Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

اعتڪاف جي فضيلت قرآن ۽ حديث جي روشني ۾

لغت   معني

اعتڪاف جو لفظ عڪف مان ورتل آهي ۽ لغت ۾ صاحب جواهر هن ريت لکيو آهي ته:

هو الاحتباس   يعني قيد ڪرڻ

اصطلاح : 

علمائن اعتڪاف مختلف اصطلاحي معنائون بيان ڪيون آهن.

1 . خاص شرطن ۽ آداب سان مسجد ۾ ترسڻ

2 . هڪ خاص قسم جو پاڻ کي مقيد ۽ قيد ڪرڻ.

3 .  عبادت لاءِ طولاني ترسڻ.

4 . عبادت لاءِ مخصوص قسم جو ترسڻ.

5 . جامع مسجد ۾ عبادت لاءِ روزي جي حالت ۾ٽي يا ٽن ڏينهن کان وڌيڪ ترسڻ

  1. جامع مسجد ۾ ابتدا ۾ روزي جي شرط سان ترسڻ.

اعتڪاف جو هڪ عبادت هجڻ

انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اعتڪاف هڪ عبادت آهي ۽ هن جي عبادت هجڻ قرآن، روايتون، اجماع ۽ عقل  جي ذريعي سان ثابت آهي، هاڻي اسان انهن کي دليلن کي ڪجهه تفصيل سان بيان ڪريون ٿا:ا

قرآن

  1. ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى اللَّيْلِ وَ لا تُبَاشِرُوهُنَّ وَ أَنْتُمْ عاكِفُونَ فِي الْمَساجِدِ (2)

پوءِ روزي کي رات تائين پورو ڪريو ۽ مسجدن ۾ اعتڪاف جي حالت ۾ عورتن سان جماع نه ڪريو.

  1. 2. وَ عَهِدْنا إِلى‏ إِبْراهيمَ وَ إِسْماعيلَ أَنْ طَهِّرا بَيْتِيَ لِلطَّائِفينَ وَ الْعاكِفينَ وَ الرُّكَّعِ السُّجُود.(3)

۽ اسان عهد ورتو ابراهيم ۽ اسماعيل کان ته منهنجي گھر کي طواف ۽ اعتڪاف ڪرڻ وارن لاءِ ۽ رڪوع ۽ سجدا ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ ڪريو.(4)

حديثون

1_ امام صادق(ع) فرمايو: رسول اڪرم(ص)جڏهن مهيني جي آخر ۾ ڏھ ڏينهن بچندا هئا ته مسجد ۾ اعتڪاف ڪندا هئا. ۽ مؤمنين نبي ڪريم(ص)لاءِ تنبو هڻندا هئا، پاڻ ڪريم عبادت لاءِ تيار ٿيندا هئا ۽ پنهنجو هنڌ، بسترو ويڙهي ڇڏيندا هئا.(5)

2 _ امام صادق(ع) فرمايو:  بدر جي جنگ رمضان المبارڪ ۾ لڳي ۽ انهن ڏينهن ۾ رسول ڪريم(ص)کي اعتڪاف ڪرڻ جي فرصت نه ملي، جڏهن ٻئي سال جو اعتڪاف آيو ته رسول ڪريم(ص)ويھ ڏينهن اعتڪاف ۾ ويٺا، ڏھ ڏينهن هلندڙ سال جا ۽ ڏھ ڏينهن گذريل سال جا.(6)

3 _ حسن بن محبوب عمر بن يزيد کان روايت ڪئي آهي ته هو چوي ٿو: امام صادق(ع) کي عرض ڪيو ته بغداد جي مسجدن منجھان ڪنهن هڪ مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ جي باري ۾ اوهان جي نظر ڇا آهي؟ امام(ع) فرمايو: سواءِ ان مسجد جي جنهن ۾ عادل شخص جماعت نه پڙهائي اعتڪاف نه ڪر. (7)

4 _ امام صادق(ع) ۽ سندس ابن ڏاڏن کان نقل ٿيو آهي) رسول اڪرم(ص)فرمايو: رمضان المبارڪ ۾ ڏھ ڏينهن اعتڪاف ڪرڻ ٻن حجن ۽ عمرن جي برابر آهي.(8)

اجماع

اعتڪاف جو شرعي ۽ مستحب هجڻ تي سڀني علمائن ۽ مسلمانن جو اتفاق آهي ۽ ان تي عمل پڻ ڪن ٿا.

ڪتاب المنتهي لکيو ويو آهي ته: 

قد اجمع المسلمون علي استحبابه اعتڪاف جي مستحب هجڻ تي مسلمانن جو اجماع آهي.

عقل

عقل ان ڳالهه تي دلالت ڪري ٿو ته انسان پنهنجو پاڻ کي ڪجھ مدت لاءِ لذتن کان قيد ڪري ۽ انهن کان دُور رهي ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان انسان جو روح قوي ٿيندو ۽ ارادو مضبوط ٿيندو، ان حال ۾ ته اهو قيد ڪرڻ محبوب جي گھر (مسجد) ۾ آهي. ۽ هر حبيب ۽ دوست پنهنجي حبيب جي گھر ۾ ترسڻ ۽ رهڻ پسند ڪري ٿو توڻين جو محبوب اُتي نه هجي.(9)

اعتڪاف جا آداب

اعتڪاف هڪ عمل تربيتي، اخلاقي ۽ معنوي آهي جنهن ۾ جيترو ٿي سگهي ان جي آداب جي رعايت ٿئي ته ان جو اثر وڌيڪ ٿيندو.

هتي اسان ڪجهه انهن آدابن کي ذڪر ڪريون ٿا:

1: اخلاص

هر ڪم جي قيمت ان جي اخلاص سان مربوط هوندي آهي، پياري نبي سڳوري (ص)جو بيان آهي ته: من اعتكف ايمانا و احتسابا غفر له ماتقدم من ذنبه

جيڪو به شخص ايمان ۽ اخلاص سان اعتڪاف ۾ ويهندو ته ان جا ڪيل گناهه معاف ٿي ويندا.

2: نماز، قرآن جي تلاوت ۽ ذڪر جو هميشه هجڻ

اعتڪاف جو روح هميشه خدا جي ياد تي ٻڌل آهي، امير المومنين(ع) جو فرمان آهي ته: ” يلزم المعتكف المسجد ويلزم ذكر الله و التلاوه والصلوه “

اعتڪاف ڪرڻ واري کي گهرجي ته مسجد ۾ هجي جنهن ۾ الله جو ذڪر، قرآن پڙهڻ ۽ نماز جو پڙهڻ لازمي آهي.

3: دنيائي ڪمن کان پرهيز ڪرڻ

معتڪف جي لاءِ لازمي آهي ته هر قسم جي ان ڪم کان پرهيز ڪري جنهن ۾ رنگ ذائقو غير خدا جو هجي.

امير المومنين (ع) جو بيان آهي ته:

 ولايتحدث باحاديث الدنيا و...

معتڪف شخص اعتڪاف حالت ۾ دنيائي ڳالهيون نه ڪندو آهي، شعر نه پڙهندو آهي ۽ خريد فروخت نه ڪندو آهي، گار گند نه ڏيندو آهي ۽ ڪنهن سان جهيڙو جهٽو ناهي ڪندو جيترو ماڻهن سان گهٽ ڳالهائيندو اوترو بهتر آهي.

4: گناهه کي ڇڏڻ

اعتڪاف جي حقيقي قيمت تڏهن ملندي جڏهن هي گناهه کي ترڪ ڪرڻ جو مقدمو واقع ٿئي، جيڪڏهن اعتڪاف جي فضا گناهه سان آلوده هوندي ته سڀ زحمتون پايمال ٿي وينديون.

ان ڪري پاڻ سڳوري(ص) جو فرمان آهي ته: جيڪڏهن معتڪف گناهن کان پري ٿيندو ته مڙني نيڪين جي پاداش ان کي نصيب ٿيندي.

5: مسجد جي حرمت جو خيال رکڻ

جڏهن کان وٺي انسان اعتڪاف واري ٽائيم تي مسجد ۾ موجود آهي ته مسجد جي آداب ۽ ان جي حرمت خيال ڪرڻ ان فرد تي لازمي آهي، امام صادق (ع) فرمائن ٿا ته  انما امر بتعظيم المساجد لانها بيوت الله في الارض

۽ امام صادق (ع) فرمايو آهي ته: ملعون ملعون من لم يوقرالمسجد

ملعون آهي ملعون آهي اهو شخص جنهن مسجد جو احترام نه ٿو رکي.

حديثن ۾ آهي ته وضو سان هجڻ، مسجد جي صفائي سان، صاف سٿرو رهڻ. دنياوي ڳالهين کان پرهيز ڪرڻ مسجد جي احترام منجهان شمار ٿئي ٿو.

6: اعتڪاف ڪندڙن جي حقوق جي رعايت ڪرڻ:

اعتڪاف هڪ عبادت گڏيل ۽ گروپ سان انجام ڏني ٿي وڃي ان ڪري هڪٻئي جي حق جو خيال رکڻ لازمي آهي ان ڪري ڪو به شخص اهو حق نه ٿو رکي ته جيئن چاهي عبادت ڪري ۽ وڏي آواز سان دعائون پڙهي، ٻين لاءِ مزاحمت ايجاد ڪري يا جتي چاهي اٿي ويهي ۽ ٻين جي حقن جو خيال نه رکي ۽ انهن جي آزار جو سبب بڻجي اسلام ۽ قرآن ۾ آهي ته هڪ ٻئي جي حقن جي رعايت ڪرڻ لازمي آهي.

هڪ مرتبه مسجد ۾ اعتڪاف جي حالت ۾ هئا ته متوجه ٿيا ته ڪجهه ماڻهو وڏي آواز سان قرآن جي تلاوت ڪري ۽ نماز پڙهي رهيا هئا ته فرمايائون: الا ان كلكم يناجي زبه فلايوذ بعضكم بعضا ولايرفعنّ بعضكم علي بعض في القرائه

ڄاڻي وٺو ته توهان سڀ جا سڀ پنهنجي خدا سان راز و نياز ڪريو پيا ته ڪجهه توهان منجهان ڪجهن کي آزار نه ڏيو ۽ قرائت جي وقت پنهنجي آواز کي بلند نه ڪيو.

اعتڪاف جو صحيح هجڻ

مسلمان جو اعتڪاف ڪرڻ صحيح آهي ڇاڪاڻ ته ڪافر قربت جي نيّت ڪرڻ ڪافر لاءِ ممڪن ناهي. ۽ ٻيو اهو ته ڪافر لاءِ مسجد ۾ ترسڻ حرام آهي، بلڪه اعتڪاف ۾ ايمان جي پڻ شرط آهي. ليڪن مڪلف (جنهن تي شرعي احڪام لاڳو ٿين ٿا) ۽ جيڪو ڀلي ۽ بري کي سمجھندڙ ٻار آهي ان جو اعتڪاف ۾ ويهڻ صحيح آهي ان لاءِ ته ان جي عبادت شرعي طور تي صحيح آهي.

اعتڪاف جو وقت

اعتڪاف ۾ ويهڻ واري لاءِ بهتر آهي ته رمضان المبارڪ ۾ ويهينءَ جي ڏينهن سج لهڻ کان پهريان پنهنجي پوري بندوبست ۽ تياريءَ سان مسجد ۾ داخل ٿي وڃي، ته جيئين ايڪويهينءَ جي رات مان ڪائي شيءِ رهجي نه وڃيس ۽ عيد کان پهريان سج لهي وڃڻ کانپوءِ اعتڪاف مان نڪري. جيڪڏهن عيد جي رات اعتڪاف ۾ رهي ۽ اعتڪاف جي حالت ۾ ان مسجد ۾ عيد جي نماز پڙهي يا اُتان کان عيد نماز لاءِ عيدگاھ جي طرف نڪري ته اهو بهتر آهي.(10)

اعتڪاف جا شرط

  1. نيّت:اعتڪاف ۾ ويهڻ لاءِ ان جي نيّت ڪرڻ شرط آهي، انَ جي شرط هجڻ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي ان لاءِ ته اعتڪاف عبادت آهي۽ انهيءَ عبادت کي انجام ڏيڻ جي نيّت سان اعتڪاف ڪجي، نيت ڪرڻ جو وقت اعتڪاف جي احڪام ۾ اڳتي بيان ڪندا سين.
  2. روزو:اعتڪاف ۾ ويهڻ لاءِ روزو رکڻ شرط آهي، ان ڪري اعتڪاف اهڙي زماني ۾ ڪجي جنهن ۾ روزو رکڻ صحيح هجي انهن افراد لاءِ جن جو روزو رکڻ صحيح آهي. (يعني مسلمان)

ان بناء تي عيد الاضحي ۽ عيد الفطر واري ڏينهن، اهڙي ماهواري ۽ نفاس جي حالت ۾ اعتڪاف ۾ ويهڻ صحيح ناهي.

  1. ٽي ڏينهن:اعتڪاف ۾ ٽن ڏينهن کان گھٽ نه ويهڻ گھرجي، جن جي وچ ۾ٻه راتيون هجن.
  2. مسجد :اعتڪاف مسجد ۾ ڪرڻ گھرجي، ان حڪم ۾ مرد ۽ عورت ۾ ڪوئي فرق ناهي.
  3. مولا جي اجازت:اعتڪاف ۾ ويهڻ لاءِ پنهنجي مولا(جنهنجي ان تي ولايت ۽ سرپرستي آ) جي اجازت هجي. لهذا گھرواري پنهنجي مڙس کان ۽ غلام پنهنجي آقا ۽ مولا کان اجازت وٺي.
  4. تسلسل:مسلسل (لڳاتار) ڏينهن ۽ رات مسجد ۾ ترسيل هجن ايستائين جو انهن جو اعتڪاف پورو ٿي وڃي. ان تي علماء جو اتفاق آهي. لهذا اخرياري طور تي مسجد لان نڪري وڃڻ سان اعتڪاف باطل ٿي ويندو توڻين جو ٿورڙووقت ٻاهر نڪري، سواءِ انهن جڳهن جي جتي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت آهي.(11)

اعتڪاف جو ختم ٿيڻ

هيٺين جڳهن ۾ اعتڪاف ختم ٿي وڃي ٿو.

  1. جيڪڏهن عورت کي حيض(ماهواري) يا نفاس (ٻار ڄمڻ وقت جيڪو خون اچي ٿو) اچي وڃي، جڏهن ان جو واجب اعتڪاف نه هجي، پر جي واجب اعتڪاف هجيس ته پاڪائيءَ کانپوءِ اعتڪاف پورو ڪرڻ گھرجيس.
  2. جڏهن اعتڪاف ۾ ويهڻ وارو بيمار ٿي پوي ۽ ان جومسجد ۾ علاج ڪرڻ ممڪن نه هجي.
  3. جڏهن احرام واري کي عرفه ۽ مشعر جي رهجي وڃڻ جو خوف هجي.
  4. جنهن شخص کي پنهنجو پاڻ يا پنهنجي مال تي خوف هجي.(12)

حرام ڪم

اعتڪاف ڪرڻ واري تي ڪجھ شيون حرام آهن.

  1. عورتن سان مجامعت (همبستري)ڪرڻ ۽ شهوت سان انهن کي ڇهڻ ۽ چُمي ڏيڻ.
  2. استمناء ڪرڻ(يعني پاڻ سان اهڙو ڪم ڪرڻ جو مني نڪري اچي).
  3. لذت حاصل ڪرڻ لاءِ خوشبو ۽ گل سنگھڻ.
  4. خريداري ۽ وڪرو ڪرڻ، بلڪه هر قسم جي تجارت ۽ واپار ڪرڻ حرام آهي.(احوط قول موجب).
  5. ديني يا دنيوي ڪمن ۾ ڪنهن سان جھڳڙو(جدل) ڪرڻ ان تي پنهنجي سوڀَ، غلبو ۽ فضيلت  ظاهر ڪرڻ لاءِ پر جي جھڳڙو دشمن کي ردّ ڪرڻ ۽ حق کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هجي ته ان ۾ ڪو عيب ناهي بلڪه افضل اطاعت آهي. بس مجادلي ۾ دارومدار نيت تي آهي.(13)
  6. ڏينهن جو روزو کولڻ.(14)

اعتڪاف جا احڪام

  1. اعتڪاف جي نيّت صبح جي ٻانگ سان ڪجي جنهن سان ڏينهن جي شروعات ٿئي ٿي.
  2. اعتڪاف۾ روزو رکڻ لازمي ناهي ته اعتڪاف جي لاءِ ئي هجي، بلڪي رمضان المبارڪ جو روزو، ان جي قضا، يا نذر ۽ باس جو روزو رکي سگھي ٿو.
  3. مستحبي اعتڪاف کي ختم ڪرڻ ۽ ٽوڙڻ پهرين ۽ ٻئي ڏينهن جائز آهي ليڪن ٻه ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ، ٽيون ڏينهن اعتڪاف ۾ ويهڻ واجب آهي. ۽ انکي ٽوڙڻ جائز ناهي.
  4. جيڪڏهن ڄاڻي واڻي اعتڪاف ڪندڙ مسجد مان نڪري ته ان جو اعتڪاف باطل(ختم) ٿي ويندو، توڻين جو حڪم جي خبر نه هجيس ليڪن ضرورت جي ڪري مسجد مان نڪرڻ ۾ ڪوئي عيب ناهي توڻين اُها ضرورت عقلي، شرعي، يا عرفي هجي. جيئن ته هيٺ بيان ڪيل جڳهن ۾ مسجد مان ٻاهر نڪري سگھي ٿو.(15) جنهن کي مستثنيات خروج حرمت چئبو آهي، يعني انهن جڳهن تي مسجد مان نڪرڻ جي اجازت آهي. ۽ نڪرڻ ۾ ڪوئي عيب۽ اشڪال ناهي. مستثنيات کي بيان ڪرڻ کان پهريان انهيءَ جو ڪلي قائدو ۽ ضابطو بيان ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو.

ڪلي قاعدو ۽ ضابطو

اعتڪاف مان نڪرڻ هر انهيءَ ڪم لاءِ جائز آهي جنهن جي لاءِ نڪرڻ ضروري هجي، ۽ اهو ڪم مسجد ۾ انجام نه ڏئي سگھجي جيئن کائڻ ۽ پيئڻ وارين شين لاءِ نڪرڻ جڏهن ٻيو

ڪوئي نه هجي جيڪو اھي شيون ان تائين پهچائي.

اعتڪاف ڪندڙ جو مسجد مان نڪرڻ

  1. حاجت روائيءَ لاءِ، ڪوشش ڪري اهڙي رستي کان وڃي جنهن ۾ جلدي ٿئي ۽ جيڪو ويجھو هجي.
  2. واجب غسل(جنابت) ڪرڻ لاءِ.
  3. ميت جي تشييع، نماز، ۽ دفن ڪرڻ لاءِ ڇاڪاڻ ته اها پسنديده عبادت آهي.
  4. ڪورٽ ۾ گواهي ڏيڻ ۽ وٺڻ لاءِ جيڪڏهن گواهي ڏيڻ ۽ وٺڻ ٻئي اعتڪاف ڪندڙ جي نڪرڻ تي منحصر هجن تعين جي صورت ۾ ته ان ۾ ڪوئي عيب ۽ اشڪال ناهي.
  5. مريض جي عيادت ۽ احوال پرسيءَ لاءِ.
  6. جمعي جي نماز لاءِ.(16)
  7. سفر تي ويندڙ مسافر کي اڳتي ڪرڻ لاءِ ۽ آيل مسافر جي استقبال لاءِ. (17)

 

حوالا

(1) الفقه ڪتاب الاعتڪاف، مولف: سيد محمد الحسيني شيرازي، صفحو 5.

(2) سورت البقره، آيت187.

(3) سورت البقره، آيت125. 

(4) غنائم الايام في مسائل الحرام والحلال، صفحو167.

5) ترجمه و شرح من لا يحضره الفقيه، ج2،حديث نمبر2087 .

6) ساڳيو، حديث نمبر2088 .

7) ساڳيو، حديث نمبر2089 .

8) ساڳيو، حديث نمبر20101 .

9) غنائم الايام في مسائل الحرام والحلال، صفحو167.

10) الفقه ڪتاب الاعتڪاف، صفحو6.

11) غنائم الايام في مسائل الحرام والحلال، صفحو 171، 183

12) هدايه العباد الي فتاوي صاحب السداد قدس سره، صفحو 230.

13) غنائم الايام في مسائل الحرام والحلال، صفحو 107

14) هدايه العباد الي فتاوي صاحب السداد قدس سره، صفحو 230.

15) آموزش فقه، مولف: آقاي فلاح زاده ، صفحو 224.

16) غنائم الايام في مسائل الحرام والحلال، صفحو 219 .

17) آموزش فقه ، صفحو 224 .

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي