذات خود خدا جي طرفان شفاعت ڪرڻ لاءِ چونڊيا ويا آهن خدا جي حڪم سان اسان جي شفاعت ڪن ٿا جيڪي به موحد ۽ توحيد پرست آهن انهن لاءِ ضروري آهي ته نبيص ۽ معصومين F سان توسل ڪندي الله جي نزديڪ ٿين.

توسل تي سيرت مان دليل:

الف: پاڻ سڳورنص جي سيرت

ان سلسلي ۾ هن روايت تي توجهه ڪيو:

هڪ شخص بيابان ۾ زندگي گذاريندو هو پاڻ سڳورنص جي خدمت ۾ آيو ۽ ڪجهه شعر پڙهي پاڻ سڳورنص کي وسيلو ٿيڻ لاءِ عرض ڪيائين ۽ چيائين يا رسول الله خدا کان برسات وسڻ لاءِ دعا فرمايو پاڻ سڳورنص منبر تي وڃي دعا ڪيائون ته برسات وسڻ شروع ٿي وئي. (18) بخاري ان روايت کي نقل ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ لکي ٿو ته جڏهن برسات وسڻ شروع ڪيو ته حضرت علي (ع) حضرت ابو طالب جو هڪ شعر خود رسول الله جي شان ۾ پڙهيو  ته رسول اللهص ڏاڍو خوش ٿيا ۽ رسول جي صورت مبارڪ تي خوشي ۽ رضايت جا آثار ظاهر ٿيا (19)

ب: صحابه ۽ ۽ علماءِ ڪرام جي سيرت:

ابو جوزا روايت ڪري ٿو ته مديني ۾ قحط آيو مديني وارا عايشه وٽ آيا عايشه چيو ته رسول اللهص جي قبر تي وڃو ۽ سندن قبر مٿان جيڪا ڇت آهي ان کي پري ڪيو جيئن رسولص جي قبر ۽ آسمان جي وچ ۾ رڪاوٽ نه هجي ماڻهن ائين ئي ڪيو برسات وسڻ شروع ٿي وئي زمينون سايون ۽ اٺن جون کلون به سايون ٿي ويون ان کان پوءِ ان سال جو نالو ”عام الفتق“ رکيائون. (20)

مالڪي مذهب جو امام مالڪ چوي ٿو:

عباسي حڪومت ٻيو خليفو منصور دوانيقي جو جنهن سال حج تي ويو ته رسول پاڪص جي قبر تي زيارت ڪرڻ ويو زيارت ڪرڻ جي دوران امام مالڪ ان کان پڇيو ته: اي امير هتي رسول اللهص جو حرم ۽ روضو آهي پنهنجي آواز کي آهستي ڪر ڇاڪاڻ ته خدا، رسولص جي احترام ۽ ادب لاءِ ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي ته ”لاترفعو اصواتكم فوق صوت النبي“ سورت حجرات/ آيت 2

پنهنجي آوازن کي نبي جي آوازن کان مٿانهون نه ڪيو.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته رسول خدا جو احترام ۽ عزت هن دنيا مان لاڏاڻي ڪرڻ کانپوءِ به ائين ئي واجب آهي جيئن رسول الله ص جي حيات ۾ واجب ۽ لازم هو.

منصور اهڙي ڳالهه ٻڌڻ  کان پوءِ احترام رسول الله جي روضي جو احترام ڪرڻ ان کان پوءِ مالڪ کي ڇا دعا جي وقت پنهنجو چهرو قبلي ڏانهن ڪيان يا رسول اللهص جي قبر ڏانهن هجي، مالڪ چيس: ته رسول خداص خدا تائين پهچڻ لاءِ تنهنجو به وسيلو آهي ۽ تنهنجي پيءَ آدم(ع) جو به وسيلو آهي تنهن ڪري پنهنجو چهرو رسول خداص جي طرف ڪر ۽ ان جي شفاعت سان خدا جي نزديڪ ٿي ته جيئن خدا تنهنجي دعا کي قبول ڪري ۽ امام مالڪ سورت حجرات جي آيت نمبر 2 کي دليل طور پيش ڪيو.(21)

اهل سنت جي علماء جون فتوائون:

ابن حجر پنهنجي هڪ فتوا ۾ چيو اٿس ته: ڪجهه اجاين ۽ برين ڳالهين جهڙوڪ مردن ۽ عورتن جي گڏجي وڃڻ جي ڪري زيارت نه ڇڏڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته: زيارت جي معنى خدا جي قريب ٿيڻ آهي تنهن ڪري انهن فسادن ۽ براين جي ڪري زيارت نٿي ڇڏي سگهجي بلڪه انسان تي لازم آهي ان فعل کي انجام ڏي ۽ ٻين کي به شوق ڏياري ته جيئن سڀ ماڻهو زيارت تي وڃن(22)

دعاي توسل

جيڪڏهن انسان دعائن ۽ زيارتن جي ڪلمات ۾ توجه ڪري جيڪي معصومين F کان اسان تائين پهتيون آهن ۽ اهڙي ريت شيعن وٽ جيڪي مشهور دعائون ۽ زيارتنامه آهن انهن ۾ غور ۽ فڪر ڪري ته سڄي حقيقت معلوم ۽ واضح ٿي وڃي ٿي ته زيارتون ۽ دعا پڙهڻ، توسل ڪرڻ سان انسان خدا جي بارگاهه ۾ ادب ۽ تواضع جي آخري مرتبي تي پهچي ٿو.

هتي دعا توسل ۾ جيڪي الفاظ آيا آهن انهن کي تبرڪ طور تي پيش ڪجي ٿو:

يا سادَتي وَمَوالِيَّ اِنّي تَوَجَّهْتُ بِكُمْ اَئِمَّتي وَعُدَّتي لِيَوْمِ فَقْري وَحاجَتي  اِلَى  اللّهِ وَ تَوَسَّلْتُ بِكُمْ  

اِلَى  اللّهِ وَاسْتَشْفَعْتُ بِكُمْ اِلَى  اللّهِ، فَاشْفَعُوا لي عِنْدَ اللّهِ وَاسْتَنْقِذُوني  مِنْ ذُنُوبي عِنْدَ اللّهِ، فَاِنَّكُمْ وَسيلَتي اِلَى اللّهِ وَبِحُبِّكُمْ  وَبِقُرْبِكُمْ اَرْجُو نَجاةً مِنَ اللّهِ فَكُونُوا عِنْدَ اللّهِ رَجائي يا سادَتي يا اَوْلِياءَ اللّهِ صَلَّى اللّهِعَلَيْهِمْ اَجْمَعينَ

 وَلَعَنَ اللّهِ اَعْداءَ اللّهِ ظالِميهِمْ مِنَ الاْوَّلينَ وَالاْخِرينَ آمينَ رَبَّ الْعالَمينَ.

جيڪڏهن غور ۽ فڪر ڪيو دعاءِ توسل جي معنى ۾ وڃي ته اسان جيڪي به حاجتون خدا کان گهرون ٿا ته انهن ۾ هر جملي کانپوءِ اعتراف ڪيو ٿو وڃي ته توهان اولياء خدا آهيو تنهنجي ڪري توهان کي خدا جي بارگاهه ۾ وسيلو قرار ڏيان ٿو.

هن پوري ۽ مختصر مقالي مان اهو نتيجو نڪتو ته ابن تيميه، محمد بن عبدالوهاب ۽ انهن جا پيروڪار جيڪي تمام مسلمانن تي توسل جي ڪري شرڪ ۽ بدعت جون تهمتون ٿا لڳائن نه انهن جو ڪو بنياد آهي ۽ نه ئي شريعت مقدس ۾ توسل کان منع ڪئي وئي آهي.

حوالا

1)زيارت القبور والاستنجاد، ص 156 ۽ رجوع ڪيو کشف الشبهات مجموع مولفان شيخ محمد بن الوهاب تاريخ نجد و آل سعود

2)ساڳيو.

3)التوسل والوسيله 18، 19

4)لسان العرب والمنجد (و. س .ل) جي مادي ۾ ۽ مفردات راغب (و، س، ل) جي مادي ۾ مجمع البحرين تفسير کشاف ۽ تفسير فخر رازي سورت مائده آيت 35 جي ذيل ۾ لکن ٿا.

5)لسان العرب ج 11 ص124

6)ابولوز، ابو انس علي بن حسين التوسل، اقسامه واحڪامه  ص 15

7)    سبحاني جعفر فرهنگ عقايد و مذاهب اسلامي ج3 باب اقسام توحيد

8)    جامع احکام القرآن، قرطبي، ج3، ص249 و 250.

9)    تفسير روح المعاني آلوسي، ج1، ص 20 ۽ تفسير در المنثور سيوطي ج1، ص216.

10)الاسباني في صحيح الترمذي ص 2796

11)صحيفه سجاديه، امام سجاد عليه السلام جي هڪ دعا جو حصو

12)مجموع فتواي ۽ رسائل الشيخ ابن عثمين ج2، ص 352.

13)صحيح بخاري حديث 1021 ۽ صحيح مسلم ، حديث 798.

14)صحيح بخاري حديث 2272 ۽ صحيح مسلم ح 2743

15)مجمموع فتاوي عثمين ج 2 ص

16)تفسير ابن ڪثير، سورت نساء آيت 64

17)زمخشري ، الکشاف عن الحقائق غوامص التنزيل ج1 ص 538

18)کشف الارتياب ص 310

19)کشف الارثياب ص 310 و 311

20)دارمي، ج1، ص 56

21)ڪتاب اوفاء الوفاء ج4 ص 1276.

22)ردّ المختار ج6، ص 665

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي