Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

اصحاب الجنة

الله پاڪ انسان ذات جي هدايت لاءِ هر دور ۾ نبي ۽ رسول جي صورت ۾ سندس نمائندا موڪليندو رهيو آهي ۽ انهن منجهان ڪجھ کي ڪتاب پڻ عطا ڪيائين ته جيئن اهي نبي ان ڪتاب وسيلي ماڻهن جي اڃا وڌيڪ هدايت جو سامان مهيا ڪري سگھن.

انهن آسماني ڪتابن منجهان هڪ قرآن پاڪ پڻ آهي جيڪو معجزي سان گڏوگڏ هدايت جو هڪ بهترن نمونو آهي. الله پاڪ قرآن مجيد ۾ انسان ذات جي سونهپ ۽ هدايت ۽ ان منجهان درس پرائڻ جي لاءِ گذريل ڪيترين ئي قومن جي قصن کي بيان ڪيو آهي، انهن منجهان هڪ اصحاب الجنّة نالي ڪجھ ڀائرن جو قصو پڻ آهي جيڪو هر دور ۾ هر انسان کي هڪ بهترين درس جي طرف دعوت ڏيئي رهيو آهي. اسان هن جاءِ تي «اصحاب الجنّة» جي داستان تي هڪ سرسري نگاھ وجھڻ کانپوءِ سموري قصي کي قرآن ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ سربستو بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

اصحاب الجنة جي داستان تي سرسري نگاهه

يمن جي سرزمين تي ”صنعا“ نالي شهر جي ڳچ مفاصلي تي هڪ پيرسن مؤمن رهندو هو جيڪو تمام گھڻو نيڪ ۽ پرهيزگار ۽ يتيمن ۽ مسڪينن جو همدرد ۽ هڏڏوکي هوندو هو. سندس هڪ وڏو اهل ۽ عيال (ڪٽبب) هوندو هو، سندس شهر ۾ ڪيترائي غريب، فقير، يتيم، محتاج ۽ مسڪين رهندا هئا. خدا پاڪ کيس سرسبز باغ جي صورت ۾ هڪ عظيم نعمت سان نوازيو هو. جڏهن باغ پچي راس ٿيندو هو ته هيءُ سندس شهر جي غريبن کي ٻڌائيندو هو، اهي پڻ انهيءَ باغ جي آسپاس اچي گڏ ٿيندا هئا، پوءِ باغ جو ۽ پنهنجي اهل و عيال جو سال ڀر جو خرچ ڪڍڻ کان پوءِ سمورو مال پنهنجي پالڻهار جي راھ ۾ انهن غريبن ۽ يتيمن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو.

پر ان مڙهي جي مرتئي کانپوءِ سندس اولاد کي حرص ۽ لالچ جهڙي بري بيماري وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويئي ۽ پاڻت ۾ ويهي اهو فيصلو ڪيائون ته سندن شهر جي غريبن ۽ مسڪينن کي (جن جون اکيون سندن باغ تي ئي کتل هونديون هيون ۽ جيڪي سندن باغ جي سهاري ئي زندگيءَ جا ڏکيا ڏينهن گھاري رهيا هئا) هن باغ جي اپت ۽ آمدنيءَ منجھان ڪجھ به نه ڏيندا.

سو اهي پنهنجي فيصلي مطابق هڪ ڏينهن صبح جو سويرو جڏهن شهر جو هر ماڻهو آرام ۾ هو، سندن باغ ڏانهن ويا، خدا پاڪ هنن جي بد نيتي ۽ لالچ کان ڀليءَ بَتِ آگاھ هو. جڏهن باغ وٽ پهتا، کڻي ڏسن ته سندن سرسبز باغ سڙي رک ٿي چڪو آهي.

جڏهن خدا پاڪ هنن جي نيتن ۾ خلل ڏٺو ته الله سائينءَ انهن جي اچڻ کان پهريان رات جي پيٽ ۾ عذاب طور آسمان تان هڪ باھ ۽ وڄ ڪيرائي جنهن ان من موهيندڙ سرسبز ۽ سائي باغ کي ساڙي ڇار بڻائي ڇڏيو. پوءِ هڪٻئي کي ڏسي چوڻ لڳا ته: اسان پالڻهار طرفان ڏنل سندس ناياب نعمت جي ناشڪري ڪئي ۽ شيطان اسان کي پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي ڇڏيو، دنيا جي جوفي، هٻڇ ۽ لالچ جي ڪري اسان کي اڄ هيءُ ڏينهن ڏسڻو پيو آهي. ان کانپوءِ خدا پاڪ جي بارگاھ ۾ توبه ڪيائون.

ڪجھ مفسّرن جو چوڻ آهي ته انهن جي توبه قبول ڪانه ٿي، ليڪن اڪثر مفسّر ۽ ان کان علاوه ڪجھ روايتون پڻ اهو ٻڌائين ٿيون ته انهن خلوص ۽ سچيءَ دل سان ڌڻيءَ در توبه ڪئي هئي تنهنڪري الله ٻاجھاري سندن توبه کي قبول ڪيو ۽ کين پهريان کان ڀلو ۽ سرسبز باغ عطا ڪيو.

اصحاب الجنة مٿان انهيءَ نالي پوڻ جو سبب

اَصحاب، هڪ عربي لفظ ۽ صاحِب جو جمع آهي، جنهن کي (ص، ح، ب) ڌاتوءَ کان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنى ساٿي، سنگتي، دوست ۽ صحبتي آهي، ۽ (الجنّة) پڻ عربي زبان جو لفظ آهي جيڪو سرسبز ۽ سائو چهچ باغ ۽ وڻن سان ٽمٽار باغ جي معنى ۾ آهي.[1] جيئن ته اصحاب الجنّة هڪ سرسبز ۽ وڏي باغ جا مالڪ هئا تنهن ڪري کين تاريخ ۾ اصحاب الجنّة جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي. اصحاب الجنّة يعني: سرسبز ۽ ڦلدار باغ جا صاحب ۽ مالڪ.[2]

اصحاب الجنة قرآن مجيد جي نگاھ ۾

قرآن مجيد هن عبرت ڀريي قصي کي سورت قلم ۾ آيت نمبر سترهن کان ٽيٽيھ تائين بيان ڪيو آهي، البته قرآن پاڪ ۾ ٻين قصن جيان هن قصي بابت پڻ ان شيءِ کي وائکو ناهي ڪيو ويو ته هي (اصحاب الجنّة) ڪهڙي دور ۾ زندگي بسر ڪندا هئا ۽ ڪهڙي ملڪ يا شهر جا رهاڪو هئا؟ ليڪن تاريخ ۽ قرآن پاڪ جي تفسيرن ان شيءِ کي سهڻي نموني وائکو ڪيو آهي.

اصحاب الجنّة واري قصي بابت خدا پاڪ جو سورت قلم ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته:

 إِنَّا بَلَوْنَاهُمْ كَمَا بَلَوْنَا أَصْحَابَ الْجَنَّةِ إِذْ أَقْسَمُوا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِينَ. وَلَا يَسْتَثْنُونَ. فَطافَ عَلَيْها طائِفٌ مِنْ رَبِّكَ وَ هُمْ نائِمُونَ. فَأَصْبَحَتْ كَالصَّريمِ. فَتَنادَوْا مُصْبِحينَ. أَنِ اغْدُوا عَلى‏ حَرْثِكُمْ إِنْ كُنْتُمْ صارِمينَ. فَانْطَلَقُوا وَ هُمْ يَتَخافَتُونَ. أَنْ لا يَدْخُلَنَّهَا الْيَوْمَ عَلَيْكُمْ مِسْكينٌ. وَ غَدَوْا عَلى‏ حَرْدٍ قادِرينَ. فَلَمَّا رَأَوْها قالُوا إِنَّا لَضَالُّونَ. بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ. قالَ أَوْسَطُهُمْ أَ لَمْ أَقُلْ لَكُمْ لَوْ لا تُسَبِّحُونَ. قالُوا سُبْحانَ رَبِّنا إِنَّا كُنَّا ظالِمينَ. فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلى‏ بَعْضٍ يَتَلاوَمُونَ. قالُوا يا وَيْلَنا إِنَّا كُنَّا طاغينَ. عَسى‏ رَبُّنا أَنْ يُبْدِلَنا خَيْراً مِنْها إِنَّا إِلى‏ رَبِّنا راغِبُونَ.كَذلِكَ الْعَذابُ وَ لَعَذابُ الْآخِرَةِ أَكْبَرُ لَوْ كانُوا يَعْلَمُونَ.[3]

بيشڪ اسان ھنن کي اھڙيءَ طرح آزمايو جھڙيءَ طرح باغ وارن (اصحاب الجنّة) کي آزمايو ھيوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو ئي اُن پوک کي ضرور لُڻندا ۽ اِنشاءَ الله نه چيائون. پوءِ تنھنجي پالڻھار طرفان اُن باغ تي ھڪ بلا ٽُٽي ۽ اُھي اڃا ستل ئي ھئا جو اُھو باغ سڙي ناڙ وانگر ٿي ويو.

پوءِ سويرو ھڪٻئي کي سڏڻ لڳا ته: جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو. پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪٻئي سان ھوريان هوريان ڳالهائڻ لڳا ته جيئن ھن باغ ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي. ۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا. پوءِ جنھن مھل باغ کي ڏٺائون ته چيائون ته: بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون. (نه!) بلڪه اسين بي نصيب آھيون. (انهن ڀائرن منجهان) سندن چڱي چيو ته: اوھان کي نه چيو ھئمِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇو نه ٿا بيان ڪريو؟ چيائون ته: اسين پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ اسان ظالم ھئاسون.

پوءِ ھڪٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي. چوڻ لڳا ته: ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھئاسون. مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ڪو ٻيو باغ) بدلو ڏئي، بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون. ائين ئي آفت پوڻي آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.

اصحاب الجنة جو شهر

اصحاب الجنّة جي شهر جو نالو ڇا هو ۽ سندن اهو سرسبز ۽ سائو باغ ڪهڙي ملڪ جي ڪهڙي شهر ۾ هو؟ ان بابت ڪجھ اختلاف آهي. ڪجھ عالمن جو چوڻ آهي ته: اصحاب الجنّة يمن ملڪ جي mصنعاn نالي شهر ۾ رهندا هئا ۽ ڪجھ عالمن لکيو آهي ته: حبشه جي سرزمين تي رهندا هئا، ڪجھ عالمن اصحاب الجنّة جي رهائش ۽ سندن سرسبز باغ جي جڳھ شام ملڪ بيان ڪيو آهي ۽ ڪجھ عالمن mطائفn جو پڻ ذڪر ڪيو آهي؛[4] ليڪن مشهور اهو آهي ته اصحاب الجنّة mيمنn ملڪ جي mصنعاn نالي شهر کان ٻن فرسخن جي مفاصلي تي ۾ رهندا هئا ۽ اتي ئي سندن سرسبز باغ هو.[5]

اصحاب الجنة جي داستان جو تفصيلُ

اصحاب الجنّة جو قصو ڪجھ هن طرح آهي ته هيءُ باغ هڪ پوڙهي مؤمن شخص[6] جو هو، جيڪو اهل ڪتاب[7] ۽ هڪ نيڪ انسان[8] هو. مفسّرن لکيو آهي ته: اهو باغ تمام گھڻو سرسبز،[9] ميوي ۽ ڦلن سان ٽمٽار ۽ منجھس عمدي ۽ بهترين قسم جو ميوو ٿيندو هو، ۽ ان باغ کي صروان [10] يا ضروان [11] يا رضوان [12] جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو. خدا پاڪ جو کيس هيڏي وڏي نعمت سان نوازيو هو سو تنهن جو شڪر بجا آڻڻ خاطر باغ منجهان سندس سال ڀر جي ضرورت مطابق پاڻ کڻندو هو ۽ باقي غريبن ۽ فقيرن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو،[13] ۽ جڏهن باغ پچي راس ٿيندو هو ۽ ان جي لهڻ ۽ لاڀ جو وقت ايندو هو ته مسڪينن ۽ محتاجن کي باخبر ڪندو هو.[14] غريب ۽ تنگدست ماڻهو پڻ عادت مطابق هر سال باغ جي پٽائيءَ مهل ان جي آسپاس اچي گڏ ٿيندا هئا.[15]

ڪجھ مفسّرن لکيو آهي ته: هو باغ جي بچت کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائيندو هو: هڪ: باغ جو خرچ؛ ٻيو: غريبن ۽ مسڪينن جو حصو؛ ٽيون: سندس ۽ سندس اهل ۽ عيال جي سال ڀر جو خرچ.[16] ڪيترائي يتيم، ڏهاڳڻيون ۽ غريب ۽ مسڪين ماڻهو انهيءَ باغ جي سهاري ئي پلندا ۽ تڳندا هئا.[17] ۽ اهو پوڙهو مؤمن ڪڏهن به انهن کي باغ ۾ اچڻ ۽ ميون ۽ ڦلن کي کائڻ ۽ گھر ڏانهن پنهنجي ٻارن ٻچن لاءِ کڻي وڃڻ کان نه روڪيندو هو.[18]

هن نيڪ ۽ مؤمن جھوني جو ڪردار ۽ رويو ربّ جي ذات کي حد کان وڌيڪ وڻيو، تنهنڪري مالڪ سندس باغ مٿان برڪت جا مينهن وسائي ڇڏيا ۽ هر سال پهرئين سال کان وڌيڪ ڦل لهندو هو.[19] پر ان پوڙهي جا پٽ لالچ ۽ هٻڇ جي ڪري کيس انهيءَ نيڪ ڪم کان جهليندا هئا.[20]

جڏهن سندن پيءُ هيءُ جهان ڇڏيو ته پٽن چيو ته: اسان پنهنجي پيءُ وانگر نه ٿا ڪري سگھون، اسان منجهان هر هڪ جو وڏو ڪٽنب آهي ۽ اسان انهيءَ باغ جي آمدنيءَ منجھان پنهنجي ۽ پنهنجي گھروارن جي پورت مس ڪري سگھنداسين. سو هنن اهو پڪو پھ ڪيو ته اڄ کان پوءِ اسان هن باغ منجهان ڪنهن کي ڪجھ به نه ڏيندا سين.[21]

ان سال باغ ۾ پهرين سالن جي ڀيٽ ۾ اڃا وڌيڪ ميوو لڳو هو، هي ان شيءِ کي ڏسي هٺ ۽ غرور ڪرڻ لڳا ۽ لالچ سندن دلين ۾ بالڪل گھر ڪري ويئي.[22] انهن منجھان هڪڙي چيو ته: اسان جو پيءُ پوڙهائپ جي ڪري سندس عقل وڃائي ويٺو هو، تنهنڪري سندس باغ جو گھڻو حصو فقيرن ۽ غريبن ۾ ٿي ورهائي ڇڏيائين؛ اسان جا ٻار ٻچا گھڻا آهن ۽ اسان انهن (غريبن ۽ مسڪينن) کان وڌيڪ محتاج آهيون.[23] پوءِ انهن پاڻ ۾ ويهي اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪجھ به ناهي ڏيڻو ته جيئن هر سال باغ جي آمدنيءَ منجھان ڪجھ بچائي ڪجھ ئي عرصي ۾ جھجھي ملڪيت گڏ ڪري مالدار ٿي سگھن.[24]

ليڪن انهن ڀائرن ۾ هڪ ڏاهو ۽ نيڪ ڀاءُ پڻ هو جيڪو ان فيصلي تي راضي نه هو. ان جو اهو چوڻ هو ته: خدا پاڪ کان ڊڄڻ گھرجي، پنهنجي مرحوم پيءُ جي نيڪ راھ کي اپنائڻ گھرجي،[25] ۽ پنهنجي ڀائرن کي ٻڌايائين ته: جيڪڏهن اسان غريبن ۽ مسڪينن کي محروم رکيو ته اسان باغ جي برڪت کان محروم رهجي ويندا سين،[26] ۽ خدا پاڪ انهيءَ بدنيّتيءَ جو ضرور اسان کان بدلو وٺندو، تنهن ڪري اسان کي گھرجي ته ڏمر ۽ عذاب ۾ گرفتار ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ڪيل غلط فيصلي کان هٽي وڃجي ۽ خدا پاڪ کان معافي وٺڻ[27] سان گڏوگڏ باغ جهڙي نعمت جو شڪريو ڪرڻ گھرجي ۽ غريبن ۽ مسڪينن کي سندن حق ڏيڻ گھرجي.[28]

پر سندس لالچي ڀائرن سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ رهندو کيس دڙڪا، دهمان ۽ ڌمڪيون ڏنائون ۽ کيس پاڻ کان ٽٽڻ جو چيائون.[29] (يعني: پنهنجي ڀاءُ کي چيائون: جيڪڏهن توکي ايڏو غريبن جو احساس ۽ درد آهي ته تون اسان کان جدا ٿيءُ ۽ پنهنجي حصي منجهان جيترو ۽ جيڪو وڻئي انهن کي ڏجُ) اصحاب الجنّة سندن شهر جي غريب ماڻهن کي (جيڪي پورو سال ان انتظار ۾ هوندا هئا ته ڪڏهن باغ پچندو ۽ اسان کي منجھانئس پنهنجو ڀاڱو ملندو؟) پنهنجي دلين ۾ ٻيائي رکندي ۽ انهن کي دوکي ۾ رکندي چيو ته: باغ جي پچڻ ۾ اڃا دير آهي، باغ جيئن ئي پچي راس ٿيو ته اوهان کي ضرور ٻڌائينداسون، ته جيئن في الحال باغ جي ڳالھ کي پنهنجن ذهنن مان ڪڍي ڇڏين ۽ پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳي وڃن.[30]

آخرڪار اهي ڀائر هڪ ڏينهن نويڪلائيءَ ۾ ڪنهن جاءِ تي گڏ ٿيا ۽ اتي هنن اهو فيصلو ڪيو ته: هڪ ڏينهن صبح جو سويرو يتيمن ۽ غريبن جي سجاڳ ٿيڻ کان پهريان باغ ڏانهن وڃن ۽ لڪ ڇپ ۾ سڄي باغ جا ميوا پٽي غريبن جي لاءِ ڪجھ به نه بچائين. جيئن خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: إِذْ أَقْسَمُوا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِينَ وَلَا يَسْتَثْنُونَ.[31] جڏھن قسم کنيائون ته سويرو ئي اُن پوک کي ضرور لُڻندا، ۽ اِنشاءَ الله نه چيائون. قرآن پاڪ جي اڪثر مفسّرن mلَا يَسْتَثْنُونَn. مان mانشاء اللهn نه چوڻ مراد ورتي آهي؛ ڇو جو اهي ايڏا ته مغرور ۽ هٺيلا ۽ خدا پاڪ جي مشيت کان غافل ٿي چڪا هئا ۽ هنن اهو پڪو پھ ڪري ڇڏيو هو ته سڀاڻي صبح جو سويرو لڪ ڇپ ۾ هلي باغ جي پَٽائي ڪنداسين،[32] ايستائين جو mانشاء اللهn چوڻ به وساري ويٺا ۽ پنهنجي پر ۾ اهو سمجھڻ لڳا ته اسان کي mانشاء اللهn چوڻ جي ڪائي گھرج ڪانهي، ۽ اهو خدا پاڪ سان هڪ قسم جو شرڪ آهي.[33]

ليڪن ڪجھ مفسّرن جو چوڻ آهي ته: mلَا يَسْتَثْنُونَn. مان mغريبن ۽ مسڪينن جو حصو الڳ نه ڪرڻn مراد آهي.[34] (ڇاڪاڻ ته انهن اهو ارادو ڪيو هو ته پرھ ڦٽيءَ جو هڙئي اڃا اگهور ننڊ ۾ هوندا باغ ڏانهن وڃي ان جي پٽائي ڪنداسين ۽ ان ڳالھ جي ڪنهن کي کڙڪ ئي ڪانه پوندي ۽ اهڙيءَ طرح هنن جي اٿڻ کان پهريان سموري ڪهاڻيءَ کي ئي ختم ڪري ڇڏيندا سين).

ڪجھ مفسرن جي چوڻ مطابق هيءَ (ٻي) معنى صحيح ۽ مناسب لڳي ٿي؛ ڇاڪاڻ ته اصل داستان سان پڻ ڀچي بيهي ٿي.[35]

اصحاب القريه اهڙي قسم جي فيصلي ڪرڻ کان پوءِ مطمئن ٿي آرام سان وڃي سندن گھرن ۾ سمهي رهيا ته جيئن سويرو اٿي غريبن ۽ مسڪينن کان لڪي باغ جي ميون کي پٽين. ليڪن انهيءَ شيءِ کان غافل رهيا ته خدا پاڪ دلين جي رازن ۽ ڳجھ کي به ڄاڻي ٿو.

سندن اهڙي قسم جي صلاح ۽ سوچ تي الله سائين مٿن ڏمريو، اهي اڃا ڌت ننڊ ۾ ئي هئا جو پالڻهار سندن ناشڪري[36] ۽ غريبن کان سندن حق کي روڪڻ جي ڪري[37] سندن سرسبز باغ مٿان عذاب طور آسمان تان هڪ ڀيانڪ باھ ۽ وڄ ڪيرائي[38] جنهن انهن جي سموري سرسبز باغ[39] کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.[40] انهيءَ آسماني باھ ۽ وڄ (عذاب) جي ڪري اهو هيڏو سرسبز ۽ ڦلدار باغ سڙي ڪوئلي ۽ ڪيريءَ جي هڪ مٺ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ به نه بچيو.[41] جيئن خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: فَطافَ عَلَيْها طائِفٌ مِنْ رَبِّكَ وَ هُمْ نائِمُونَ. فَأَصْبَحَتْ كَالصَّريمِ.[42] پوءِ تنھنجي پالڻھار جي طرفان اُن باغ تي ھڪ بلا ٽُٽي ۽ اُھي اڃا ستل ئي ھئا جو اُھو باغ سڙي ناڙ وانگر ٿي ويو. قرآن پاڪ جي سڀني مفسّرن جو ان شيءِ تي اتفاق آهي ته عذاب رات جي پيٽ ۾ ئي نازل ٿيو هو.[43]

اصحاب الجنة کي ڪابه سڌ ڪانه هئي ته سندن سائي چهچ باغ سان ڪهڙو هاڃو ٿيو آهي؟[44] سو صبح جو سويرو اٿي آهستي آهستي هڪٻئي کي سڏڻ لڳا ته: سگها ٿيو ۽ باغ ڏانهن مهاڙ ڪريو جو محتاج ۽ مسڪينن جي جاڳڻ کان اڳ باغ کي خالي ڪريون. جيئن خدا پاڪ جوارشاد آهي ته: فَتَنادَوْا مُصْبِحينَ. أَنِ اغْدُوا عَلى‏ حَرْثِكُمْ إِنْ كُنْتُمْ صارِمينَ.[45] پوءِ سويرو ھڪٻئي کي سڏڻ لڳا ته جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.

پوءِ اهي ماٺ مِيٺ ۾ پنهنجي باغ ڏانهن جھڪ تي پاڻي اچڻ جيان هلڻ لڳا ته جيئن شهر وارن منجهان ڪنهن کي کڙڪ به نه پوي،[46] ۽ اهي واٽ ويندي پڻ هڪٻئي سان آهستي ڳالهائي رهيا هئا جو سندن ڀُڻڪار ٻڌي متان ڪنهن مسڪين جي اک کلي پوي.[47]

ان کان علاوه رستي ۾ هڪٻئي کي چوندا پئي ويا ته: خبردار! متان ڪوئي شهر وارن (مسڪينن ۽ غريبن) کي ٻڌائي ته اسان باغ ڏانهن آيا آهيون ۽ جيڪڏهن انهن کي خبر پوي به کڻي ۽ اهي معمول مطابق پنهنجو پنهنجو حصو وٺڻ خاطر باغ ڏانهن اچن ته ڪير به انهن کي اندر اچڻ نه ڇڏي.[48] جهڙي نموني الله سائينءَ جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: فَانْطَلَقُوا وَ هُمْ يَتَخافَتُونَ. أَنْ لا يَدْخُلَنَّهَا الْيَوْمَ عَلَيْكُمْ مِسْكينٌ.[49] پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪٻئي سان ھوريان هوريان ڳالهائڻ لڳا ته جيئن ھن باغ ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.

اصحاب الجنّة ته وڏيون آسون ۽ اميدون کڻي سندن باغ ڏانهن هليا هئا پر جڏهن اتي پهتا ڇا ڏسن ته سندن سمورو سائو چهچ باغ سڙي خاڪ جو هڪ ڍير بڻجي چڪو آهي.[50]

ابن عباس ۽ قتادة جي تفسير مطابق جنهن کي اڪثر مفسّرن پڻ قبول ڪيو آهي ته اهي شروع ۾ سندن باغ کي سڃاڻي نه سگھيا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسي (ڦڪي منهن سان) چوڻ لڳا ته: (رات جي اونداهيءَ جي ڪري) شايد اسان رستو ڀلجي ويا آهيون،[51] پر جڏهن اک پٽيائون ڏٺائون ته هڙئي پار پتا سندن ئي باغ تي پورا پون پيا پوءِ چوڻ لڳا ته هيءُ اسان جو ئي باغ آهي،[52] اسان باغ جو رستو نه ڀليا آهيون بلڪه اسان بابي جي مرتئي کان پوءِ حق جو رستو ڀلجي چڪا آهيون ۽ اسان بي نصيب آهيون. جهڙي طرح خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: فَلَمَّا رَأَوْها قالُوا إِنَّا لَضَالُّونَ. بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ.[53] پوءِ جنھن مھل سندن باغ تي نظر پين ته چيائون ته: بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون. (نه) بلڪه اسين بي نصيب آھيون.

ان کان اڃا وڌيڪ هڪٻئي کي چوڻ لڳا ته: اسان پنهنجي بڇڙي نيت جي ڪري الله سائينءَ جي عذاب ۾ گرفتار ٿيا آهيون.[54]

جڏهن سموري حقيقت کلي سندن سامهون آئي ته منجھانئن جيڪو وڌيڪ ڏاهو[55] ۽ نيڪ[56] هو ان کين چيو: ڇا اوهان کي نه چيو هئم ته خدا پاڪ کي ياد ڪريو ۽ کانئس بخشش گھرو ۽ غريبن ۽ مسڪينن کي سندن حق کان محروم رکي ناشڪرا نه ٿيو؟[57] پر اوهان ڪنن تي ڪپھ ڏيئي ڇڏي ۽ منهنجي ڳالھ کي ٺڪرائيندي جيئن اوهان رٿ رٿي هئي ائين ئي ڪيو. جيئن خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: قالَ أَوْسَطُهُمْ أَ لَمْ أَقُلْ لَكُمْ لَوْ لا تُسَبِّحُونَ.[58] (پوءِ انهن منجهان) چڱي کين چيو ته: اوھان کي نه چيو ھئمِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟

پوءِ کين سندن ڀاءُ جي ڳالھ وڃي دل سان لڳي (پر ان وقت پاڻي مٿي کان چڙهي چڪو هو) ۽ انهن پنهنجي خطا جو اعتراف ڪيو ۽ افسوس وچان چوڻ لڳا ته: سمورو ڏوھ اسان جو ئي آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي مرحوم پيءُ وانگر نعمتن جو شڪر بجا آڻيون ها ته اسان کي اڄ اهو ڏينهن ڏسڻو نه پوي ها. جهڙيءَ طرح الله سائينءَ جو سندس پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: قالُوا يا وَيْلَنا إِنَّا كُنَّا طاغينَ.[59] چوڻ لڳا ته: وَيل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھئاسون.

۽ اهي پنهنجو پاڻ کي ننديندي چوڻ لڳا ته: بيشڪ اسان غريبن ۽ يتمين جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار جي ياد کان غافل رهجي وياسين ۽ بيشڪ اسان پنهنجي مٿان ۽ ٻين تي ظلم ڪيو ۽ اها ئي شيءِ ڪارڻ بڻي جو اسان جو سرسبز باغ ڪارن ڪوئلن ۾ تبديل ٿي ويو.[60] جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: قالُوا سُبْحانَ رَبِّنا إِنَّا كُنَّا ظالِمينَ.[61] چيائون ته: اسين پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ اسان ظالم ھئاسون.

جڏهن ڪنهن به شيءِ ۾ جيڪڏهن ڪجھ ماڻهو گڏ هجن ۽ اها خراب ٿي پوي يا انهن منجهان کين ڪوئي گھاٽو پهچي ته منجهانئن ڪوئي به ان ڳالھ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هوندو ته اها خرابي ۽ اهو گھاٽو منهنجي غلطيءَ جي ڪري ٿيو آهي، بلڪه هرڪو اهڙي قسم جو گند ٻئي جي مٿان اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اصحاب الجنّة پڻ اهڙي نموني هڪٻئي تي هڻن لڳا ته هيءُ هيڏو هاڃو فلاڻي جي ڪري ٿيو آهي ۽ هڪٻئي جي ملامت ڪن لڳا. جهڙي نموني خدا پاڪ جو ارشاد آهي ته: فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلى‏ بَعْضٍ يَتَلاوَمُونَ.[62] پوءِ ھڪٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.

اصحاب الجنّة غفلت جي گھري ننڊ کانپوءِ جڏهن سجاڳ ٿيا ته پنهنجي خطا جو اعتراف ڪندي خدا پاڪ جي بارگاھ ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيائون، ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا ته: جيڪڏهن پالڻهار کان گذريل خطا جي معافي گھرون ته اميد آهي ته الله ٻاجھارو اسان تي ٻاجھ ڪري ۽ اسان جي گناهن کي بخشي ۽ هن باغ جي بدلي هن کان ڀلو باغ اسان کي عطا ڪري. انهيءَ بابت خدا پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: عَسى‏ رَبُّنا أَنْ يُبْدِلَنا خَيْراً مِنْها إِنَّا إِلى‏ رَبِّنا راغِبُونَ.[63] مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو باغ بدلي ۾ ڏئي، بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.

ڇاڪاڻ ته خدا جي خزاني ۾ ڪائي ڪمي ڪانهي. جيڪڏهن بندو بڇڙائيءَ تي نه لهي ۽ ان پاڪ ۽ مقدّس هستيءَ جو ناشڪرو نه ٿئي ۽ غريبن ۽ مسڪينن جو حق نه کائي ته پالڻهار اڳي کان اڃا وڌيڪ پنهنجي بندي کي ڏيئي ڇڏيندو آهي.

جيتوڻيڪ ظاهري لحاظ سان اصحاب الجنّة پنهنجي ڪڌي ڪرتوت تي پشيمان ٿيا ۽ پنهنجي خطا جو اعتراف ڪيائون، پر هن جاءِ تي اهو سوال ٿو اڀري ته ڇا سچ ۾ اهي پشيمان ٿيا هئا جو جيڪڏهن ٻيهر ڌڻي تعالى کين اهڙي نعمت سان نوازيو ته ان جو شڪريو بجا آڻيندا يا ٻين قومن وانگر جڏهن مٿن عذاب اچي ڪڙڪيو ٿي ته پشيمان ٿيندا هئا ۽ غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿيندا هئا ۽ جيڪڏهن عذاب ٽري ويندو هو ته وري ساڳيو ڌنڌو شروع ڪندا هئا؟

ان باري ۾ قرآن پاڪ جي مفسّرن جي وچ ۾ پڻ اختلاف پاتو وڃي ٿو، ڪجھ مفسّرن جو چوڻ آهي ته: بعد واري آيت جي لحن ۽ لهجي منجھان اها پرک پوي ٿي ته انهن جي توبه شرطن جي پوري نه هجڻ جي ڪري قبول نه ٿي.[64] ليڪن اڪثر مفسّرن جو چوڻ آهي ته: انهن اخلاص ۽ سچيءَ دل سان خدا پاڪ جي بارگاھ ۾ توبه ڪئي هئي ۽ انهن جي توبه قبول ٿي.[65]

اهڙي نموني ڪجھ روايتن ۾ پڻ ملي ٿو ته خدا پاڪ انهن جي توبه قبول ڪئي ۽ کين پهريان کان بهتر باغ عنايت ڪيو.[66] جهڙي نموني عبدالله بن مسعود کان روايت آهي ته: الله سائينءَ انهن جي توبه قبول ڪئي ۽ پهريان کان ڀلو ۽ سرسبز باغ کين عطا ڪيو.[67]

اصحاب الجنة جو سر انجام

اصحاب الجنّة سندن پيءُ جي مرتئي کان پوءِ پاڻ ۾ ويهي اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي هن باغ جي اپت ۽ آمدنيءَ منجھان ڪنهن کي به ڪجھ ناهي چکائڻو، اسان پاڻ ٻارن ٻچن وارا آهيون ۽ هن باغ منجھان اسان ۽ اسان جي اهل ۽ عيال جي پورت ئي مس ٿيندي. سو انهن اهو طي ڪيو ته هڪ ڏينهن صبح جو سويرو جڏهن شهر جو هر غريب غُربو ستو پيو هوندو، اهي سندن باغ ڏانهن ويندا ۽ ماڻهن جي اٿڻ کان پهريان باغ جا ميوا پٽي ۽ منجھس پوک کي لڻي هڪ پاسي ڪندا. خدا پاڪ سندن بد نيتي ۽ لالچ کان ڀليءَ ڀت باخبر هو. پر جڏهن مقرر ڏينهن مطابق سويرو سمورو ساز ۽ سامان کڻي باغ ڏانهن مهاڙ ڪيائون، جڏهن اتي پهتا کڻي ڏسن ته سندن سرسبز باغ سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي. جڏهن خدا پاڪ هنن جي نيتن ۾ خلل ڏٺو ته الله سائينءَ انهن جي اچڻ کان پهريان عذاب طور آسمان تان هڪ باھ ۽ وڄ ڪيرائي جنهن ان من موهيندڙ باغ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيو. پوءِ هڪٻئي کي ڏسي چوڻ لڳا ته اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي، اسان پالڻهار طرفان ڏنل هن ناياب نعمت جي ناشڪري ڪئي آهي ۽ شيطان اسان کي پنهنجي فريب جي ڦندي ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو، دنيا جي جوفي، هٻڇ ۽ لالچ جي ڪري اسان کي اڄ هيءُ ڏينهن ڏسڻو پيو آهي.

پوءِ پالڻهار جي بارگاھ ۾ توبه ڪيائون، سندن توبه قبول ٿيڻ ۽ نه ٿيڻ بابت مفسّرن ۾ اختلاف پاتو وڃي ٿو، ڪجھ مفسّر لکن ٿا ته انهن جي توبه قبول ڪانه ٿي، ليڪن اڪثر مفسّر ۽ ان کان علاوه ڪجھ روايتن ۾ پڻ ملي ٿو ته انهن خلوص ۽ سچيءَ دل سان رب پاڪ جي بارگاھ ۾ توبه ڪئي هئي، تنهنڪري الله ٻاجھاري سندن توبه کي قبول ڪيو ۽ کين پهريان کان ڀلو ۽ سرسبز باغ عطا ڪيو.

هن داستان ۾ عبرت آميز نُڪتا

1: غريبن، مسڪينن ۽ محتاجن کي سندن حق نه ڏيڻ سان ربّ جي ذات ڏمرجي ٿي.

2: هر ڪم لاءِ انشاء الله چوڻ سان اهو خير ۽ سهڻي نموني سان نبري ٿو.

  1. ڏاڍي جي ڏمر کي ڪا به قوّت آڏي نه ٿي اچي سگھي.

4: خدا پاڪ جي ڏنل نعمت تي ڪڏهن به ناشڪري نه ڪجي.

5: حريص ۽ لالچي انسان کي هميشه پشيمانيءَ جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.

  1. انسان کي ڌَنَ ۽ مايا تي مغرور نه ٿيڻ گھرجي.
  2. حق جي مقابلي ۾ باطل هر زماني ۾ هار کاڌي آهي.
  3. اصحاب الجنّة جي باغ مٿان آيل عذاب رُڳو انهن سان ئي مخصوص نه هو بلڪه جنهن جو به اهڙو ڪُڌو ڪردار هوندو اهو اهڙي قسم جي عذاب کان بچي نٿو سگھي.
  4. دولت جو نشو ماڻهوءَ کي ايترو مَگھن ۽ مَست ٿو ڪري ڇڏي جو ان جي خُمار ۾ اچي ڪُڌا ڪم ڪرڻ کان به ڪونه ٿو ڪيٻائي.

10: انسان جي لاءِ توبه جا دروازا سدائين کليل آهن.

11: جيڪڏهن انسان پنهنجي ڪرتوتن تي پشيمان ٿي پالڻهار جي بارگاھ ۾ گڙگڙائي توبه گھري ته بيشڪ هو مٿس ٻاجھ ڪندي سندس خطائن کي بخشي ٿو.

12: جيڪڏهن الله سائين ڪنهن کي ڌن ۽ مايا ڏئي ٿو ته کيس اهو نه سمجھڻ گھرجي ته اهو سندس ئي حصو آهي بلڪه ان ۾ غريبن ۽ مسڪينن جو به ڀاڱو آهي.

حوالا

[1] . راغب اصفهاني، حسين بن محمد؛ المفردات في غريب القرآن، بيروت، دارالعلم الدار الشامية، 1412 قمري‏، ڇاپو پهريون‏، ص475. حسن مصطفوي‏؛ التحقيق في ڪلمات القرآن الڪريم‏، تهران‏‏، 1360شمسي‏، ج6، ص190. الرّائد، جلد 1، صفحو 630.

[2] دائرة المعارف قرآن ڪريم، جلد 3، صفحو 391.

[3] سورت قلم، آيت 17 کان 33 تائين

[4] قصه هاي قرآن، آية الله العظمى مڪارم شيرازي، صفحو 503.

[5] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 194؛ اللباب، جلد 19، صفحو 285؛ تفسير نمونه، جلد 24، صفحو 393؛ دائرة المعارف قرآن ڪريم، جلد 3، صفحو 391.

[6] روض الجنان، جلد 19، صفحو 355؛ تفسير نمونه، جلد 24، صفحو 394؛

[7] التبيان، جلد 10، صفو 79؛ تفسير ابن ڪثير، جلد 4، صفحو 434.

[8] تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 156؛ ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 193.

[9] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 194؛ تفسير نمونه، جلد 24، صفحو 393.

[10] مجمع البيان، جلد 9، صفحو 505.

[11] روض الجنان، جلد 19، صفحو 355.

[12] تفسير قمي، جلد 2، صفحو 401.

[13] جامع البيان، جلد 29، صفحو 37؛ التبيان، جلد 10، صفحو 79؛ مجمع البيان، جلد  505.

[14] تفسير ابي السّعود، جلد 9، صفحو 14.

[15] قصص الرّحمن، جلد 4، صفحو 605.

[16] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 192.

[17] التحرير و التنوير، جلد 29، صفحو 80؛ تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 157.

[18] تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 156.

[19] روض الجنان، جلد 19، صفحو 355.

[20] الدّر المنثور، جلد 8، صفحو 250؛ جامع البيان، جلد 29، صفحو 37.

[21] قصه هاي قرآن، آية الله ناصر مڪارم شيرازي، صفحو 503.

[22] قصص الرّحمن، جلد 4، صفحو 650؛ تفسير قمي، جلد 2، صفحو 399 ۽ 400.

[23] الڪشاف، جلد 4، صفحو 590؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 505.

[24] تفسير قمي، جلد 2، صفحو 400؛ الميزان، جلد 19، صفحو 378.

[25] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 192؛ الميزان، جلد19، صفحو 378.

[26] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 192.

[27] تفسير مراغي، جلد 4، صفحو 591؛ الڪشّاف، جلد 4، صفحو 591.

[28] تفسير مراغي، جلد 2، صفحو 34؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 506.

[29] تفسير قمي، جلد2، صفحو 400؛ الميزان، جلد 19، صفحو 378.

[30] روض الجنان، جلد19، صفحو 356.

[31] سورت قلم، آيت 17 ۽ 18.

[32] جامع البيان، جلد 29، صفحو 36؛ صفحو التبيان، جلد 10، صفحو 79؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 505.

[33] دائرة المعارف قرآن ڪريم، جلد 3، صفحو 393.

[34] التحرير والتنوير، جلد 29، صفحو 81؛ اللباب، جلد 19، صفحو 286؛ تفسير نمونه، جلد 24، صفحو 394.

[35] تفسير نمونه، جلد 24، صفحو 395.

[36] التحرير والتنوير، جلد 29، صفحو 82.

[37] تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 156؛ المنير، جلد 29، صفحو 65.

[38] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 193؛ تفسير مراغي، جلد 2،صفحو 34؛ الميزان، جلد 9، صفحو 505.

[39] مجمع البيان، جلد 9، صفحو 505.

[40] جامع البيان، جلد 29، صفحو 38؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 505؛ تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 157.

[41] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 193؛ تفسير نمونه، جلد 24، صفحو 399.

[42] سورت قلم، آيت 19 ۽ 20.

[43] معاني القرآن، جلد 3، صفحو 175؛ جامع البيان، جلد 29، صفحو 37؛ التبيان، جلد 10، صفحو 80.

[44] ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 193.

[45] سورت قلم، آيت 21 ۽ 22.

[46] تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 158؛ قصص الرّحمن، جلد 4، صفحو 651.

[47] ساڳيو؛ روض الجنان، جلد 19، صفحو 357 ۽ 358.

[48] الميزان،جلد 19، صفحو 376.

[49] سورت قلم، آيت 23 ۽ 24.

[50] تفسير ابن ڪثير، جلد 4، صفحو 433.

[51] الڪشاف، جلد 4، صفحو 591؛ جامع البيان، جلد 29، صفحو 41؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 506.

[52] ساڳيو؛ روض الجنان، جلد 19، صفحو 359.

[53] سورت قلم، آيت 26 ۽ 27.

[54] تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 159.

[55] تفسير قمي، جلد 2، صفحو 400؛ ڪشف الاسرار، جلد 10، صفحو 194.

[56] ساڳيو؛ الميزان، جلد 19، صفحو 378.

[57] تفسير مراغي، جلد 29، صفحو 37؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 506.

[58] سورت قلم، آيت 28.

[59] سورت قلم، آيت 31.

[60] تفسير قرطبي، جلد 18، صفحو 159.

[61] . سورت قلم، آيت 29.

[62] . سورت قلم، آيت 30.

[63] . سورت قلم، آيت 32.

[64] . تفسير نمونه، جلد 24، صفحو 403.

[65] . تفسير ابي السّعود، جلد 9، صفحو 16.

[66] . قصه هاي قرآن، آية الله العظمى مڪارم شيرازي، صفحو 506.

[67] . روض الجنان، جلد 19، صفحو 360؛ مجمع البيان، جلد 9، صفحو 507.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي