Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

اصحاب الاخدود

ڌڻي تعالى هن سڄي جهان کي هيڏي نظم ۽ ضبط سان جوڙيو. جيڪو مهربان ۽ ٻاجھارو آهي، جيڪو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي، جيڪو هر هڪ (امير توڙي غريب) کي روزي رسائيندڙ آهي. جهڙيءَ طرح سنڌ ڌرتيءَ جو سدا حيات شاعر شاھ عبد اللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو ته:

جنهين ڏاند نه ٻِجُ تنهين به تنهنجو آسرو

پوءِ  اڀارين  سج! اوّل  ڏين  انهن  کي

جيڪو پنهنجن ٻانهن تي ٻاجھ ڪندڙ آهي. جيڪو ڏوهارين جي ڏوهن کي بخشيندڙ آهي. جيڪو بي پرواھ ۽ بي نياز آهي. جيڪو اسان جي عيبن تي ڍڪ ڍڪيندڙ آهي. انهيءَ بابت شاھ صاحب عرفان جي هڪ انوکي انداز ۾ فرمائيندي نظر اچي ٿو ته:

منهنجي مَدائن جي ڪَلّ پِريان پيئي

ڪڏهن ڪوسا ڪِين ٿيا ڏوراپو ڏيئي

ساجن سڀيئي! ڍَڪيون ڍولَ ڍِلايون

جنهن جو جسم نه پر وجود آهي. جنهن کي رڳو شهودي اکين سان ڏسي سگھجي ٿو. جيڪو شھ رڳ کان به ويجھو آهي.

جهڙي نموني شاھ صاحب پنهنجي عرفاني دنيا جي عُمق ۾ اچي ڪري فرمائي ٿو:

وڃين ڇو وڻڪار هتِ نه ڳولهين هوت کي

لِڪو ڪِين لطيف چئي، ٻاروچو  ٻئي پار

ٿيءُ سَتي ٻَڌُ سَندرو پِرت پنهونءَ سين پار

نائي  نيڻ  نهار! تو  ۾  ديرو  دوست جو!

جهان جي جڙڻ کان پوءِ پالڻهار جي انهيءَ پَٽ تي هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن حاڪم حڪومت جي واڳ سنڀالي بادشاهاڻي پوشاڪ پنهنجي تن تي پهري تخت کي سنڀاليو آهي. ڪن رحمدل راجائن پنهنجي ان راجائپ ۾ رب جي ذات کي راضي رکندي انهيءَ واڳ کي ان واٽ ڏانهن واريو جنهن تي ڏاڍي جو ڏمر نه هجي ۽ انهن بادشاهي تخت جي تقدّس کي باقي رکندي سندن رعيت سان اهڙو ته سهڻو سلوڪ ڪيو جو اڄ به زمانو سندن ڳڻ ڳائيندي نظر اچي ٿو. ۽ ڪڏهن وري حڪومت جي واڳ ڪنهن اهڙي بيدادگر بادشاھ جي وَر چڙهي ويئي جنهن تخت جي تقدّس جو ڪو خيال نه رکندي سندس رعيت کي ايڏو ته رنجايو جو اڄ تائين به انسانُ اهڙن ستمڪار سلطانن جو نانءُ سندس زبان تي آڻڻ کان نفرت ڪري ٿو. ابوالبشر حضرت آدمع کان وٺي حضرت عيسىع تائين جهان جو اهو چرخو انهيءَ ريت چرخندو آيو ۽ مختلف قسم جا خانَ خدا جي هن خاڪ جي ڪنهن نه ڪنهن خطي کي پنهنجي قابوءَ ۾ آڻي انهيءَ تي راج ڪندا رهيا. اهڙن بادشاهن منجھان mذونواسn نالي mيمنn ملڪ جو هڪ بادشاھ پڻ آهي، جيڪو يهودي مسلڪ جو ماڻهو هو. جنهن ملڪِ يمن جي مهار هٿ ۾ ڪرڻ کانپوءِ ڪيترين ئي جيجل مائرن کان پنهنجا جوان پٽ ۽ ڪيترن ئي پيرسن پيئرن کان سندن جوڌا جدا ڪري ڇڏيا ۽ ڪيترين ئي ونين کان سندن سهاڳ ڇنا. هن پنهنجي حڪومت دوران نجران جي ڪيترن ئي نصارى کي جيئرو باھ جي کورن ۾ جلرائي ڇڏيو.

اسان هن جاءِ تي «اصحاب اخدود» جي داستان تي هڪ سرسري نگاھ وجھڻ کانپوءِ سموري قصي کي قرآن ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ سربستو بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

اصحاب اُخدود جي داستان تي هڪ سرسري نگاهه

پَتنگ چاهين پاڻ کي، ته اچي آڳِ اُجھاءِ

پَچڻَ گھڻا پچائيا، تون پچڻ کي پَچاءِ

واقف ٿي وِساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي!

سن 523 عيسويءَ ڌاري mحميرn قبيلي منجهان mذونواسn نالي هڪ شخص ملڪ يمن جي مهار پنهنجي مٺ ۾ ڪئي، پاڻ يهودي مسلڪ ۽ حضرت موسىA جي شريعت جو پيروڪار ۽ پوئلڳ هو، جڏهن ته حضرت عيسىA واري شريعت کانپوءِ جناب موسىA واري شريعت نسخ (ختم) ٿي چڪي هئي ۽ خدا پاڪ پاران ان دور ۾ انسانن کي جناب عيسىA جي آندل شريعت مطابق عمل ڪرڻو هو ۽ ان کي ئي قبول ڪرڻو هو. پر تنهن هوندي به ڪيترائي يهودي حضرت عيسىA جي شريعت کي قبول نه ڪندي جناب موسىA واري ئي شريعت تي باقي رهيا، جڏهن ته اهي حق تي نه هئا. (حضرت موسىA جي شريعت جي پوئلڳن کي يهودي ۽ حضرت عيسىA جي شريعت کي قبول ڪرڻ وارن کي نصارى، عيسائي يا مسيحي ڪوٺيو وڃي ٿو). جيئن ئي mذونواسn يمن ملڪ جو تخت ۽ تاج سڀاليو، کيس ٻڌايو ويو ته: اتر يمن ۾ mنجرانn جي سرزمين تي ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي نصراني آهن ۽ اهي حضرت عيسىA جي شريعت جا پوئلڳ آهن. بادشاھ اها خبر ٻڌندي ئي سفر جو سامان سنباهڻ جو چيو ۽ ڪجھ ڪٽڪ ساڻ ڪري نجران جي سرزمين جو رخ ڪيو، اتي پهچڻ کانپوءِ انهن کي يهوديت کي قبول ڪرڻ جو چيائين. خدا پاڪ جا سچا ۽ نيڪ ٻانها يهوديت کي قبول ڪرڻ جو چٽو انڪار ڪري بيهي رهيا. موت کي قبول ڪرڻ تي ته اُسري آيا پر پنهنجي دين ۽ آئين کي ڪنهن به قيمت تي ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿيا ۽ بادشاھ جي سامهون بالڪل صاف انڪار ڪري بيٺا. تنهن تي بادشاھ کي وڏي مٺيان لڳي سو حڪم ڪيائين ته وڏيون وڏيون کاهيون کوٽيون وڃن ۽ انهن ۾ باھ جا آڙاھ ٻاريا وڃن. انهن جو ايمان ايڏو پڪو هو جو باھ جي الاهن کي ڏسي به پتنگ جيان ان باھ ۾ خدا جي رضا خاطر جلي جان ڏيڻ قبول ڪيائون پر دشمن جي سامهون تسليم نه ٿيا.

شاھ صاحب انهيءَ حقيقت جي عڪاسي هنن لفظن سان بيان ڪندي نظر اچي ٿو:

پڇ پنتگن کان، سنديون کامڻ خبرون

آڻيو وجھن آڳ ۾، جيءُ پنهنجو جي

جيري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا

جڏهن چرون کوٽجي تيار ٿيون ۽ ٻل واري باھ نظارو ڏسندڙ ماڻهن جا لڱ پئي ساڙيا ته نجران جي مؤمنن کي جيئرو ان ڀڙڪندڙ باھ منجھ اڇلائڻ خاطر ويجھو آندو ويو تڏهن به انهن جي ايمان کي ڪو لهر لوڏو نه آيو بلڪه انهن منجهان هر هڪ اهو چاهي پيو ته کيس ٻئي کان اڳ انهيءَ آڳِ ۾ اڇلايو وڃي. آخرڪار انهن خدائي ٻانهن کي انهيءَ ڀڙڪندڙ باھ ۾ اڇلائي هڪ انوکي انداز ۾ انهن کان حياتيءَ جو حق کسيو ويو. انهن سندن ڳچين جا ڳچ وڃائي ربّ جي رضا کي خريد ڪري ورتو.

شاھ صاحب ان مهل جي منظر ڪَشي هن انداز ۾ ڪري ٿو ته:

پتنگن پھ ڪيو، مڙيا مٿي مچَ

پسي لهس نه لُچيا، سڙيا مٿي سچ

سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا!

ان کان علاوه ڪيترن ئي مؤمنن کي تلوار سان قتل ڪري انهن جي لاشن کي ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو.[1] تاريخ ۾ مقتولن جو ڳاڻيٽو ٻارهن هزار، ويھ هزار ۽ ستر هزار تائين پڻ ملي ٿو.[2]

 اصحاب اُخدود منجهان مراد

اصحاب اخدود جي قصي تي نظر وجھندي اٿندي ئي هر انسان جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته: ڇا اصحاب اخدود اهي آهن جن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڀڙڪندڙ آڳ جي چرن ۾ اڇلايو ويو يا منجھائن مراد اهي ڪافر، ڀٽڪيل ۽ سرڪش ماڻهو آهن جن mنجرانn جي سرزمين تي رهندڙ مؤمنن کي ڀڙڪندڙ باھ جي کورن منجھ اڇلايو؟

جيتوڻيڪ سورت بروج جي آيت نمبر چار (قُتِلَ أَصْحَابُ الْأُخْدُودِ) منجهان هر ڪنهن جي ذهن منجھ اها شيءِ جاءِ ولاري ٿي ته اصحاب اخدود منجهان نجران جا اهي مؤمن مراد آهن جن کي جيئرو باھ ۾ جلايو ويو، ليڪن ان کان بعد وارين آيتن جي ظهور ۽ کوڙ سارين روايتن ۽ تاريخ کي نظر ۾ رکندي قرآن پاڪ جا اڪثر ۽ هاڪارا مفسّر ان ڳالھ تي بيٺا آهن ته: اصحاب اخدود منجهان مراد اهي ماڻهو ۽ ذونواس نالي بادشاھ جا اهي ڇاڙتا ۽ پوئلڳ ۽ تابعدار مراد آهن جن نجران جي مؤمنن کي زندھ باھ ۾ اڇلايو.[3] ۽ هن لکڻيءَ ۾ اسان جي مراد پڻ ٻي معنى ئي آهي.

اصحاب اُخدود مٿان انهيءَ نالي پوڻ جو سبب

mاَصحابn، هڪ عربي لفظ ۽ mصاحِبn جو جمع آهي، جيڪو mص، ح، بn ڌاتوءَ مان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنى mساٿي، سنگتي، دوست ۽ صحبتيn آهي، ۽ mاُخدودn وڏي چَر يا خندق جي معنى ۾ آهي، پر هن جاءِ تي mاُخدودn مان اها خندق ۽ کاهي مراد آهي جيڪا باھ سان ڀريل هجي. هنن باھ جي انهن کورن ۽ کاهين ۾ انهن مؤمنن کي جيئرو جلائي ڇڏيو هو جيڪي پنهنجي سچي دين تي ثابت قدم رهيا. انهيءَ ڪري انهن کي mاصحاب اُخدودn جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي. يعني: باھ جي کورن ۽ کاهين ۾ بي گناھ مؤمنن کي زندھ ساڙڻ وارا.[4]

اصحاب اُخدود قرآن مجيد جي نگاھ ۾

قرآن مجيد هن عبرت ڀرئي داستان کي قيامت تائين ايندڙ هر انسان کي منجھائس درس پرائڻ خاطر پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي. تاريخ جو هيءُ عبرت ڀريو داستان قرآن پاڪ جي سورت بُروج جي ابتدائي آيتن ۾ موجود آهي. جيئن خداوند متعال جو پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ ارشاد ٿو ٿئي ته: }قُتِلَ أَصْحَابُ الْأُخْدُودِ، النَّارِ ذَاتِ الْوَقُودِ، إِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُودٌ، وَهُمْ عَلَى مَا يَفْعَلُونَ بِالْمُؤْمِنِينَ شُهُودٌ، وَمَا نَقَمُوا مِنْهُمْ إِلَّا أَن يُؤْمِنُوا بِاللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَمِيدِ، الَّذِي لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاللَّهُ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ، إِنَّ الَّذِينَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ ثُمَّ لَمْ يَتُوبُوا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيقِ{ کاھين وارا ماريا (قتل ڪيا) ويا، (انهيءَ باھ ۾) جيڪا گھڻي ٻَل واري ھئي، جڏھن ته اُھي (ظالم) اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھئا ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان هاڃو ٿي رهيو هو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھئا ۽ انھن (اصحاب اُخدود) (مؤمنن کان) ھن کان سواءِ ٻيءَ ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن (مؤمنن) غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو، جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ الله سڀ شيءِ جي خبر رکندڙ آھي، بيشڪ جن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو، وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (پڻ) آھي.[5]

قرآن مجيد جي هنن آيتن منجهان اهو سمجھ ۾ ٿو اچي ته خدا پاڪ جي خالص بندن ۽ مؤمنن کي مارڻ خاطر ڪافرن وڏيون چريون کوٽي انهن ۾ گھڻي مقدار ۾ ڪاٺيون وجھي باھ ڏني، پوءِ جڏهن اها باھ ڀڀڙ بڻجي ويئي ته انهن ڪافرن جا وڏا ۽ چڱا مڙس انهيءَ باھ جي چوڌاري اهو نظارو ڏسڻ خاطر اچي ويٺا ۽ اهي هيڏي ڏيھ ڏڪائيندڙ ڪوس کي تماشي طور ڏسندا رهيا ۽ سندن ڇاڙتا مؤمنن کي پڪڙي ان ڀڙڪندڙ باھ ۾ اڇلائيندا رهيا.

اصحاب اخدود تاريخ جي روشنيءَ ۾

تاريخ جي ڪتابن ۾ هيءُ داستان مختلف طريقن سان ذڪر ٿيو آهي، پر معروف ۽ مشهور هيءُ آهي ته حضرت عيسىA کانپوءِ عيسوي سال جي ڇهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ يمن ملڪ جي mحميرn نالي هڪ مشهور قبيلي جي بادشاھ حَبشين (حبشه ملڪ جي فوج) پاران لڳاتار حملن جي نتيجي ۾ هار کائڻ کانپوءِ ان ملڪ جون واڳون هڪ مسيحي مسلڪ جي بادشاھ جي حوالي ڪيون ويون،[6] ڇاڪاڻ ته حضرت عيسىA جي شريعت کانپوءِ حضرت موسىA جي شريعت نسخ (ختم) ٿي چڪي هئي ۽ هاڻي ماڻهن کي حضرت عيسىA واري آندل شريعت کي ئي قبول ڪرڻو هو ۽ ان جي دين ۽ آئين کي مڃڻو هو، پر پوءِ به يمن جي بادشاھ ۽ سندس جھجھي رعيت يهودي مسلڪ کي نه ڇڏيو ۽ انهيءَ پنهنجي پراڻي (ابن ڏاڏن واري) دين تي ثابت قدم رهيا، تنهنڪري حبشه ملڪ جو بادشاھ جيڪو مسيحي هيو ۽ هو اهو چاهي پيو ته يمن ۾ پڻ يهوديت کي ڇڏيو وڃي ۽ مسيحيت کي قبول ڪيو وڃي تنهنڪري هن اچي يمن جي بادشاھ تي هلان ڪئي ۽ لڳاتار حملن کانپوءِ کيس شڪست ڏيئي هڪ مسيحي حاڪم اتي رکيائين ته جيئن اهو اتي جي ماڻهن کي مسيحيت ڏانهن دعوت ڏي.

بس ڪجھ عرصي بعد انهيءَ بادشاھ جي مرڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو وري سن 523 عيسويءَ ڌاري انهيءَ ساڳئي قبيلي mحميرn منجهان mذونواسn نالي هڪ شخص تخت کي سنڀاليو.[7] ڇاڪاڻ ته mذونواسn کي ان بادشاھ جي مرڻ کانپوءِ حبشه جي بادشاھ طرفان ان جي حمايت ۾ ڪنهن به فوج جي اچڻ ۽ ان جي ڪنهن به جانشين وغيره جو امڪان نظر نه پئي آيو، ۽ ٻئي پاسي سياري ۽ سخت پاري جي ڪري هڪ ملڪ (حبشه) کان ٻئي ملڪ (يمن) تائين ٻيڙين جي اچ وڃ پڻ سخت ٿي چڪي هئي تنهنڪري هن هڪ مناسب موقعو سمجھندي حڪومت جون مهارون کڻي پنهنجي مٺ ۾ ڪيون.[8] جيئن ته هيءُ قبيلو يهودي مسلڪ سان تعلق رکندو هو سو سندن ئي قبيلي منجهان بادشاھ جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ بادشاھ کي ٻڌايو ويو ته: اي سردار! تنهنجي ئي ملڪ ۽ تنهنجي ئي حاڪميت ۾ اتر يمن ۾ mنجرانn جي سرزمين تي ڪي اهڙا ماڻهو رهن ٿا جيڪي نصراني آهن ۽ اهي حضرت عيسىA جي شريعت جا پوئلڳ آهن. توهان جي ملڪ ۽ توهان جي بادشاهيءَ ۾ ماڻهو ڪنهن ٻئي دين ۽ آئين تي هجن ان کي اوهان جي ڪمزوريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه چئبو.

ذونواس جي ڇاڙتن کيس مجبور ڪيو ته هو نجران جي نصارى کي دين ۽ آئينِ يهود کي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪري. بادشاھ سفر جو سامان سنباهي ڪجھ لشڪر ساڻ ڪري نجران جي سرزمين ڏانهن سفر شروع ڪيو، اتي پهچڻ کان پوءِ اتي جي چڱن، مَٺن ۽ وڏن کي گڏ ڪري يهوديت کي قبول ڪرڻ جو چيائين.

بادشاھ جي اصرار کان پوءِ به انهن مسيحيت تان هٿ نه کنيو ۽ يهوديت کي قبول ڪرڻ جو چٽو انڪار ڪري بيهي رهيا. موت کي قبول ڪرڻ تي ته اُسري آيا پر پنهنجي آئين تان ٿڙڻ جو صاف انڪار ڪري بيٺا. تنهن تي بادشاھ کي وڏي مٺيان لڳي سو حڪم ڪيائين ته وڏيون وڏيون کاهيون کوٽيون وڃن ۽ اهي سڪل ڪاٺ سان ڀري ان کي باھ ڏني وڃي. جڏهن چرون کوٽجي تيار ٿيون ته ڪيترن ئي مؤمنن کي جيئرو ان ڀڙڪندڙ باھ منجھ اڇلايو ويو ۽ ڪيترن کي تلوار سان قتل ڪري انهن جي لاشن کي ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو.[9]

تاريخ ۾ ملي ٿو ته ويھ هزار ماڻهو تلوار ۽ باھ جو کاڄ بڻجي ويا.[10] ان کان علاوه ڪجھ ڪتابن ۾ 12000 ۽ ڪجھ ۾ 70000 تعداد پڻ ملي ٿو.[11] هيءَ ويل امتحان جي هئي ۽ اها ئي ويل کٽڻ ۽ هارائڻ جي هئي. جيئن شاھ صاحب جو چوڻ آهي ته:

وحده لا شريڪ لہ     ايءُ وهائج وِيءُ

کٽين جي هارائين    هنڌ تنهنجو هيءُ

پاڻان چوندئي پيءُ    ڀري جام جنت جو[12]

ههڙي ئي وقت هڪ سچي ۽ سراپا مؤمن جي پرک پوندي آهي. جيڪي ڀڙڪندڙ باھ کي ڏسي ڀڳا تن بيشڪ هارايو ۽ جن پتنگ جيان پنهنجين جان جي پرواھ نه ڪندي مچ ۾ ڪاهي پيا بيشڪ سي ئي سائين سامهان سرخرو ٿيا.

ڇو جو هن داستان ۾ ملي ٿو ته هڪ عورت جيڪا پنهنجي ننڍڙي ٻار جي ڪري باھ ۾ وڃڻ يا نه وڃڻ جي باري ۾ ڪو فيصلو نه پئي ڪري سگھي ته جيڪڏهن باھ ۾ ٿي وڃي ته سندس ٻار کي کانئس پوءِ ڪير سنڀالڻ وارو نه هوندو ۽ جيڪڏهن باھ ۾ نه ٿي وڃي ته رب جي ذات کي راضي نه ٿي ڪري سگھي؛ هيءَ اڃا انهيءَ ٻڏتر ۾ هئي ته باھ ۾ وڃي يا نه وڃي، ته اچانڪ سندس بي زبان ٻار جو پينگھي منجهان آواز آيو: امان! تون نه گھٻراءِ، منهنجو خدا آهي، تون وڃي پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ سرخرو ٿي. لکن ٿا ته پوءِ اها عورت باھ جي آڙاھ ۾ وڃي گھڙي ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي هڪ ٿي.[13]

تاريخ ۾ ملي ٿو ته نجران جي نصارى جو ايترو ته ايمان پڪو هو ۽ انهن مؤمنن جون پنهنجي مالڪ سان محبت جون ميخون ايتريون ته مضبوط ٿي چڪيون هيون جو هاڻي ڪنهن به زر ۽ زيور جي لالچ ۽ ڪوبه دڙڪو ۽ دهمان محبت جي انهن مضبوط ميخن کي لچڪائي نه پيو سگھي.

تنهنڪري جڏهن کاهي کوٽي ويئي ۽ منجھس آڙاھ پنهنجي عروج تي ٻري رهيو هو ته اتي مرد ته ڇا پر عورتون به اهو پيون چاهين ته ٻئي کان پهرين کيس انهيءَ آڙاھ ۾ وڌو وڃي ته جيئن هن کان پهريان هوءَ پنهنجي مالڪ سان ملاقات ڪري وٺي.[14]

جيئن شاھ صاحب جو چوڻ آهي ته:

پتنگ چاهين پاڻ کي، پسي مچ ۾ موٽ

سهائيءَ سپرينءَ جي، گھڙ ته ٿئي گھوٽ

اڃا تون اروٽُ، کوري خبر نه لهين!

 اصحاب اخدود جو سرانجام

بيشڪ اصحاب اُخدود جي لاءِ قيامت واري ڏهاڙي دردناڪ عذاب آهي. جهڙي نموني مٿي بيان ٿي چڪو ته: >فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيقِ<. انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (پڻ) آھي. پر ڇا هن دنيا ۾ به انهن مٿان ڪو عذاب آيو يا نه؟ ۽ هن دنيا ۾ انهن کان نجران جي مؤمنن کي بيگناھ قتل ڪرڻ جو انتقام ورتو ويو يا نه؟ انهيءَ بابت ڪجھ جو هيءُ عقيدو آهي ته: يهودي جڏهن کاهين جي چوڌاري ويهي نجران جي نصارى کي باھ ۾ اڇلائي رهيا هئا ته انهن جو باھ ۾ ڪرڻ کان اڳ خدا پاڪ روح قبض ڪري پئي ڇڏيو ۽ خدا پاڪ انهن بي گناهن کي سڙڻ کان نجات پئي ڏني ۽ پوءِ تيز هوا جي ڪري اها باھ کاهين جي چوڌاري ويٺلن ۽ جيڪي ان قصي ۾ شريڪ هئا انهن کي وڪوڙي ويئي ۽ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين.[15]

پر اها شيءِ قرآن جي ظاهر ۽ عام مفسّرن جي مخالف آهي، پر ڪجھ مفسرن جو چوڻ آهي ته جڏهن يهودي بادشاھ (ذونواس) نجران جي بيگناھ نصارى کي باھ جي آڙاھ ۾ اڇلائي رهيو هو ته انهن مؤمنن منجهان هڪ ڄڻو روم جي بادشاھ وٽ ويو ۽ انهيءَ جي اڳيان سموري حقيقت ۽ حال اوريائين. قيصر روم چيو: اوهان جي سرزمين (نجران) مون کان ڪافي پري آهي پر حبشه جي بادشاھ ڏانهن خط لکان ٿو اهو مسيحي به آهي ۽ اوهان جي ويجھو پڻ آهي ۽ کيس چوان ٿو ته اوهان جي واهر ڪري.

روم جي بادشاھ خط ۾ حبشه جي بادشاھ نجاشيءَ کي ذونواس کان نجران جي نصارى جي خون جي انتقام جي درخواست ڪئي ۽ ان کان سواءِ خط ۾ سموري حقيقت لکيائين. جڏهن اهو شخص خط کڻي نجاشيءَ وٽ پهتو خط کي پڙهي بادشاھ کي ڏاڍو افسوس ٿيو سو هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ذونواس کان انتقام وٺڻ خاطر يمن ڏانهن روانو ٿيو.

پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، نتيجي ۾ ذونواس کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ڪيترائي سندس ساٿي جنگ دوران مارجي ويا. پوءِ ڪجھ ئي عرصي ۾ نجاشي يمن جي تخت کي اچي سنڀاليو، ان کانپوءِ يمن کي حبشه ملڪ جو هڪ صوبو هجڻ جي حيثيت ڏني ويئي ۽ اهو حبشه جو صوبو شمار ٿيڻ لڳو.

بهرحال هن دنيا ۾ انهن (اصحاب اخدود) جو سرانجام اهو ٿيو ته اهي نجاشيءَ جي تلوار جو کاڄ بڻجي ويا ۽ تخت ۽ تاج پڻ هٿان وڃائي ويٺا ۽ ان کان علاوه آخرت ۾ پڻ انهن لاءِ دردناڪ عذاب (عذابُ الحَريق) آهي.[16]

هن داستان ۾ عبرت آميز نُڪتا

  1. حقيقي مؤمن اهو آهي جيڪو موت کي اکين ڏسي ته به سندس ايمان کي ڪو لهر لوڏو نه اچي.
  2. جيڪڏهن پالڻهار جو پتنگ آهين ته پوءِ مچ ڏسي نه موٽ.
  3. انسان پنهنجي ايمان ۾ ڪڏهن به ڪچو نه هجي.
  4. هٿين خالي انسان کي پنهنجي حريف (دشمن) کي ڏسي هٻڪڻ نه گھرجي.
  5. انسان کي ڌَنَ ۽ مايا تي مغرور نه ٿيڻ گھرجي.
  6. انسان زندگيءَ جا چار ڏهاڙا اهڙيءَ ريت گھاري جو مرڻ کانپوءِ به ماڻهو سندس نانءُ وڏي احترام سان کڻن ۽ سندس زندگيءَ منجهان درس پرائين.
  7. حق جي مقابلي ۾ باطل هر زماني ۾ هار کاڌي آهي.
  8. خدا پنهنجي بندي کي هر طريقي سان آزمائي سگھي ٿو، بس پوءِ انهيءَ کٽيو جنهن هر موڙ تي هر امتحان ۾ ڪامياب ٿي سندس سائين جي سامهون سرخرو ٿي ڏيکاريو.
  9. سچو مؤمن سندس جان کي خطري ۾ ڏسي به سنئينءَ واٽ تان ڪڏهن ناهي سرڪندو.
  10. موت ئي حقيقت ۾ پنهنجي دلي دوست سان وصال جو وسيلو آهي، پوءِ عارف باھ جا اُلاھ ڏسي به ناهن ڏڪندا ۽ انهن جي دل ۾ محبت جون ميخون مضبوط هونديون آهن ۽ انهن کي طبيب جي ايڏي ته تنوار هوندي آهي جو اهي محبت جي مچ ۾ پير پائڻ کان به ناهن ڪيٻائيندا ۽ اهي انهيءَ رنگ ۾ رچي هميشه جي لاءِ پنهنجي پالڻهار سان وڃي هڪ ٿيندا آهن.
  11. دولت جو نشو ماڻهوءَ کي ايترو مَگھن ۽ مَست ٿو ڪري ڇڏي جو ان جي خُمار ۾ اچي ڪُڌا ڪم ڪرڻ کان به ڪونه ٿو ڪيٻائي.

حوالا

 

[1] . دائرة المعارف بزرگ اسلامي، جلد 9، صفحو 106 کان 108.

[2] . قصه هاي قرآن، آية الله العظمى مڪارم شيرازي، صفحو 522؛ تفسير قرطبي، جلد19، صفحو 192؛ تفسير ڪبير، جلد31، صفحو118.

[3] . دائرة المعارف قرآن ڪريم، جلد 3، صفحو 363؛ تفسير ڪبير، جلد 31، صفحو 119؛ روح المعاني، جلد30، صفحو 160.

[4] . قصه هاي قرآن، آية الله مڪارم شيرزاي، صفحو 521.

[5] . سورت بروج، آيت: 4 کان 10 تائين.

[6] . المفصّل، جلد3، صفحو462، 463، 469 ۽ 470.

[7] . بين الحبشة و العرب، صفحو 45.

[8] . تاريخ ايرانيان و عربها در زمان ساسانيان، صفحو 330 ۽ 331.

[9] . دائرة المعارف بزرگ اسلامي، جلد 9، صفحو 106 کان 108.

[10] . قصه هاي قرآن، آية الله مڪارم شيرازي، صفحو 522.

[11] . تفسير قرطبي، جلد19، صفحو 192؛ تفسير ڪبير، جلد31، صفحو118.

[12] . شاھ جو رسالو، سر ڪلياڻ، داستان پهريون.

[13] . الشهداء الحميريين، صفحو 16 ۽ 17.

[14] . دائرة المعارف بزرگ اسلامي، جلد 9، ص 109.

[15] . جامع البيان، جلد30، ص 167؛ مجمع البيان، ج 10، ص 709؛ تفسير ڪبير، ج 31، ص 119.

 _[16]قصه هاي قرآن، آيت الله العظمى مڪارم شيرازي، صفحو 522.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي