Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

قوم عاد جو داستان

قرآن مجيد مطابق اسان جي هدايت جو ذمو خدا پاڪ جي ذات تي آهي، تنهنڪري الله سائينءَ اسان کي وجود بخشڻ کان اڳ ئي اسان جي سونهپ جو سامان مهيا ڪيو ۽ انسان ذات کي خلقڻ کان پهريان ان جي رهنمائي ۽ رهبريءَ خاطر حضرت آدمع جهڙي نبيءَ کي خلقيو. خدا پاڪ جي هادين ۽ هدايت جو اهو سلسلو سهڻي نموني هلندو آيو آهي ۽ هر دور ۾ ڌڻيءَ پاڪ جي هن ڌرتيءَ تي سندس موڪليل ڪو نه ڪو مرشد (هادي) رهيو آهي ته جيئن انسان انهن جي سهائيءَ منجهان سهارو وٺندي ۽ انهن سُونهنِ جي سوجھاڪي ذريعي سنئينءَ راھ کي تلاش ڪري انهيءَ تي ثابت قدم رهي سگھي ۽ انهن سراپا سچن مرشدن ۽ منهندارن پاران بيان ڪيل سندس خلقت جي سبب کي سمجھندي سدائين سندس حقيقي سرجڻهار جي سامهون ادب ۽ احترام وچان سندس گردن کي جُھڪائي ۽ ان ئي ڪريم کي بندگيءَ جي قابل سمجھي ۽ شرڪ ۽ بت پرستيءَ کي باطل ۽ بيڪار سمجھندي ان کان وئون (ونئن) وڃي ۽ نتيجي ۾ ڏاتر جي ڏمر کان ڏور ٿي سدائين ان صاحب جي اڻ کٽ رحمت جي سايي ۾ رهي سگھي؛ پر تنهن هوندي به تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا اَڌرمي انسان ملن ٿا جيڪي الله سائينءَ جي اماڻيل نمائندن جي نافرماني ڪندي نظر اچن ٿا. اهڙن انسانن منجھان قوم عاد کي به قرآن پاڪ ۽ تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍي، ان منجهان قيامت تائين ايندڙ هر انسان کي سبق پرائڻ جو سڏ ڏنو آهي.

اسان هن جاءِ تي «قوم عاد» جي داستان تي هڪ سرسري نگاھ وجھڻ کانپوءِ سموري قصي کي قرآن پاڪ ۽ تاريخ جي روشنيءَ ۾ سربستو بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

قوم عاد تي هڪ مٿاڇري نگاهه

جنهن قوم جي هدايت خاطر حضرت هودع کي نبي بڻائي موڪليو ويو هو تنهن کي قرآن پاڪ «قوم عاد» جي نانءَ سان ياد ڪيو آهي. هيءَ قوم حضرت نوحع جي پشت ۽ نسل منجهان آهي. عاد هن قوم ۽ قبيلي جو اڳواڻ، وڏو يا بزرگ هو تنهنڪري هن قوم کي قوم عاد چيو وڃي ٿو. خود «عاد» جو نسب هن ريت آهي: عاد بن عوص بن ارم بن سام بن جناب نوحع. ۽ حضرت هودع نسب جي لحاظ کان عاد جو ڀاءُ آهي، ڇو ته جناب هودع جو نسب (شجرو) پڻ حضرت نوحع سان وڃي ملي ٿو: هود بن شالخ بن ارفخشد بن جناب نوحع . ۽ هڪ ٻئي قول مطابق جناب هودع جو نسب ۽ شجرو هن ريت آهي: هود بن عبد الله بن رباح بن حلوت بن عاد بن عوص بن آدم بن سام بن حضرت نوحع.[1]

حضرت نوحع کانپوءِ جناب هودع خدا پاڪ جو اهو پيغمبر آهي جنهن کي «قوم عاد» نالي هڪ قوم جي هدايت لاءِ مبعوث ڪيو ويو.[2] ڪجھ تاريخدانن جو اهو خيال آهي ته عاد جو ٻن قبيلن تي اطلاق ٿئي ٿو: هڪ، جنهن جي باري ۾ اهو احتمال ڏنو ويو آهي ته هيءُ قبيلو تاريخ کان پهريان زندگي ڪندو هو ۽ جنهن جو لفظ (ذڪر) قرآن پاڪ ۾ به آيو آهي. ۽ ٻيو قبيلو تاريخ بشر واري زماني ۾.[3]

ان کانپوءِ ذهن ۾ اهو سوال اٿي ٿو ته آيا حضرت هودع جي قوم پهريون قبيلو هئي يا ٻيو قبيلو؟ ان ۾ پڻ علماء جو اختلاف آهي، مگر اختلاف کانپوءِ اهو چيو ويو آهي ته شايد پهريون قبيلو ئي حضرت هودA جي قوم هجي.[4]

هيءَ قوم «احقاف» نالي سرزمين (جيڪا جزيرة العرب ۾ واقع آهي) تي پنهنجي زندگي بسر ڪندي هئي، احقاف «عُمان» ۽ «يمن» جي وچ واري علائقي کي يا «عُمان» ۽ «حضرموت» جي درميان واري علائقي کي چيو ويندو آهي، بس مٿين تفصيل مان اهو معلوم ٿيو ته قومِ عاد ان علائقي ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪندي هئي.[5]

قوم عاد قرآن مجيد جي نگاهه ۾

الله سائينءَ جي پاڪ ڪلام ۾ چوويهه ڀيرا قومِ عاد جو ذڪر ٿيو آهي، اسان اختصار کي نظر ۾ رکندي انهن منجهان هن جاءِ تي فقط هڪ يا ٻن جڳهن جو ذڪر ڪنداسين. انهن منجهان هڪ جاءِ هيءَ آهي ته پالڻهار پنهنجي پياري حبيب حضرت محمد مصطفى3 جن کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو ته: >وَ اذْكُرْ أَخَا عَادٍ إِذْ أَنذَرَ قَوْمَهُ بِالْأَحْقَافِ وَ قَدْ خَلَتِ النُّذُرُ مِن بَين‏ِ يَدَيْهِ وَ مِنْ خَلْفِهِ أَلَّا تَعْبُدُواْ إِلَّا اللَّهَ إِنىّ‏ِ أَخَافُ عَلَيْكمُ‏ْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ< [6] ۽ (اي پيغمبر|!) عاد جي ڀاءُ (ھود) کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي قوم کي (وادي) اَحقاف ۾ ڊيڄاريائين ۽ جڏهن ته بيشڪ کانئس پهريان ۽ پويان (ڪيترائي) ڊيڄاريندڙ گذريا ھئا ته الله کانسواءِ ڪنھن ٻئي جي بندگي نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

۽ اهڙي ئي نموني خداوند متعال جو قوم عاد جي باري ۾ سورت هود ۾ ارشاد ٿئي ٿو ته: > وَإِلَى عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُواْ اللّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـهٍ غَيْرُهُ إِنْ أَنتُمْ إِلاَّ مُفْتَرُونَ يَا قَوْمِ لا أَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْرًا إِنْ أَجْرِيَ إِلاَّ عَلَى الَّذِي فَطَرَنِي أَفَلاَ تَعْقِلُونَ وَيَا قَوْمِ اسْتَغْفِرُواْ رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُواْ إِلَيْهِ يُرْسِلِ السَّمَاء عَلَيْكُم مِّدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَى قُوَّتِكُمْ وَلاَ تَتَوَلَّوْاْ مُجْرِمِينَ قَالُواْ يَا هُودُ مَا جِئْتَنَا بِبَيِّنَةٍ وَمَا نَحْنُ بِتَارِكِي آلِهَتِنَا عَن قَوْلِكَ وَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ إِن نَّقُولُ إِلاَّ اعْتَرَاكَ بَعْضُ آلِهَتِنَا بِسُوَءٍ قَالَ إِنِّي أُشْهِدُ اللّهِ وَاشْهَدُواْ أَنِّي بَرِيءٌ مِّمَّا تُشْرِكُونَ مِن دُونِهِ فَكِيدُونِي جَمِيعًا ثُمَّ لاَ تُنظِرُونِ إِنِّي تَوَكَّلْتُ عَلَى اللّهِ رَبِّي وَرَبِّكُم مَّا مِن دَآبَّةٍ إِلاَّ هُوَ آخِذٌ بِنَاصِيَتِهَا إِنَّ رَبِّي عَلَى صِرَاطٍ مُّسْتَقِيمٍ فَإِن تَوَلَّوْاْ فَقَدْ أَبْلَغْتُكُم مَّا أُرْسِلْتُ بِهِ إِلَيْكُمْ وَيَسْتَخْلِفُ رَبِّي قَوْمًا غَيْرَكُمْ وَلاَ تَضُرُّونَهُ شَيْئًا إِنَّ رَبِّي عَلَىَ كُلِّ شَيْءٍ حَفِيظٌ وَلَمَّا جَاء أَمْرُنَا نَجَّيْنَا هُودًا وَالَّذِينَ آمَنُواْ مَعَهُ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَنَجَّيْنَاهُم مِّنْ عَذَابٍ غَلِيظٍ وَتِلْكَ عَادٌ جَحَدُواْ بِآيَاتِ رَبِّهِمْ وَعَصَوْاْ رُسُلَهُ وَاتَّبَعُواْ أَمْرَ كُلِّ جَبَّارٍ عَنِيدٍ وَأُتْبِعُواْ فِي هَـذِهِ الدُّنْيَا لَعْنَةً وَيَوْمَ الْقِيَامَةِ أَلا إِنَّ عَادًا كَفَرُواْ رَبَّهُمْ أَلاَ بُعْدًا لِّعَادٍ قَوْمِ هُودٍ<[7]

۽ عادين (قوم عاد) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي (موڪليوسون)، چيائين ته: اي منھنجي قوم! الله سائينءَ جي بندگي ڪريو، اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود ناھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ آھيو. اي منھنجي قوم! اوھان کان (ھن پيغام پھچائڻ تي) ڪو به اجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو رڳو انھيءَ تي آھي جنھن مون کي خلقيو آھي، پوءِ اوھين ڇو نه ٿا سمجھو؟ اي منھنجي قوم! پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو وري سندس اڳيان توبه ڪريو ته اوھان تي لڳولڳ وسندڙ ڪڪر موڪليندو ۽ اوھان جي سگھ تي سگھ وڌائيندو ۽ اوھين ڏوھي ٿي منھن نه ڦيريو. چيائون ته: اي ھُود! اسان وٽ ڪوئي دليل نه آندو اٿئي ۽ اسين تنھنجي چوڻ تي پنھنجن معبودن کي ڇڏڻ وارا نه آھيون ۽ نڪي توکي مڃيندڙ آھيون. اسين توکي رڳو (ھيءَ ڳالھ) چئون ٿا ته اسان جي ڪِن بُتن توکي ڪي ايذايو آھي، (ھود) چيو: بيشڪ آءٌ الله کي شاھد ڪريان ٿو ۽ اوھين به شاھد ھُجو بتحقيق آءٌ انھن کان بيزار آھيان جن کي (الله سان) شريڪ بڻائيندا آھيو. اُن (الله) ڌاران پوءِ مون سان سڀئي مدائي ڪريو وري مون کي مُھلت نه ڏيو. بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار الله تي ڀروسو ڪيو آھي، ڪو (جاندار) چرندڙ نه آھي جنھن جي پيشانيءَ (جي چَڳَ) اُن (الله) کانسواءِ ٻيو ڪو (ھٿ ۾) وٺندڙ ھجي، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڌيءَ واٽ تي آھي. پوءِ جيڪڏھن اوهان ڦرندؤ ته (مون کي ڇا ٿيندو) بيشڪ جنھن پيغام سان اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھيان سو اوھان کي پھچايم، ۽ منھنجو پالڻھار اوھان کانسواءِ ٻيءَ قوم کي اوھان جي جاءِ تي ويھاريندو، ۽ اوھين کيس ڪُجھ ذرو نقصان پھچائي نه سگھندؤ، بيشڪ منھنجو پالڻھار سڀني شين تي نگھبان آھي.

۽ جيڏي مھل اسان جو عذاب پھتو (تيڏي مھل) ھود کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو هو تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسون، ۽ کين سخت عذاب کان ڇڏايوسون. ۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀ ڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا. ۽ ھن دُنيا ۾ (به) ۽ قيامت جي ڏينھن (به) پويان لعنت لاتي وينِ، خبردار! بتحقيق عادين پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو، خبردار عادين کي لعنت ھجي جو ھود جي قوم ھئا.

خداوند متعال هتي لفظ «اخ» سان تعبير ڪئي آهي، اهڙي قسم جي تعبير ڪرڻ جناب هودA جو ان قوم سان دلسوز ۽ مهربان هجڻ کي بيان ڪري رهي آهي. اهڙي قسم جي تعبير قرآن مجيد ۾ ٻين به کوڙ سارن پيغمبرن جي باري ۾ آئي آهي، اهي پنهنجي قوم سان ايترا ته دلسوز ۽ مهربان هئا جو انهن پنهنجي قوم جي هدايت ۽ سڌاري جي لاءِ پنهنجي پاڻ تي ايندڙ هر تڪليف کي سَٺو. يا اهو به ٿي سگھي ٿو ته ان پيغبر جي سندس قوم سان قرابتداري جي ڪري خداوند متعال اهڙي لفظ (اخ) سان تعبير ڪئي هجي.[8]

قوم عاد ۽ سندس شهر جون خاصيتون

قرآن مجيد جي آيتن منجهان اهو سمجھ ۾ ٿو اچي ته قوم عاد جا ماڻهو قد جا وڏا، طاقتور ۽ پهلوان هوندا هئا. هن قوم جو وڏي ۾ وڏو قد وارو ماڻهو هڪ سئو ذراع (نريون) ۽ ننڍي ۾ ننڍو ستر ذراع جو هوندو هو. حضرت امام محمد باقرA جن فرمائن ٿا ته: عاد جي قوم کجين وانگر ڊگھي قد جي هئي، انهن جا قد ايترا ته ڊگھا هوندا هئا جو انهن منجهان ڪوبه شخص اهو ڪري سگھيو ٿي جو پنهنجي هٿ جي هڪ ڌڪ سان جبل منجهان هڪ ٽڪڙي کي جدا ڪري.[9] انهيءَ ڪري اهي وڏيون وڏيون، مضبوط ۽ محڪم جڳهيون ۽ عمارتون ٺاهيندا هئا. هيءَ ترقي ڪرڻ واري هڪ قوم هئي ۽ هن قوم جا عظيم ۽ آباد شهر هوندا هئا جن ۾ هي پنهنجي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ پيداوار جي لحاظ کان هن قوم جي بهترين زمين، ۽ زراعت هوندي هئي. قرآن ان قوم کي پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ هن ريت ياد ڪيو آهي: >أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ إِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ الَّتِي لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ<[10] نه ڏٺئي ته ڇا (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو؟ (جيڪي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھئا. جن جھڙو شھرن ۾ ڪو شهر نه بڻايو ويو آھي.

هن جاءِ تي جيڪو لفظ «ارم» ذڪر ٿيو آهي، ڇا اهو ڪنهن شخص يا قبيلي جو نالو آهي يا ڪنهن جڳهه ۽ شهر جو نالو آهي؟ ان ۾ مفسّرن جي درميان اختلاف آهي. ليڪن بعد واري آيت جي مناسب اهو آهي ته ارم انهن جو هڪ بهترين ۽ بي نظير شهر هو. ۽ جيڪو لفظ «عماد» ذڪر ٿيو آهي پهرئين تفسير مطابق قوم عاد جي طاقتور ۽ قدرتمند هجڻ ڏانهن اشارو آهي ۽ ٻئين تفسير مطابق انهن جي باعظمت جڳهن، بلند محلن، ماڙين، محلاتن ۽ بنگلن ۽ انهن جي عظيم ستونن ڏانهن اشارو آهي ۽ ٻنهين صورتن ۾ حقيقيت ۾ ڏسجي ته ان قوم جي قدرت ۽ قوّت ڏانهن اشارو آهي.[11]

قوم عاد جو دين ۽ آئين

هيءَ هڪ ڪافر ۽ بت پرست قوم هئي ۽ هڪ جابر، ڏاڍي ۽ بيدادگر بادشاھ جي اتباع ۽ پيروي ڪندي هئي. جهڙي نموني خداوند متعال جو ارشاد ٿئي ٿو ته: >وَتِلْكَ عَادٌ جَحَدُواْ بِآيَاتِ رَبِّهِمْ وَعَصَوْاْ رُسُلَهُ وَاتَّبَعُواْ أَمْرَ كُلِّ جَبَّارٍ عَنِيدٍ<[12] ۽ اھو حال عادين جو آھي جو پنھنجي پالڻھار جي نشانين جو انڪار ڪيائون ۽ پنھنجي پيغمبرن جي نافرماني ڪيائون ۽ سڀ ڪنھن ھٺيلي فساديءَ جي حُڪم جا تابعدار ٿيا.

حضرت هودA جي رسالت

جناب هودA تي هيءُ نالو ان ڪري پيو جو جنهن شيءِ جي ڪري سندس قوم گمراهه ٿي هئي پاڻ ان ۾ مبتلا نه ٿيو ۽ هدايت پاتائين. (يعني سندس قوم بت پرستي ڪندي هئي پاڻ بت پرستيءَ کان پاسو ڪيائين ۽ ان جي ويجھو نه ويو ۽ ان قوم جي وچ منجھ رهي ڪري خدا پرست رهيو ۽ هدايت يافته بڻجي ويو، تنهنڪري کيس «هود» جي نانءَ سان سڏيو ويو). جڏهن پالڻهار جي ذات ڏٺو ته سڄي قوم هن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي پوڄا ڪري رهي آهي ۽ فقط هود آهي جيڪو فقط منهنجي سامهون ئي سر سجدي ۾ رکي ٿو ۽ مون خدا جي ئي بندگي ڪري ٿو ته پوءِ خدا پاڪ ان ڪڌيءَ قوم ڏانهن جناب هودA کي نبيءَ طور مبعوث ڪيو ته جيئن هو ان قوم کي گمراهيءَ کان روڪي ۽ ان کي سنئين واٽ جي هدايت ڪري.[13] جهڙوڪ خداوند متعال جو ارشاد ٿئي ٿو ته: >وَإِلَى عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُواْ اللّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَـهٍ غَيْرُهُ إِنْ أَنتُمْ إِلاَّ مُفْتَرُونَ<[14] ۽ عادين ڏانھن سندن ڀاءُ ھود کي موڪليو سين، چيائين ته: اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪوبه معبود نه آھي، اوھين رڳو ٺاھ ٺاھيندڙ (تهمت هڻندڙ) آھيو.

جناب هودA جي دعوت تمام نبين جي دعوت وانگر هئي، جهڙي نموني ٻين نبين به پنهنجي پنهنجي قوم کي خدا جي هيڪڙائيءَ ڏانهن سڏيو ۽ شرڪ کان جھليو اهڙيءَ ريت جناب هودA پڻ پنهنجيءَ قوم کي توحيد ڏانهن دعوت ڏني ۽ پنهنجي قوم کي اهو چيائين ته: خدا فقط هڪ آهي جيڪو اسان سڀني جو خالق آهي ۽ اهو ئي بندگيءَ جوڳو آهي ۽ ان جي ئي اطاعت ڪريو ۽ ٻئي ڪنهن کي به خدا جو شريڪ نه بڻايو.[15]

جڏهن جناب هودA انهن کي خدا جي بندگيءَ ڪرڻ جي دعوت ڏني ته انهن کيس چيو ته: تون اسان کي بتن جي عبادت کان روڪين ٿو جڏهن ته اسان جا ابا ۽ ڏاڏا ته بتن کي ئي جھڪندا هئا ۽ انهن جي ئي پوڄا ڪندا هئا. اي هود! تو وٽ پنهنجي نبوت جي ثابتيءَ لاءِ ڪوبه دليل ناهي، اسان ڪڏهن به تنهنجي چوڻ تي سَندَنِ (پنهنجن) خدائن کي نه ڇڏينداسون ۽ ڪنهن به صورت ۾ توتي ايمان نه آڻيندا سون.[16]

انهن اڃا وڌيڪ چيو ته: اي هود! تون جو اسان جي خدائن جي مخالفت ڪرين ٿو ۽ ماڻهن کي جھلين ٿو ته اهي انهن جي عبادت نه ڪن، اسان اهو خيال ڪريون ٿا ته اسان جا خدا تنهنجي ان حرڪت جي ڪري توتي غضبناڪ ٿيا آهن ۽ توکي هڪ رواني ۽ ذهني بيماريءَ ۾ وڌو اٿن، بس ان رواني بيماريءَ جي ڪري ئي تون پنهنجي زبان تي اهڙا لفظ جاري ڪرين ٿو ۽ نبوت جي دعوى ڪرين ٿو ۽ حقيقت ۾ تون خدا پاران موڪليل نبي ناهين.

حضرت هودA کين چيو ته: اي قوم عاد! ڇو تقوى اختيار نٿا ڪريو ۽ خدا کان ڇو نه ٿا ڊڄو؟ آئون الله پاڪ جي طرفان هڪ امينُ پيغمبر آهيان، اوهان منهنجي گذشته زندگيءَ کان ڀليءَ ڀت آگاهه آهيو، ڪڏهن به آئون غلط نه ويو آهيان ۽ ڪڏهن به مون ڪوڙ ناهي ڳالهايو. پالڻهار کان ڊڄو ۽ منهنجي ڳالهه کي قبوليو، آئون اوهان کان ڪوبه اجورو نه ٿو گھران، منهنجو اجورو فقط خدا پاڪ تي آهي. غلط ڪمن ۽ بيهوده ڳالهين کان پاسو ڪريو.

اي قوم عاد! هي جيڪي محل، ماڙيون ۽ بنگلا جوڙيا اٿو اوهان سمجھو ٿا ته اهي سدائين رهندا، نه هرگز نه، اهي هڪ ڏينهن فنا ٿيڻا آهن ۽ بقا صرف الله جي ذات کي ئي آهي.

اي منهنجي قوم! خدا کان ڊڄو، جنهن خدا اوهان کي هيتريون ساريون نعمتون ڏنيون آهن، سرسبز باغ، ذرخيز ٻنيون ۽ پاڻي سان ڀريل نهرون اوهان کي عطا ڪيون اٿس، اوهين وري به ان خدا جي مقابلي ۾ اٿي کڙا ٿيا آهيو ۽ ان کي ڇڏي بتن کي جھڪي رهيا آهيو. آئون ڊڄان ٿو ته الله سائين اوهان کي متان ڪنهن دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪري.

انهن چيو ته: اي هود! جي خدا چاهيو ٿي ته اسان ڏانهن ڪو نبي موڪلي ته ڪنهن فرشتي کي موڪلي ها نه توکي. اسان ڪڏهن به تنهنجي دعوت کي نه قبولينداسون. تون مسلسل جنهن عذاب کان اسان کي هيڻائين پيو ان کي آڻ، اسان کي ان عذاب کان ڪوبه خوف ناهي.[17] بالآخر ان بدنصيب ۽ بدڪردار قوم الله پاڪ جي ان نمائندي جي هڪ به نه ٻڌي ۽ مٿن خدا جي عذاب جي شروعات ٿي. يعني اهي معنوي اعتبار سان اهڙي ته مرض ۾ مبتلاء ٿي ويا جو انهن کي حڪيم هر هر سمجھائي پيو ته هن فلان شيءِ کان ڪِري ڪريو ته توهان روحاني مرض کان شفا پائي ويندؤ پر انهن جي اڳيان اهي وعظ ۽ نصيحتون «رڍن جي اڳيان رَباب وڄائڻ وانگي» هيون، ۽ اهي نبيءَ جي محضر ۾ هوندي به روحاني مريض ئي رهجي ويا، ۽ پنهنجي دنيا توڙي آخرت برباد ڪري ڇڏيائون. جيئن شاهه ڀٽائي فرمائي ٿو ته:

هئين ته حڪيمن وٽِ     پر جِيءُ ڪيئن جڏو ٿِيُئي

سُتي تنهنجي سورن جي      هئي به انهن وٽِ

پوءِ تو ۾ هئي ڪا گھٽِ      هو ته سالڪَ هئا اِن سُور جا

قوم عاد جو سرانجام

جڏهن هن قوم پاڻ ڏانهن موڪليل نبيءَ جي نافرماني ڪئي ۽ ان جي ڪنهن به ڳالهه تي ڪو ڪن نه ڏنو ۽ پنهنجي هير تان نه هٽيا ۽ پنهنجي ان بيڪار ڪِرت کي ڪنهن به قيمت تي ڇڏڻ لاءِ راضي نه ٿيا ۽ جهڙي نموني پهريان بت پرست هئا اهڙي نموني نبيءَ جي اچڻ کانپوءِ به پنهنجي پهرين ئي راهه جا راهي رهيا ته حجت تمام ڪرڻ کانپوءِ خدا هاڻي مٿن پنهنجو ڏمر ظاهر ڪيو. پهريان جنهن جاءِ تي هن قوم جي زمين سرسبز ۽ ذرخيز هئي خدا جي نافرمانيءَ کانپوءِ ٽي سال مسلسل ڏڪار آيو، تنهن هوندي به هن ڪڌيءَ قوم کي توبه جي توفيق نه ٿي، ٽن سالن جي ڏڪار ۽ قحطيءَ کانپوءِ آسمان تي هڪ ڪارو ڪڪر ظاهر ٿيو، هنن اهو خيال ڪيو ته هاڻي اهو ڪڪر بارش وسائيندو ۽ اسان جي زمين وري آباد ۽ سرسبز ٿي ويندي ۽ هيءُ ڏڪارُ سڪار ۾ تبديل ٿي ويندو، پر حقيقت ۾ اتان کان مٿن خداوند متعال جي عذاب جو آغاز ٿيو هو. جهڙي نموني الله پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: >فَلَمَّا رَأَوْهُ عَارِضًا مُّسْتَقْبِلَ أَوْدِيَتِهِمْ قَالُوا هَذَا عَارِضٌ مُّمْطِرُنَا بَلْ هُوَ مَا اسْتَعْجَلْتُم بِهِ رِيحٌ فِيهَا عَذَابٌ أَلِيمٌ  تُدَمِّرُ كُلَّ شَيْءٍ بِأَمْرِ رَبِّهَا فَأَصْبَحُوا لَا يُرَى إِلَّا مَسَاكِنُهُمْ كَذَلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِينَ<[18] پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر (جھڙو) ڏٺائون جو سندن ميدانن ڏانھن سامھون ايندڙ ھو تنھن مھل چيائون ته: ھيءُ ڪڪر آھي جيڪو اسان تي وَسندو، (ھود چيو ته: نه نه!) بلڪي اِھو اُھو آھي جنھن کي جلدي گھريؤ، اھا ھڪ آنڌي آھي جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. جيڪا (آنڌي) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم سان سڀ ڪنھن شيءِ کي ناس ڪندي، پوءِ (اھڙا ناس) ٿيا جو سندن گھرن کان سواءِ ڪجھ نه ٿي ڏٺو ويو، اھڙيءَ طرح اسان ڏوھاري قوم کي سزا ڏيندا آھيون.

هن قوم تي هڪ عجيب طوفان، تمام ٿڌي ۽ تيز هوا ۽ آنڌيءَ سان عذاب نازل ڪيو ويو. ايڏي تيز هوا هئي جو انهن اهو فڪر ڪيو ته وڻَ به ٿي سگھي ٿو پاڙان نڪري وڃن. ۽ انهن جي جڙيل اهي ماڙيون ۽ محلاتون جن تي فخر ۽ ناز ڪندا هئا ته هي هميشه رهنديون اهي ويران ۽ برباد ٿي ويون.[19]

قرآن مجيد انهن جي اهڙي قسم جي عذاب کي مختلف تعبيرن سان بيان ڪيو آهي، انهن مختلف تعبيرن کي هن جاءِ تي بيان ٿو ڪجي ته جيئن اها شيءِ وڌيڪ وائکي ٿي سگھي.

1 . الله سائينءَ جو ارشاد ٿئي ٿو ته: >وَأَمَّا عَادٌ فَأُهْلِكُوا بِرِيحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ<[20] ۽ عاد، سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ۽ تباهه ڪيا ويا.

2 . وري هڪ ٻيءَ جاءِ تي الله پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو ته: >فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا صَرْصَرًا فِي أَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيقَهُمْ عَذَابَ الْخِزْيِ فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَلَعَذَابُ الْآخِرَةِ أَخْزَى وَهُمْ لَا يُنصَرُونَ<[21] تنھنڪري نحس (يعني مُصيبت جي) ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون ته کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ ان ڏينهن اُنھن جي ڪا مدد به نه ڪئي ويندي.

3 . اهڙي نموني سورت ذاريات ۾ الله پاڪ جو ارشاد ٿو ٿئي ته: >وَفِي عَادٍ إِذْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ الرِّيحَ الْعَقِيمَ< [22] ۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت ۽ درس آھي) جڏھن انهن تي (ھڪ) بي برڪتو ۽ بي فائدو واءُ موڪليوسون.

«ريح عقيم» هڪ اهڙيءَ هوا کي چيو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪو جھڙ يا ڪڪر وغيره ناهي هوندو ۽ نه ئي هن هوا جي لڳڻ سان ڪو وڻ ڦلدار ٿئي ٿو. (يعني هن هوا جي گھلڻ سان نه ئي ڪو پکي پکڻ خوش ٿيندو آهي ۽ نه ئي وري ماڻهن جي منهن تي ڪا مرڪ ايندي آهي ۽ نه ئي ڪا رُت ڀلي ٿيڻ جو ڪارڻ آهي ۽ نه ئي وڻ ٻوڪبا ۽ ٻور جھليندا آهن) بلڪه ههڙي قسم جي هوا خداوند متعال جو هڪ عذاب آهي ۽ جنهن ۾ ڪابه رحمت ناهي، خدا پاڪ اهڙيءَ هوا کي قوم عاد تي سندس بداعماليءَ جي ڪري عذاب طور موڪليو ته جيئن ان قوم کي هلاڪ ۽ نابود ڪري. بس انهن جا اهي اڏيل پڪا ۽ پختا محل ۽ ماڙيون نابود ٿي ويون ۽ انهن جا اهي اڏيل محل ۽ محلاتون ايتريون ته هلڪيون ٿي ويون جو اها هوا انهن کي آسانيءَ سان جابجا پئي ڪري، ۽ انهن جون اهي جايون جن کي هنن ايڏو محڪم ۽ مضبوط ٿي ڀانيائون اهي ڪپهه جي ڦوندن جيان ايتريون ته هلڪيون ٿي ويون جو اها هوا انهن کي آسمان جي طرف کڻي پيئي وڃي. ست ڏينهن لڳاتار اها تيز هوا انهن جي لاءِ عذاب طور لڳندي رهي.[23]

4 . وري هڪ ٻيءَ جاءِ تي خداوند متعال جو ارشاد ٿئي ٿو ته: >فَلَمَّا رَأَوْهُ عَارِضًا مُّسْتَقْبِلَ أَوْدِيَتِهِمْ قَالُوا هَذَا عَارِضٌ مُّمْطِرُنَا بَلْ هُوَ مَا اسْتَعْجَلْتُم بِهِ رِيحٌ فِيهَا عَذَابٌ أَلِيمٌ<[24] پوءِ جنھن مھل اُن کي ڪڪر جھڙو ڏٺائون جو سندن ميدانن ڏانھن سامھون ايندڙ ھو تنھن مھل ڀانيائون ته ھيءُ ڪڪر آھي جو اسان تي وَسندو، (ھود چيو ته: نه نه!) بلڪي اِھو اُھو آھي جنھن کي جلدي گھريؤ، اھا ھڪ آنڌي آھي جنھن ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

البته هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته اها ڪهڙي قسم جي هوا هئي؟ ڇا ايتري تيز هوا هئي جو ماڻهن کي هڪٻئي کان ڇني ڇڊو ڪري ڇڏيائين ۽ ٽيڙي پکيڙي ڇڏيائين؟ يا اها هوا ايڏي گرم ۽ زهريلي هئي جو جنهن کي لڳي ٿي تنهن کي ڳريل هڏيءَ جهڙو ٿي ڪري ڇڏيائين؟ انهن ٻن احتمالن منجهان قرآن پاڪ ٻئي احتمال ڏانهن اشارو ڪندي فرمائي ٿو ته: >مَا تَذَرُ مِن شَيْءٍ أَتَتْ عَلَيْهِ إِلَّا جَعَلَتْهُ كَالرَّمِيمِ<[25] جو جنھن شيءِ تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کان سواءِ نه ڇڏي.

قوم عاد جو عذاب ۾ گرفتار ٿيڻ جا ڪارڻ

هن قوم ٻين ڀٽڪيل قومن وانگي اهڙا گناهه انجام ڏنا جيڪي خدا پاڪ جي عذاب جو باعث بڻيا، اهي گناهه هي آهن:

1 _ غير خدا (بتن) کي خدا جو شريڪ بڻائڻ.

2 _ پنهنجي حقيقي خدا کي ڇڏي غير خدا جي بندگي ڪرڻ.

3 _ خدائي آيات جو انڪار ڪرڻ. [26]

4 _ پيغمبر جي حڪمن جي نافرماني ڪرڻ. (نبيءَ جي ڳالهه کي نه مڃڻ) [27]

5 _ حضرت هودA تي ناروا تهمتون مڙهڻ.[28]

هن داستان ۾ عبرت آميز نُڪتا

1 : انسان مادي نعمت جي جٽاء ۽ جيوت تي ايترو ويساهه نه ڪري ته اها سدائين وٽس هوندي بلڪي اها واريءَ جي ڪوٽ وانگي آهي جيڪو هلڪي لوڏي تي به ڪري پنهنجو وجود وڃائي ويهي ٿو. جيئن شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

واريءَ سندو ڪوٽ     اڏي اڏيندين ڪيترو؟

2 : جيڪڏهن الله پاڪ ڪنهن انسان جي مٿان پنهنجي نعمتن جي مينهن وسائي ٿو ته پوءِ کيس نعمت جي جهجهائيءَ جي ڪري هٺ ۽ تڪبّر نه ڪرڻ گھرجي.

3 : خدا جي نعمت ۽ سندس رزق جو ونڊ، مُوحّد توڙي مُلحد ٻنهي کي شامل حال آهي نه فقط موحّد کي.

4 : ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي پالڻهار جي ناشڪري ۽ نافرماني نه ڪرڻ گهرجي.

5 : خدا کي ڇڏي غير خدا جي پوڄا ڪرڻ سان ربّ جي ذات ڏمرجي ٿي.

6 : قادر جي قهر کي ڪائي قوّت آڏي نٿي اچي سگھي.

7 : قوم عاد تي ايندڙ عذاب فقط ان قوم سان مخصوص نه هو بلڪي جنهن به قوم جو اهڙو ڪردار هوندو اها اهڙي قسم جي عذاب جي گرفت کان نٿي بچي سگھي.

حوالا

[1]  قصص الانبياء، ص 135

[2]  تفسير ميزان، سورت هود جي آيت نمبر 50 کان 60 تائين جي ذيل ۾

[3]  قصه هاي قرآن بر اساس تفسير نمونه، ص 61

[4]  داستان هاي قرآن و تاريخ انبياء در تفسير ميزان، ج 1 ص 274

[5]  قصه هاي قرآن بر اساس تفسير نمونه، ص 61

[6]  سورت احقاف (46) آيت 21

[7]  سورت هود (11) آيت 50 کان 60 تائين

[8]  تفسير نمونه، ج 21 ص 351

[9]  قصص الانبياء (قصص قرآن) ص 135

[10]  سورت فجر (89) آيت 6 کان 8 تائين

[11]  تفسير نمونه، ج 26 ص 452

[12]  سورت هود (11) آيت 59

[13]  معاني الاخبار، شيخ صدوقP، ج 1 ص 108

[14]  سورت هود (11) آيت 50

[15]  تفسير نمونه، ج 9 ص 128

[16]  تفسير سورت هود، آيت 53

[17]  قصه هاي قرآن، ص 58

[18]  سورت احقاف (46) آيت 24 ۽ 25

[19]  قصه هاي قرآن، ص 60

[20]  سورت الحاقه ( 69) آيت 6

[21]  سورت فصلت، آيت 16

[22]  سورت ذاريات (51) آيت 41

[23]  معاني الاخبار ، شيخ صدوق P ، ج 1 ص 108

[24]  سوره احقاف (46) آيت 24

[25]  سورت ذاريات (51) آيت 42

[26]  سورت هود ، آيت 59

[27]  ساڳيو

[28]  سورت اعراف، آيت 66

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي