Wednesday, 20 June 2018 - Wed 06 20 2018

منو

اصحاب رَسّ جو داستان

ڌڻي پاڪ جي هن ڌرتيءَ تي ڪجهه اهڙا اوگها انسان ٿي گذريا آهن جن پنهنجي وجود جي واڳ پنهنجي عقل جي حوالي ڪري هميشه انهيءَ واٽ ڏانهن وک ورائي جنهن تي ربّ جي ذات راضي هجي، ۽ انهن سندن نفس جي منهن کي هر مشڪل موڙ تي چٿي پنهنجي پاند کي سدائين پليد ڇنڊن کان پري رکيو ۽ اهڙائي عظيم انسان پاڻ کانپوءِ ايندڙ هر انسان لاءِ نمونو بڻجي ويا ۽ اهڙن ئي اُلگو انسانن جا زمانو هر دور ۾ ڳڻ ڳائيندو نظر اچي ٿو.

۽ اهڙي نموني ڌڻيءَ پاڪ جي هن ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا انسان پڻ ٿي گذريا آهن جن سندس مقرر ڪيل حدن جو ڪو به خيال نه رکندي انهن کي لتاڙي بالڪل وڃي پار پيا ۽ انهن پنهنجي ان ڪُڌي ڪم ۾ ڪوبه ڇيهو نه ڇڏيو ۽ اهي سندن حقيقي مالڪ جي مخالفت ۾ صفا سينو ساهي بيٺا، پوءِ اهي هڪ دردناڪ ۽ عجيب قسم جي عذاب سان هلاڪ ڪيا ويا ۽ جيڪي انهن جا پوئلڳ هئا انهن پڻ عذاب جو چسڪو چکيو.

اهڙن حدون لتاڙيندڙ حيوان صفت انسان جي فهرست ۾ mاصحاب رسّn پڻ شامل آهن. انهن خدا پاڪ کي ڇڏي غير خدا جي پوڄا ڪئي، پنهنجي پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيو ۽ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو، پوءِ اهي اهڙيءَ طرح نابود ڪيا ويا جو ڌڻيءَ پاڪ جي هن ڌرتيءَ تي سندن نالو ۽ نشان ئي باقي نه رهيو.

اسان هن جاءِ تي «اصحاب رسّ» جي داستان تي هڪ سرسري نگاھ وجھڻ کانپوءِ سموري داستان کي قرآن ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ سربستو بيان ڪنداسين.

اصحاب رَسّ جي داستان تي سرسري نگاهه

اصحاب رسّ ڪير هئا؟ ڪٿي زندگي بسر ڪندا هئا؟ ان ۾ ڪافي اختلاف پاتو وڃي ٿو. ليڪن احاديث جي روشنيءَ ۾ سندن مختصر داستان ڪجھ هن ريت آهي: زماني جي لحاظ سان هن قوم جو تعلق حضرت سليمان نبيءَ کان پوءِ آهي، هيءَ قوم پنهنجي حقيقي خدا کي ڇڏي صَنوبر نالي هڪ وڻ جي پوڄا ڪندي هئي ۽ ان وڻ کي وڻن جو بادشاھ (شاھِ درخت) ڪري سڏيندي هئي.[1]

هن وڻ کي حضرت نوح ع جي پٽ يافث طوفان کانپوءِ روشن آب نالي هڪ ڪناري تي پوکيو هو، اصحاب رسّ جا رسّ نالي هڪ نهر جي ڪناري تي ٻارهن آباد شهر هوندا هئا، انهن جا نالا هن طرح آهن: آبان، آذر، دَي، بهمن، اِسفند، فَروردين، اُرديبهشت، خُرداد، تِير، مُرداد، شهرِيوَر ۽ مهرn. ايرانين سندن سال جي ٻارهن مهينن جا نالا اتان کان ورتا آهن ۽ هن وقت به تاريخ جي لحاظ سان ايران جي سڀني ادارن ۾ اهي ئي مهينا ۽ انهن جون تاريخون هلن ٿيون.[2]

جيئن ته اصحاب رسّ «صنوبر» وڻ جي پوڄا ڪندا هئا ۽ ان جو وڏو احترام ڪندا هئا تنهنڪري انهن ان وڻ جو ٻج ٻين علائقن ۾ پڻ پوکيو ۽ هڪ نهر کي انهن وڻن جي آبپاشيءَ جي لاءِ مخصوص (وقف) ڪري ڇڏيائون، ۽ اهو اعلان ڪرائي ڇڏيائون ته هن نهر جو پاڻي انهن وڻن جي لاءِ ئي آهي، ڪنهن کي به منجھانئس پاڻي پيئڻ جي اجازت نه آهي ايستائين جو ڪوئي پنهنجي چوپائي مال کي به ان منجهان پاڻي نه ٿو پيئاري سگھي.

جيڪڏهن ڪوئي ان نهر منجهان پاڻي پيئندو هو ته خبر پوڻ جي صورت ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيندا هئا؛ هو چوندا هئا ته: ڇو جو هيءُ اسان جي خدائن جي حيات (زندھ رهڻ) جو سرمايو آهي تنهنڪري ڪوئي به هن منجهان هڪ ڍُڪ پاڻي به نه ٿو کڻي سگھي![3]

اهي سال جي ٻارهن مهينن منجهان هر مهيني سندن ٻارهن شهرن منجهان هر شهر ۾ هڪ ڏينهن عيد طور ملهائيندا هئا ۽ شهر کان ٻاهر صنوبر نالي وڻ وٽ نڪري ويندا هئا، ان جي لاءِ قرباني ڪندا هئا، باھ ٻاري جانورن کي ذبح ڪري ان باھ ۾ وجھندا هئا، جڏهن اهو ڪچو گوشت سڙندو هو ۽ ان منجهان دونهون اٿندو هو ته هو انهيءَ دم صنوبر جي سامهون سجدي ۾ ڪري پوندا هئا ۽ سجدي جي ئي حالت ۾ تمام گھڻو روئندا هئا. (ڄڻ پنهنجي پر ۾ پنهنجي بڻايل خدا کان پنهنجي ڪرتوتن جي بخشش گھرندا هئا).

هنن جي هر شهر ۾ اها ئي رسم ۽ رواج هو. پوءِ جيئن ئي اِسفند نالي شهر جو وارو ايندو هو جيڪو هنن جي ٻارهن شهرن منجهان وڏي ۾ وڏو شهر ۽ سندن بادشاھ جو پايتخت هو ته ان موسم ۾ ٻين يارهن شهرن جا هڙئي ماڻهو ان شهر ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا، اتي اهي پنهنجي وس آهر پنهنجي مجازي خدا خاطر قربانيون به ڪندا هئا ۽ وڻ جي سامهون سجدو پڻ ڪندا هئا.

جڏهن انهن ڪفر ۽ بت پرستيءَ جو ڪو به ڇيهو نه ڇڏيو ۽ هر حساب سان ليڪو لتاڙي بيٺا ته خدا پاڪ بني اسرائيل منجهان حنظله بن صفوان[4] نالي هڪ نبيءَ کي ڏانهنِ موڪليو ته جيئن اهو کين شرڪ ۽ بت پرستيءَ کان روڪي ۽ کين اڪيلي خدا جي بندگيءَ ۽ پوڄا ڪرڻ جي دعوت ڏي. پوءِ اهو نبي ان قوم جي درميان آيو، سندن پيغمبر کين حق جي راھ ڏانهن سڏيندو رهيو ليڪن هن ڪڌي قوم پالڻهار جي پاڪ پيغمبر جي هڪ به نه ٻڌي، ۽ نبيءَ تي ايمان نه آندو. آخرڪار نبيءَ جي بددعا سان صنوبر جو وڏو وڻ سڪي ويو.

جڏهن هنن اهو لقاءُ ڏٺو ته تمام گھڻا پريشان ٿيا، منجهانئن ڪجھ چوڻ لڳا ته: ان شخص (نبيءَ) اسان جي خدائن تي جادو ڪيو آهي ۽ ڪجھ چوڻ لڳا ته: اسان جا خدا ان شخص (نبيءَ) جي ڪري اسان کان ناراض ٿي ويا (رُٺا) آهن. بهرحال پاڻ ۾ گڏجاڻيءَ کانپوءِ هنن نبيءَ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان کانپوءِ هنن هڪ وڏو کوھ کوٽي سندن پيغمبر کي منجھس اڇلايو ۽ کوھ کي ڪنهن چاپڙ يا پٿر وغيره سان ڍڪي ان جي مٿان ويهي رهيا ۽ نبيءَ جي دانهن، ڪوڪن ۽ فريادن جو آواز ٻڌندا رهيا ايستائين جو ان نبيءَ ان کوھ ۾ ئي دم ڏنو.

نبيءَ جي قتل تي مٿن ڏاڍي جي ذات ڏمر ڪيو ۽ ان قهّار جو قهر اچي ڪڙڪين ۽ پوءِ ڳاڙهي (تيز) هوا گُھلي ۽ هيٺيان کان زمين تپڻ شروع ڪيو، (جيئن لوهار لوھ جو ڪوئي اوزار ٺاهڻ خاطر لوھ کي باھ ۾ وجھندو آهي ۽ باھ جي سيڪ جي ڪري اهو لوھ آهستي آهستي تپي ڳاڙهو ٿي ويندو آهي) اهڙي ئي نموني جڏهن هنن تي خدا جو قهر ڪڙڪيو ته زمين تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، بس پوءِ اهي تيز هوا ۽ زمين جي تپش وگھي اهڙي نموني برباد ڪيا ويا جو بعد ۾ ايندڙ هر انسان جي لاءِ عبرت جو هڪ درس ڇڏي ويا. بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي، جيئن وڻي تيئن ڪري سگھي ٿو ۽ سندس عذاب کي ڪير به آڏو نه ٿو اچي سگھي. mرسّn نالي نهر تي پڻ اصحاب رسّ جو ان علائقي ۾ هلاڪ ٿيڻ کان پوءِ مٿن اهو نالو پيو.[5]

 اصحاب رَسّ مٿان انهيءَ نالي پوڻ جو سبب

اَصحاب هڪ عربي لفظ ۽ صاحِب جو جمع آهي، جنهن کي صحب ڌاتوءَ کان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنى ساٿي، سنگتي، دوست ۽ صحبتي آهي، ۽ رسّ جو لفظ مختصر ۽ صفا ٿورڙي اثر جي باقي رهجي وڃڻ جي معنىn ۾ آهي، جيئن چيو وڃي ٿو ته: رسّ الحديث فى نفسي (هن جي ٿورڙي ڳالھ منهنجي ذهن ۾ آهي، يا ٿورڙي ياد آهي) يا چيو وڃي ٿو ته: وجد رسّاً من حمي (هن پنهنجي اندرَ ۾ تپ جو ڪجھ اثر محسوس ڪيو). يا رسّ، کوھ جي معنى ۾ آهي. بس هن قوم جي مٿان اهو نالو (اصحاب رسّ) انهيءَ ڪري پيو جو هن وقت ان قوم جو صفا ٿورڙو ئي اثر يا صفا گھٽ نالو ۽ نشان باقي رهيو آهي.[6] يا هن قوم سندس پيغمبر کي کوھ ۾ اڇلايو هو جنهن کي خدا پاڪ هنن ڏانهن تبليغ خاطر موڪليو هو، تنهنڪري کين اصحاب رسّ جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي.[7]

اصحاب رَسّ قرآن مجيد جي نگاهه ۾

قرآن مجيد اصحاب رسّ کي ٻن مختلف سورتن ۾ فقط هڪ اهڙي قوم جنهن کي سندس پيغمبر کي ڪوڙو ڀانئڻ جي ڪري خدا پاڪ جي عذاب سان نابود ڪيو ويو، جي عنوان سان ياد ڪيو آهي، جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد ٿيو ٿئي ته: وَقَوْمَ نُوحٍ لَّمَّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغْرَقْنَاهُمْ وَجَعَلْنَاهُمْ لِلنَّاسِ آيَةً وَأَعْتَدْنَا لِلظَّالِمِينَ عَذَابًا أَلِيمًا. وَعَادًا وَثَمُودَ وَأَصْحَابَ الرَّسِّ وَقُرُونًا بَيْنَ ذَلِكَ كَثِيرًا. وَكُلًّا ضَرَبْنَا لَهُ الْأَمْثَالَ وَكُلًّا تَبَّرْنَا تَتْبِيرًا.[8]

۽ نوح جي قوم جڏھن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو تڏھن کين ٻوڙيو سون ۽ کين ماڻھن لاءِ نشاني ڪئي سون، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيوسون. ۽ عادين ۽ ثمودين ۽ اصحاب رَسّ ۽ اُنھن جي وچ ۾ گھڻن جُڳن کي ناس ڪيوسون. ۽ ھر ھڪ کي بيان ڪري ٻڌايوسون، ۽ سڀني کي جيئن ناس ڪرڻ گھرجي ناس ڪيوسون.

۽ اهڙي نموني خدا پاڪ جو سورت ق ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَأَصْحَابُ الرَّسِّ وَثَمُودُ. كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَأَصْحَابُ الرَّسِّ وَثَمُودُ. وَأَصْحَابُ الْأَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعِيدِ.[9]

کانئن اڳ نوح جي قوم ۽ اصحاب رسّ ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙو ڀانيو ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن ۽ اصحابِ اَيڪه ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو، پوءِ مٿن منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو.

اصحاب رسّ تاريخ ۽ روايتن جي روشنيءَ ۾

جيتوڻيڪ قرآن مجيد ۾ ٻن جاين تي هن قوم جو ذڪر ٿيو آهي، ليڪن اصحاب رسّ ڪير هئا، ڪٿي زندگي ڪندا هئا، سندن دور جو پيغبر ڪير هو، انهن جو دين ۽ آئين ڪهڙو هيو، انهن جو عمل ۽ ڪردار ڇا هيو، انهن تي ڪهڙي قسم جو عذاب آيو، ۽ ڇاجي ڪري عذاب آيو؟ انهيءَ باري ۾ قرآن پاڪ ۾ ڪنهن به شيءِ ڏانهن اشارو ناهي. اهڙي نموني قرآن ۾ هن قصي جو تفصيلي نه هجڻ جي ڪري مفسّرن پڻ حديثن ۽ روايتن کان سهارو وٺندي ان قوم جي دين ۽ آئين، پيغمبر، شهر، دور، ڪردار ۽ ان جي هلاڪت جي ڪيفيت ۽ طريقي جي باري ۾ مختلف نظريا بيان ڪيا آهن.[10]

اڪثر مفسّرن جو اهو نظريو آهي ته لفظِ رسّ جو کوھ جي معنى ۾ هجڻ ۽ هن قوم جو پنهنجي پيغمبر کي کوھ ۾ اڇلائي ڪري قتل ڪرڻ جي ڪري ئي ان قوم جي مٿان اصحاب رسّ جو نالو پيو، ۽ اڪثر مفسّرن انهن جي پيغمبر جو نالو حنظله بن صفوان ئي بيان ڪيو آهي.[11] جن روايتن منجهان مفسّرن استفادو ڪيو آهي اسان انهن منجهان ڪجھ هن جاءِ تي آڻڻ گھرون ٿا ته جيئن هيءُ قصو ڪجھ وڌيڪ وائکو ٿي سگھي.

پهرين روايت: شيخ طوسي رح ۽ علامه طبرسي(رح) ٻين روايتن کي ردّ ڪندي عڪرمه کان صرف ايترو نقل ڪيو آهي ته: اصحاب رسّ اهي هئا جن پنهنجي پيغمبر کي کوھ ۾ اڇلايو.[12] ان روايت منجهان اهو معلوم ٿو ٿئي ته: اصحاب رسّ پنهنجي زماني جي هڪ بدڪار قوم هئي ۽ هنن خدا پاڪ کان علاوه ڪنهن ٻئي جي بندگي ٿي ڪئي تنهن ڪري انهن ڏانهن نبيءَ کي موڪليو ويو ۽ هنن ڄڻ ڪنن ۾ ڪپھ وجھي ڇڏي هئي. آخرڪار پنهنجي پيغمبر کي ناحق قتل ڪرڻ کان به نه ڪيٻايائون.

ٻين روايت: رسّ، تُرڪيءَ جي انطاقيه نالي شهر ۾ هڪ کوھ جو نالو آهي ۽ اصحاب رسّ اهي ئي اصحاب يس آهن جن جو سورت يس ۾ ذڪر ٿيو آهي ۽ جن حبيب نجار کي رسّ نالي کوھ ۾ اڇلايو.[13] ليڪن هن نظريي کي گھڻن مفسّرن ٺڪرايو ڪيو آهي؛[14] ڇاڪاڻ ته حبيب نجّار، حضرت عيسى(ع) جي رسولن تي ايمان آڻڻ وارن منجهان هو[15] ۽ ٻيو هيءُ ته انطاقيه، ترڪيءَ جي شهرن منجهان هڪ شهر آهي ۽ جڏهن ته اصحاب رسّ جو تعلق عربي ملڪن سان آهي.[16]

ٽين روايت: ابن عباس ۽ ڪجھ قديمي مفسّرن جو اهو نظريو آهي ته قوم ثمود تي عذاب اچڻ کانپوءِ انهن منجهان باقي بچندڙ اصحاب رسّ آهن ۽ انهن جي پيغمبر جو نالو حنظله بن صفوان آهي. انهن جي شهر ۾ هڪ پکي اچي هِريو هو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن انهن جا ننڍڙا ٻار کڻي اڏامي هليو ويندو هو، پوءِ سندن پيغمبر کي سموري حقيقت ڪري ٻڌايائون، پيغمبر، خدا پاڪ کان دعا گھري جنهن جي ڪري انهن کي انهيءَ پکيءَ کان نجات ملي. پوءِ ايمان آڻڻ جي بجاءِ ان بي قدري قوم ان نبيءَ کي ڪوڙو ڀانيو ۽ سندس قتل تي اسري آيا ۽ آخرڪار وڏي بيدرديءَ سان کيس قتل ڪري ڇڏيائون.[17]

هيءُ نظريو پڻ قابل غور آهي؛ ڇاڪاڻ ته قرآن پاڪ قوم ثمود ۽ اصحاب رسّ کي ٻه جدا جدا قومون ڪري بيان ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه قوم ثمود ۽ اصحاب رسّ جو محل و مڪان ۽ شهر پڻ جدا جدا آهي،[18] تنهنڪري اصحاب رسّ جو قوم ثمود منجهان ئي هجڻ اهو عقل ۽ تاريخ سان نه ٿو ٺهڪي.

چوٿين روايت: ڪجھ عالمن جو اهو چوڻ آهي ته: اصحاب رسّ، اصحاب اُخدود ئي آهن.[19] ليڪن هيءُ نظريو پڻ قابل غور آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻئي هڪ ئي قوم هجن ها ته ٻنهي جي سرانجام ۽ عذاب ۾ فرق نه هجي ها، ليڪن انهن ٻنهي جي سرانجام ۽ عذاب ۾ ڪجھ فرق آهي تنهن ڪري اها پروڙ پوي ٿي ته اصحاب رسّ، اصحاب اُخدود نه آهن.[20]

پنجين روايت: محمّد بن ڪعب قُرظي، نبي اڪرم(ص)جن کان روايت ٿو ڪري ته: اصحاب رسّ جي پيغمبر جو نالوحنظله بن صفوان آهي، سندس قوم کيس ڪوڙو ڀانئڻ کانپوءِ هڪ اونهو کوھ کوٽي کيس منجھس اڇلايو ۽ هڪ وڏو پٿر کڻي ان کوھ کي ڍڪي ڇڏيائون. پوءِ ان قوم منجھ هڪ سانوري (ڪاري) رنگ جو مؤمن هو جيڪو رات جو لڪ ڇپ ۾ ان نبيءَ جي لاءِ پاڻي ۽ ڪجھ کاڌو کڻي ويندو هو جنهن جي سهاري خدا پاڪ جو پيغمبر ان کوھ منجھ تڳيو پئي. ڪجھ عرصي کان پوءِ سندس قوم پشيمان ٿي ۽ پيغمبر کي کوھ منجھان صحيح ۽ سالم ٻاهر ڪڍيائون ۽ مٿس ايمان آندائون.[21]

علم حديث جي ماهرن هن حديث کي مرسل ۽ خود راويءَ پاران ئي گَھڙيل ڄاتو آهي.[22] ۽ ان کان علاوه هيءَ روايت پڻ اصحاب رسّ واري قصي سان نه ٿي ٺهڪي؛ ڇاڪاڻ ته ان قصي منجھ آهي ته سڀ جا سڀ اصحاب رسّ نابود ۽ برباد ڪيا ويا، ليڪن هن حديث ۾ ملي ٿو ته اهي سندن نبيءَ کي کوھ منجھ اڇلائڻ کانپوءِ پنهنجي ڪُڌي ڪردار تي پشيمان ٿيا ۽ کيس کوھ منجهان ڪڍي مٿس ايمان آندائون.

ڇهين روايت: هن روايت کي شيخ صدوق(رح) حضرت امام علي(ع) کان نقل ڪري ٿو، جنهن جي سَنَد کي پڻ معتبر[23] ۽ صحيح[24] ڄاتو ويو آهي. هن روايت ۾ آيو آهي ته: حضرت سليمان نبيءَ کانپوءِ هڪ قوم هئي جنهن جا ٻارهن آباد شهر هوندا هئا جن جا نالا ايران جي مهينن وارا نالا هئا. اها قوم mرسّn نالي هڪ درياء (نديءَ) جي ڪنڌيءَ تي پنهنجي زندگي بسر ڪندي هئي ۽ اها صنوبر نالي هڪ وڻ جي پوڄا ڪندي هئي، پوءِ خداوند متعال هن قوم جي هدايت لاءِ هڪ هاديءَ کي موڪليو، ليڪن انهن نبيءَ جي هڪ به نه ٻڌي ۽ هڪ وڏو کوھ کوٽي کيس منجھس اڇلايائون ۽ نتيجي ۾ ڏاتار مٿن اهڙو ته ڏمر ڪيو جو زمين تپي ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ اهي سڙي رک ٿي ويا.

ٻين روايتن جي ڀيٽ ۾ هيءَ روايت اعتماد جوڳي لڳي ٿي ۽ خود اصحاب رسّ جي داستان سان پڻ ملي جُلي ٿي ۽ ان کان علاوه حضرت آية الله ناصر مڪارم شيرازيءَ پڻ تفسير نمونه ۾ اصحاب رسّ بابت ست احتمال بيان ڪندي ستين نمبر تي هن روايت کي تفصيلي طور آندو آهي.[25]

ستين روايت: حضرت امام موسى ڪاظم(ع) کان هڪ روايت ۾ نقل ٿيو آهي ته: اصحاب رسّ صليب پرست (صليب جي پوڄا ڪندڙ) هئا.[26] ۽ هڪ ٻئي قول مطابق، اصحاب رسّ باھ جي پوڄا ڪندا هئا رسّ نالي نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا جن ٽيهن پيغمبرن کي ڪُٺو.[27]

اٺين روايت: ڪجھ تاريخن منجھ آيو آهي ته: اصحاب رسّ يمن ملڪ ۾ رهندا هئا، هنن جي هدايت لاءِ خدا پاڪ ڏانهنِ هڪ پيغمبر کي اماڻيو، هنن سندن پيغمبر کي قتل ڪري ڇڏيو؛ جڏهن اها خبر بُختُ نُصر وٽ پهتي ته هن انهن کي نبيءَ کي قتل ڪرڻ جي جرم ۾ قتل ڪيو ۽ ڪجھ کي باندي بڻايائين.[28]

 اصحاب رَسّ جو سر انجام

اصحاب رسّ جا رسّ نالي هڪ نهر جي ڪناري تي ٻارهن آباد شهر هوندا هئا، کين خدا پاڪ هر نعمت سان نوازيو هو، جھجھو پاڻي ۽ سرسبز باغن جي وٽن ڪا ڪمي ڪانه هئي. ايترين سارين نعمتن جي هوندي به اهي پنهنجي حقيقي خدا کي بالڪل وساري ويٺا هئا ۽ صنوبر نالي هڪ وڻ جي پوڄا ڪندا هئا، ان جو وڏو احترام ۽ ان وڻ کي سجدو ڪندا هئا.

جڏهن انهن ڪفر ۽ بت پرستيءَ ۾ ڪوبه ڇيهو نه ڇڏيو ۽ هر حساب سان ليڪو لتاڙي ويٺا ته خدا پاڪ بني اسرائيل منجهان حنظله بن صفوان نالي هڪ نبيءَ کي ڏانهنِ موڪليو ته جيئن اهو کين شرڪ ۽ بت پرستيءَ کان روڪي ۽ کين اڪيلي خدا جي بندگي ۽ پوڄا ڪرڻ جي دعوت ڏي. پوءِ اهو نبي ان قوم جي درميان آيو ۽ کين حق جي راھ جي طرف دعوت ڏيندو رهيو، ليڪن هن ڪُڌي قوم پالڻهار پاران موڪليل پيغمبر جي هڪ به نه ٻڌي ۽ مٿس ايمان نه آندو.

آخرڪار نبيءَ جي بددعا سان صنوبر جو وڻ سڪي ويو، جڏهن هنن اهو لقاءُ ڏٺو ته ان پيغمبر کي قتل ڪرڻ تي اُسري آيا. پوءِ هنن هڪ اونهو کوھ کوٽي سندن پيغمبر کي منجھس اڇلايو ۽ کوھ کي ڪنهن چاپڙ يا پٿر وغيره سان ڍڪي ان جي مٿان ويهي رهيا ۽ نبيءَ جي دانهنِ، ڪوڪنِ ۽ فريادنِ جو آواز ٻڌندا رهيا ايستائين جو ان نبيءَ ان کوھ ۾ ئي دم ڏنو.

نبيءَ جي قتل تي ڏاڍي جي ذات مٿن ڏمر ڪيو ۽ ان قهّار جو قهر اچي ڪڙڪين ۽ پوءِ ڳاڙهي (تيز) هوا گُھلي ۽ هيٺيان کان زمين تپڻ شروع ڪيو، (جيئن لوهار لوھ جو ڪوئي اوزار ٺاهڻ خاطر لوھ کي باھ ۾ وجھندو آهي ۽ باھ جي سيڪ جي ڪري اهو لوھ آهستي آهستي تپي ڳاڙهو ٿي ويندو آهي) اهڙي ئي نموني جڏهن مٿن خدا جو قهر اچي ڪڙڪيو ته زمين تپي ڳاڙهي ٿي ويئي، بس پوءِ اهي تيز هوا ۽ زمين جي تپش وگھي اهڙي نموني برباد ڪيا ويا جو بعد ۾ ايندڙ هر انسان جي لاءِ عبرت جو هڪ درس ڇڏي ويا.

هن داستان ۾ عبرت آميز نُڪتا

  1. انسان مادي نعمت جي جٽاء ۽ جيوت تي ايترو ويساهه نه ڪري جو اها هميشه وٽس هوندي بلڪي اها واريءَ جي ڪوٽ وانگر آهي جيڪو هلڪي هوا جي جھوٽي تي به پنهنجو وجود وڃائي ٿو ويهي.
  2. جيڪڏهن الله پاڪ ڪنهن انسان جي مٿان پنهنجي نعمتن جا مسلسل مينهن وسائي ٿو ته پوءِ کيس نعمت جي جهجهائيءَ جي ڪري غرور ۽ هٺ نه ڪرڻ گھرجي.
  3. خدا جي نعمت ۽ سندس رزق جو ونڊ، مُوحّد (خدا کي مڃيندڙ) توڙي مُلحد (خدا جي منڪر) ٻنهي کي شامل حال آهي.
  4. ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پالڻهار جي ناشڪري ۽ نافرماني نه ڪجي.
  5. خدا کي ڇڏي غيرخدا جي پوڄا ڪرڻ سان ربّ جي ذات ڏمرجي ٿي.
  6. قادر جي قهر کي ڪابه قوّت آڏي نٿي اچي سگھي.
  7. خدا ڪنهن تي به گناهن ۾ غرق ٿيڻ جي ڪري سگهو عذاب نازل نه ٿو ڪري، بلڪه سندس سنئينءَ واٽ ڏانهن سونهپ ڪرڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن کي سڌي واٽ سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته پوءِ مٿس عذاب لاهيندو آهي.
  8. انسان جي لاءِ توبه جا دروازا هميشه کليل آهن پر جيستائين پاڻ پنهنجي ڪرتوتن سان تن کي تالو نه لڳائي.
  9. دين خدا جي تبليغ جي راھ ۾ سچو ٿي لهجي ۽ پنهنجي سر جو سانگو نه ڪجي.
  10. امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر خدا جي خاص ٻانهن جي سنت ۽ سيرت رهي آهي.
  11. نيڪيءَ جي نشاندهي ڪرڻ ۾ پنهنجي حريف (دشمن) کان هٻڪڻ نه گھرجي.
  12. انسان کي ڌَنَ، مالَ ۽ مايا تي مغرور نه ٿيڻ گھرجي.
  13. جڏهن انسان سڀ ليڪا لتاڙي ويهندو آهي ته پوءِ هوءَ لازوال ذات عذاب لاهيندي آهي.
  14. حق جي مقابلي ۾ باطل هميشه هار کاڌي آهي.
  15. اصحاب رسّ جي مٿان ڪَڙڪيل قَهر رُڳو انهن سان ئي مخصوص نه هو بلڪه جنهن جو به اهڙو ڪُڌو ڪردار هوندو اهو اهڙي قسم جي عذاب کان بچي نٿو سگھي.
  16. خدا پنهنجي خليل ۽ دوست کي مِسمار ڪرڻ وارن کي اهڙي نموني ناس ڪري ٿو ته جيئن پوئين دنيا ان منجھان درس پرائي.
  17. دولت جو نشو ماڻهوءَ کي ايترو مَگھن ۽ مَست ٿو ڪري ڇڏي جو ان جي خُمار ۾ اچي ڪُڌا ڪم ڪرڻ کان به ڪونه ٿو ڪيٻائي.

حوالا

[1] . دائرة المعارف قرآن ڪريم، جلد 3، صفحو 404.

[2] . علل الشرايع، ج 1، ص 55 کان 57؛ عيون اخبار الرّضا، ج 1، ص 418 کان 426؛ معاني الاخبار، جلد1، صفحو 109 ۽ 110؛ دائرة المعارف، جلد 3، ص 404،

[3] . قصه هاي قرآن، آية الله مڪارم شيرازي، ص 502.

[4] . ڪشف الاسرار، ج 7، ص 33؛ مجم البيان، ج7، ص 266؛ روض الجنان، ج 14، ص 221.

[5] . عيون اخبار الرّضا، ج 1، ص 418؛ دائرة المعارف قرآن ڪريم، ج 3، ص 404 ڏسو اصحاب رسّ، قصه هاي قرآن، آية الله مڪارم شيرازي، صفحو 502.

[6] . قصه هاي قرآن، آية الله مڪارم شيرازي، ص 501

[7] . دائرة المعارف قرآن ڪريم، ج 3، ص 402، ڏسو اصحاب رسّ.

[8] . سورت فرقان، آيت 37، 38 ۽ 39.

[9] . سورت ق، آيت 12، 13 ۽ 14.

[10] . جامع البيان، جلد 19، صفحو 19 ۽ 20؛ مجمع البيان، جلد 7، صفحو 266 ۽ 267.

[11] . روض الجنان، جلد 14، صفحو 221؛ ڪشف الاسرار، جلد 7، صفحو 33.

[12] . التبيان، جلد 7، صفحو 490؛ مجمع البيان، جلد 7، صفحو 266 ۽ 267.

[13] . جامع البيان، ج 26، ص 198؛ ڪشف الاسرار، ج 7، ص 32؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 215.

[14] . التبيان، جلد 7، ص 490؛ مجمع البيان، ج 7، ص 266: تفسير بيضاوي، ج 3، صفحو 227.

[15] . تفسير ابن ڪثير، ج 3، ص 575؛ تفسير قرطبي، ج 15، ص 12؛ مجمع البيان، ج 8، ص 655.

[16] . المفصّل، جلد 1، ص 347 ۽ 348.

[17] . عرائس المجالس، ص 131؛ المحبر، ص 131؛ مجمع البيان، جلد 7، ص 267.

[18] . معجم البلدان، جلد 3، صفحو 43.

[19] . تفسير ابي السّعود، جلد 5، صفحو 218؛ تفسير بيضاوي، جلد 3، صفحو 227؛ جامع البيان، جلد 19، صفحو 20.

[20] . قصص الانبياء، ص 230؛ التحقيق، جلد 4، ص 111.

[21]. تفسير ابن ڪثير، جلد 3، صفحو 331؛ جامع البيان، جلد 19، ص 20؛ روض الجنان، جلد 14، صفحو 222 ۽ 223.

[22]. البداية والنهاية، جلد 1، صفحو 206.

[23]. حياة القلوب، جلد 2، صفحو 1019.

[24]. التحقيق، جلد 4، صفحو 112.

[25]. تفسير نمونه، جلد 15، صفحو 93، علل الشرايع، ج 1، ص 55 کان 57؛ عيون اخبار الرّضا، ج 1، ص 418 کان 426؛ معاني الاخبار، جلد1، صفحو 109 ۽ 110؛ دائرة المعارف، جلد 3، ص 404.

[26] . بحار الانوار، جلد 14، صفحو 153 ۽ 154.

[27] . عرائس المجالس، صفحو 132 ۽ 133.

[28] . تاريخ دمشق، جلد 1، صفحو 12؛ المفصّل، جلد 1، صفحو 347 کان 352.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي