Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

قرآن ۽ ڊارونزم (3)

ب) آيتن جي جمع بندي ۽ نتيجو:

مذڪوره آيتن مان ٽي مختلف مطلب سامهون اچن ٿا:

  • مٽي منجھان خلقت
  • نطفي منجھان خلقت
  • هڪ نفس مان خلقت

ٻئين قسم جون آيتون جيڪي انسان جي خلقت کي نطفي مان ڄاڻائن ٿيون سي حقيقت ۾ انساني نسل جي واڌ ويجھه ڏانهن اشارو ڪندڙ آهن، ان اعتبار سان هن قسم جون آيتون ان مطلب کي بيان ڪندڙ آهن ته انسان جي خلقت سندس پيءُ ۽ ماءُ ذريعي نطفي جي منعقد ٿيڻ ۽ ڪجھ ٻين مرحلن جي گذرڻ سان ٿئي ٿي.

قرآن ۽ ڊارونزم (2)

ج) ڊارون جي نظريي جا اصول ۽ بنيادي رڪن

ڊارون پنهنجي هن ارتقائي نظريي جوڙڻ کان اڳ موجودات منجھ ايندڙ ڪن تبديلين جو مشاهدو ڪري ٿو، خاص طور تي جڏهن هو درياء جي رستي سفر ڪري ٿو تڏهن ڪيترائي اهڙا نمونا هن جي ڌيان جا مرڪز رهن ٿا. پوءِ ”تنازعي ۽ ٽڪراءُ“ واري صورتحآل کي بيان ڪري ٿو هن جي نظر ۾ هن ارتقائي نظريي لاءِ مڙني جنسن ۾ ”جهيڙو ۽ ٽڪراءُ“

قرآن ۽ ڊارونزم (1)

ڊارونزم يا ڊارون جو ارتقائي نظريو (Theory) پنهنجي آغاز کان هينئر تائين علمي معاشري ۾ هڪ معرڪه آراء نظريو رهيو آهي، هن نظريي مغرب ۾ ديني ۽ غير ديني دانشورن مٿان جيڪي اثر ڇڏيا سي انڪار جوڳا ناهن. جنهن ڏينهن هي نظريو جوڙيو ويو ان ڏينهن کان اڄ تائين ماڻهن جا ذهن ۽ ڌيان هن ڏانهن ڇڪبا رهيا آهن ۽ ان عرصي ۾ جتي هن نظريي کي ڪي قبول ڪندي نظر اچن ٿا ته اتي وري ڪيترائي فلسفي عالم، متڪلم ۽ مختلف دينن ۽ مڪتبن جا دانشور رد ڪندي پڻ نظر اچن ٿا.