اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

قرآن ۽ ڊارونزم (2)

ج) ڊارون جي نظريي جا اصول ۽ بنيادي رڪن

ڊارون پنهنجي هن ارتقائي نظريي جوڙڻ کان اڳ موجودات منجھ ايندڙ ڪن تبديلين جو مشاهدو ڪري ٿو، خاص طور تي جڏهن هو درياء جي رستي سفر ڪري ٿو تڏهن ڪيترائي اهڙا نمونا هن جي ڌيان جا مرڪز رهن ٿا. پوءِ ”تنازعي ۽ ٽڪراءُ“ واري صورتحآل کي بيان ڪري ٿو هن جي نظر ۾ هن ارتقائي نظريي لاءِ مڙني جنسن ۾ ”جهيڙو ۽ ٽڪراءُ“

جو عنصر هڪ بنيادي جزء آهي. 

جڏهن ڊارون ”آبادي“ بابت لکيل مالٽوس[1] جي ٿيسز جو مطالعو ڪيو ته مٿس وڏو اثر پيو، مالٽوس هن ٿيسز ۾ ان ڳالھ جي ثابتي ۾ رڌل هو ته زمين جي هن گولي تي هڪ پاسي کان آبادي جيئن پوءِ تيئن وڌي رهي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي کان معاشي ۽ اقتصادي حالات هن وڌندڙ آبادي جي گھرجن جو پورائو ڪندڙ ناهن، تنهنڪري هر نسل جو هڪ وڏو حصو بالغ ٿيڻ کان اڳ طبعي عنصرن جهڙوڪ: زلزلو، جنگ، ڏڪار وغيره سان ختم ٿيڻ گھرجي ته جيئن آبادي ۽ معاشي حالات ۾ تعادل ۽ مطابقت اچي سگھي. مالٽوس جي اها ڳالھ ڊارون تي سٺو اثر ڪيو جنهن کان پوءِ ڊارون ” بقا جي جنگ ۽ ٽڪراءُ“ جو هڪ عنصر جوڙيو.[2]

هي تنازعو ۽ ٽڪراءُ حقيقت ۾ جهان ۾ رونما ٿيندڙ ٻن شين جو نتيجو آهي:

هڪ طرف کان سڀئي جاندار، فطرتي طور تي واڌ ويجھ ڏانهن لاڙو ۽ رجحان رکن ٿا، يعني نسل جي واڌ ويجھ هنن جي ذات جي تقاضا آهي.

ٻئي پاسي کان ماحول ۽ معاشري ۾ جيئڻ ۽ باقي رهڻ جا ذريعا پڻ محدود ۽ گھٽ آهن، جڏهن ذريعا گھٽ آهن ته انهن جون گهرجون ۽ ضرورتون پوريون نٿيون ٿي سگھن جنهن جي نتيجي ۾ جيئڻ ۽ حياتي لاءِ منجھن ٽڪراءُ ۽ تنازعو وجود ۾ اچي ٿو. اهڙي صورت حال ۾ طبيعت ۽ نيچر ئي آهي جيڪا ڪنهن موجود جي بقا ۽ جيئڻ کي تعيين ڪندڙ آهي.

تنازعي ۽ ٽڪراءُ واري عنصر کان پوءِ، ڊارون ”طبعي چونڊ“ (Natural selection) يا ”طبيعت سان وڌيڪ مناسبت رکندڙ جو باقي رهڻ“ (survival of the fittest)[3] کي سندس ارتقائي نظريي جو هڪ ٻيو بنيادي رڪن ۽ جزء قرار ڏئي ٿو. يعني جاندارن منجھ جڏهن جيئڻ ۽ بقا جو تنازعو ۽ ٽڪراءُ وجود ۾ اچي ٿو ته اتي ماحول ۽ طبيعت پنهنجي فطرتي ۽ قدرتي صورت ۾ ڪجھ اهڙن جاندارن کي چونڊ ڪري ٿي جيڪي ان طبيعت سان مطابقت پيدا ڪرڻ ۾ وڌيڪ قابليت رکندڙ هجن، پوءِ طبيعت جي هن ماحول سان پاڻ کي مطابقت ڏيڻ جو نتيجو منجھن تبديلين جو ظاهر ٿيڻ آهي جيڪي تبديليون درجي بدرجي وجود ۾ ايندي هڪ جنس مان نئين قسم جي جنس جي پيدائش جو سبب بڻجن ٿيون ايستائين جو منجھائن اهي باقي رهن ٿا جيڪي طبيعت سان وڌيڪ مناسب آهن.[4]

ان اعتبار سان ڊارون جي نظريي ۾ جيڪي مرحلا طئي ٿين ٿا سي هن ريت آهن:

  • موجودات ۾ ايندڙ تبديلين جو مشاهدو
  • جيئڻ ۽ باقي رهڻ لاءِ منجھن جهيڙي ۽ ٽڪراءُ جو وجود ۾ اچڻ
  • منجھن ايندڙ تبديليون سبب ٿين ٿيون جو منجھائن ڪجھ موجود، ٻين تي غلبو پيدا ڪن.
  • تبديلين جي نتيجي ۾ جيڪي فائديمند ۽ طبيعت سان وڌيڪ مناسب آهن سي باقي رهجن ٿا ۽ طبيعت ۾ چونڊجي وڃن ٿا، جنهن کي ڊاورن ”طبعي چونڊ“ (Natural selection)  چئي ٿو يعني : جاندارن جو پنهنجي فطري ماحول ۾ زندھ ۽ باقي رهڻ واري عمل ۾ طبيعت جي چونڊ. يا ٻي لفظن ۾ ”طبيعت سان وڌيڪ مناسبت رکندڙ جو باقي رهڻ“ (survival of the fittest) جو نالو ڏئي ٿو.

ان اعتبار سان ڊارون جي نظر ۾ طبيعت ۽ فطرت (Natural) جاندارن ۾ باقي رهڻ ۽ جيئڻ لاءِ پيش ايندڙ ٽڪراءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ارتقائي نظريي جي آڌار تي جاندرن جون هاڻوڪيون شڪلون ۽ صورتون حقيقت ۾ منجھن واقع ٿيندڙ مذڪوره جهيڙي ۽ ٽڪراءُ جو نتيجو آهي، نه اهو ته هڪ ڏينهن خدا کين الڳ خاصيتن ۽ شڪلن ۽ عجائب سان خلقيو هجي، ان اعتبار سان ڊارون جي ارتقائي نظريي مطابق جاندارن ۾ الڳ الڳ شڪلن ۽ خاصيتن جي هن عجائب جو سرچشمو ۽ سبب الله جي ذات نه آهي بلڪه هڪ اتفاقي عمل آهي جيڪو ”جيئڻ ۽ بقا واري جھيڙي ۽ ٽڪراءُ“ جو نتيجو آهي.

۽ مٿي بيان ڪري آياسين ته هي تنازعو ٻن سببن (واڌ ويجھ ڏانهن رغبت ۽ محدود ذريعن) جو نتيجو آهي جنهن جي ڪري جاندار پاڻ کي فطرت ۽ طبيعت جي هن ماحول سان مطابقت ڏيڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا جنهن کان پوءِ منجھن ڪي تبديليون اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون جيڪي وراثتي طور تي منتقل ٿينديون وڃن ٿيون ۽ بعد ۾ ڪي نين جنسن جي صورت ۾ وجود ۾ اچن ٿيون. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ارتقائي نظريي مطابق طبيعت جو هي ماحول ان ڳالھ تي قادر نه آهي جو مڙني موجودات کي جاءِ ڏئي سگھي جنهن جي ڪري منجھن ٽڪراءُ ۽ پوءِ تبديليون اچڻ شروع ٿي وڃن ٿيون ۽ هر جنس ٻي جنس ۾ ارتقا پائي ٿي.

ڊارون جي هن ارتقائي نظريي مان نتيجو اهو نڪري ٿو ته:

هن جهان جي خلقت جو ڪوبه هدف ۽ مقصد نه آهي، بلڪه هي جهان اتفاقي طور تي وجود ۾ آيو آهي، تنهنڪري باقي مخلوق سان گڏ انسانن جو وجود پڻ هڪ اتفاق جو نتيجو آهي.[5] اهڙي قسم جي نظريي ۾ طبيعت ۽ ماديت کان مٿاهين ڪنهن به شيءِ کي ڪا اهميت حاصل نه آهي. جيئن ته ڊاوڪن (Dawkin) چوي ٿو:

اتفاق ۽ طبعي چونڊ، هن ڊگھي عرصي جي هر دور سان گڏ، جهان جي هر زنده ۽ حيات رکندڙ شيءِ جو تفسير ۽ وضاحت ڪندڙ آهي جن منجھان اسان جي حيات به آهي، سو ان ڪري اسان کي ڪا ضرورت نه آهي جو خدا ۽ خالق جي نظريي کي وچ ۾ آڻيون.[6]

ڊارون جي ارتقائي نظريي جي ڇنڊڇاڻ

ڊارون جو هي ارتقائي نظريو حقيقت ۾ هڪ مفروضي کان وڌيڪ ڪا حيثيت ڪونه ٿو رکي هن جي ثابتي لاءِ ڪابه پختي دليل بيان نه ڪئي وئي آهي رڳو هڪ تحليل ئي آهي، هونئن ته هي نظريو ڪيترن ئي مونجھارن ۽ اوڻائن جو شڪار آهي، جيڪو مختلف پهلوئن کان ڪمزور ۽ اڻ پختو نظر ٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ڊارون جو هي ارتقائي نظريو ڪليت ڪونه ٿو رکي ۽ جيڪڏهن ڪليت ۽ جامعيت رکي ٿو ته پوءِ ڪهڙي سبب خاطر ڪجھ جاندار ٻي جنس ۾ تبديل ٿيا ۽ ڪجھ نه ٿيا. ان جهڙا ڪيترائي ٻيا اعتراض جيڪي هن نظريي مٿان اچن ٿا، پر هتي اسان اختصار کي نظر ۾ رکندي قرآن ۾ ذڪر ٿيل خلقت بابت آيتن کي بيان ڪنداسين ۽ اهو ڏسنداسين ته ڇا هي آيتون، ڊارون جي ارتقائي نظريي سان مطابقت رکن ٿيون يا نه؟

الف) قرآن مجيد ۽ انسان جي خلقت

انسان جي خلقت قرآني آيتن ۾ مخلتف انداز سان بيان ٿي آهي، هن آيتن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:

  1. اهي آيتون جيڪي انسان جي خلقت کي مٽي مان ڄاڻائن ٿيون:

وَمِنْ آيَاتِهِ أَنْ خَلَقَكُم مِّن تُرَابٍ ؛ [7] يعني: ۽ سندس نشانين مان ھيءُ آھي جو اوھان کي مٽيءَ مان بڻايائين.

مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تَارَةً أُخْرَى؛[8] اوھان کي ان (مٽي) مان بڻايوسون ۽ ان ۾ اوھان کي ورائينداسون ۽ ان مان ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون.

وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِّنَ الْأَرْضِ نَبَاتًا، ثُمَّ يُعِيدُكُمْ فِيهَا وَيُخْرِجُكُمْ إِخْرَاجًا  ؛[9] ۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو. وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.

إِنَّ مَثَلَ عِيسَى عِندَ اللّهِ كَمَثَلِ آدَمَ خَلَقَهُ مِن تُرَابٍ ثِمَّ قَالَ لَهُ كُن فَيَكُونُ ؛[10] ترجمو: الله وٽ عيسى (جي پيدائش) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري کيس چيائين ته ٿي پؤ ته (اهو) ٿي پيو.

هُوَ الَّذِي خَلَقَكُم مِّن طِينٍ؛ [11] يعني: اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو.

  1. اهي آيتون جيڪي انسان جي خلقت کي نطفي مان ڄاڻائن ٿيون:

إِنَّا خَلَقْنَا الْإِنسَانَ مِن نُّطْفَةٍ أَمْشَاجٍ نَّبْتَلِيهِ فَجَعَلْنَاهُ سَمِيعًا بَصِيرًا؛[12] بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.

خَلَقَ الإِنسَانَ مِن نُّطْفَةٍ...؛ [13] يعني: انسان کي منيءَ مان خلقيائين.

أَلَمْ يَكُ نُطْفَةً مِّن مَّنِيٍّ يُمْنَى ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّى ؛[14] (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو، وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.

  1. اهي آيتون جيڪي انسان جي خلقت کي هڪ نفس منجھان ڄاڻائن ٿيون:

يَا أَيُّهَا النَّاسُ اتَّقُواْ رَبَّكُمُ الَّذِي خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍ وَاحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالاً كَثِيرًا وَنِسَاء< [15] ترجمو: اي انسانو! اوھين اُنھيءَ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو جنھن اوھان کي ھڪ نفس (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ منجھانئس سندس زال پيدا ڪيائين ۽ اُنھن مان گھڻا مرد ۽ عورتون پکيڙيائين.

هُوَ الَّذِي خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍ وَاحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا لِيَسْكُنَ إِلَيْهَا ؛[16] اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھڪ وجود مان بڻايو ۽ منجھانئس سندس زال ھن لاءِ بڻايائين ته ساڻس آرام وٺي.

وَهُوَ الَّذِيَ أَنشَأَكُم مِّن نَّفْسٍ وَاحِدَةٍ فَمُسْتَقَرٌّ وَمُسْتَوْدَعٌ قَدْ فَصَّلْنَا الآيَاتِ لِقَوْمٍ يَفْقَهُونَ؛[17] ۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھِڪ جِيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (اوھان لاءِ) ٽڪڻ جو ھنڌ ۽ سانڀڻ جي جاءِ ڪيائين، بيشڪ سمجھندڙ ٽولي لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.

هلندڙ.....

حوالا

 

[1] . مالٽوس (Malthos) هڪ اقتصاد دان هو.

[2] . Sam Vakin (2005) The misconception of scarcity p.5, http:globalpolitician.com

[3] . Darwin, Charls, P: 169 & 170, The origin of Species by Means of Natural Selection, Penguin: Harmondsworth, 1985.

[4] . عبد الحسين خسرو پناه، ڪلام جديد با رويڪرد اسلامي، ص 425. ۽ مهدوي، رمضان، نقد اعتبار کلامي نظريه ڪمبود منابع زيستي در آيات قرآن ڪريم ، ص 92، قبسات رسالو، شمارو  59، 1390.

[5] . وين ڊيويس، مريل، ڊارون و بنيادگرايي مسيِح، ص53 ،  فارسي ترجمو:شعله آذر، تهران، 1385

[6] . Dawkin, Richard, 1996, The Bilind Watch Maker: England, Oxford.

[7] . روم ، آيت 20

[8] طه، 55

[9] . نوح ، آيت 17_18.

[10] . آل عمران، آيت 59.

[11] . انعام ، آيت 2

[12] . دهر، 2

[13] . نحل ، آيت 4.

[14] . قيامت، 37_38.

[15] . نساء آيت 1.

[16] . اعراف، 189.

[17] . انعام، 98

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید