اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

قرآن ۽ ڊارونزم (3)

ب) آيتن جي جمع بندي ۽ نتيجو:

مذڪوره آيتن مان ٽي مختلف مطلب سامهون اچن ٿا:

  • مٽي منجھان خلقت
  • نطفي منجھان خلقت
  • هڪ نفس مان خلقت

ٻئين قسم جون آيتون جيڪي انسان جي خلقت کي نطفي مان ڄاڻائن ٿيون سي حقيقت ۾ انساني نسل جي واڌ ويجھه ڏانهن اشارو ڪندڙ آهن، ان اعتبار سان هن قسم جون آيتون ان مطلب کي بيان ڪندڙ آهن ته انسان جي خلقت سندس پيءُ ۽ ماءُ ذريعي نطفي جي منعقد ٿيڻ ۽ ڪجھ ٻين مرحلن جي گذرڻ سان ٿئي ٿي.

 

پهرين قسم جون آيتون جن ۾ انسان جي خلقت کي مٽي مان ڄاڻايو ويو، هڪ صورت ۾ مٿين آيتن جي مخالف نه ٿينديون جڏهن هن قسم جي آيتن مان مراد پهرئين انسان جي خلقت ورتي وڃي، يعني هي آيتون پهرئين انسان جي خلقت کي بيان ڪندڙ آهن جيڪو حضرت آدم (ع) آهي جنهن جي خلقت مٽي مان ٿي.

جيئن ته ڪجھ آيتن ۾ هن ٻنهي مطلبن کي هڪ جاءِ تي آندو ويو، جيئن ته ارشاد ٿيو:

يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِن كُنتُمْ فِي رَيْبٍ مِّنَ الْبَعْثِ فَإِنَّا خَلَقْنَاكُم مِّن تُرَابٍ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ ؛ [1] اي انسانو! جيڪڏھن وري جيئري ٿئڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو ته اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڌ گابرو بڻايل.

هن کان وڌيڪ واضح آيت هي آهي:

الَّذِي أَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلْقَ الْإِنسَانِ مِن طِينٍ ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُ مِن سُلَالَةٍ مِّن مَّاء مَّهِينٍ ؛ [2] جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين، وري سندس نسل کي بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.

هن آيت منجھان چڱي ريت واضح ٿئي ٿو ته پهريون انسان مٽي منجھان خلق ڪيو ويو ۽ ان جي نسل کي نطفي منجھان خلقيو ويو.

پهرئين ۽ ٻئين قسم جي آيتن جي معنى واضح ٿيڻ سان ٽئين قسم جون آيتون پڻ واضح ٿي وڃن ٿيون. ڇوته پهرئين قسم جو آيتون پهرئين انسان جي خلقت کي بيان ڪندڙ آهن، ٻئين قسم جون آيتون بعد ۾ پيدا ٿيندڙ انسانن جي نسل بابت آهن ۽ ٽئين قسم جون آيتون بيان ڪن ٿيون ته بعد وارا انسان پڻ ان پهرئين انسان منجھان آهن؛ ڇوته جڏهن پهرئين آيتن منجھان اها ڳالھ واضح ٿي ته پهريون انسان مٽي منجھان خلق ٿيو آهي ۽ ٻئين قسم جي آيتن مان خبر پئي ته بعد وارا انسان نطفي مان خلق ٿيا آهن ته پوءِ اهو سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته خلقت جي اعتبار سان هن ٻنهي ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟ اتي ٽئين قسم جون آيتون ٻڌائن ٿيون ته تمام انسان هڪ نفس منجھان خلق ڪيا ويا آهن، اهي آيتون ظاهرن هن ٻنهي جي وچ موجود رابطي کي بيان ڪن ٿيون البته هن رابطي جي ڪيفيت ڪهڙي آهي تنهن بابت هن قسم جي آيتن ۾ تفصيل نه آهي.

علامه طباطبائي هنن آيتن جي جمع بندي ڪندي مٿين حل کي باقي مڙني نظرين تي ترجيح ڏني آهي، لکن ٿا:

آيتن جي ظاهري سياق مان معلوم ٿئي ٿو ته آيت ۾ ذڪر ٿيل جملو: ”نفس واحد“ مان مراد حضرت آدم (ع) ۽ ”زوجها“ مان مراد سندس گھرواريءَ حضرت حوا (س) آهي. جيڪي مڙني انساني نسل جا پيءُ ۽ ماءُ آهن، قرآن جي آيتن مان اها ڳالھ ثابت ٿئي ٿي ته سڀني انسانن جو سلسلو هن ٻن انسانن تائين پهچي ٿو.جيئن ڪجھ آيتون واضح طور تي هن ٻن انسانن کي باقي انسانن جو والدين قرار ڏين ٿيون، جهڙوڪ:

يَا بَنِي آدَمَ لاَ يَفْتِنَنَّكُمُ الشَّيْطَانُ كَمَا أَخْرَجَ أَبَوَيْكُم مِّنَ الْجَنَّةِ؛ [3] اي آدم جا اولاد شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح خرابيءَ ۾ نه وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين. [4]

ج) ارتقائي نظريي ۽ خلقت سان لاڳاپيل آيتن بابت رايا

مٿي ذڪر ڪيل آيتن مان معلوم ٿيو ته پهرئين انسان جي خلقت مٽي مان آهي ۽ باقي انسانن جي نسل ان پهرئين انسان منجھان آهي. ان اعتبار سان ڊارون جو انسان بابت ارتقايي نظريو هن آيتن سان تضاد رکي ٿو، ڊارون جي هن نظريي کي قرآن جي روشنيءَ ۾ پرکيندي ڪجھ عالمن جا رايا پيش ڪيون ٿا.

علامه طباطبائي:

علامه پنهنجي تفسير الميزان ۾ چون ٿا ته:

” هي ٿيوري هڪ احتمال جي حد کان سواءِ ڪابه حيثيت نٿي رکي، جيڪي دليلون هن جي ثابتي لاءِ پيش ڪيون ويون آهن سي هن نظريي کي ثابت ڪرڻ ۾ قاصر آهن... . ارتقاء جو هي نظريو حقيقت ۾ حدس ۽ گمان تي ٻڌل هڪ احتمال ۽ مفروضو آهي ... امڪان رکي ٿو ته اڳتي هلي هڪ ٻيو نظريو هن جي جاءِ والاري.“ [5]

علامه طباطبائي جن معتقد آهن قرآني آيتن جو ظاهر ان ڳالھ کي وائکو ڪري ٿو ته انسان جي خلقت ڪنهن به ارتقاء جي نتيجي ڪري نه آهي بلڪه هڪ مستقل ۽ الڳ خلقت آهي. علامه سورت سجدي جي آيت 7_9 جو تفسير ڪندي لکن ٿا:

”الَّذِي أَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلْقَ الْإِنسَانِ مِن طِينٍ ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُ مِن سُلَالَةٍ مِّن مَّاء مَّهِينٍ ؛ [6] جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين، وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.

آيت ۾ انسان مان مراد هر شخص نه آهي، جو ڪو اهو اعتراض ڪري ته هر شخص جي خلقت ته مٽي مان نه ٿي آهي، بلڪه مراد انسانيت جي جنس آهي، يعني انساني جنس جي پيدائش جو سرچشمو مٽي آهي... ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته سڀئي انسان هڪ اهڙي انسان مان خلق ٿيا آهن جيڪو مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي. آيت جو هي جملو: ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُ مِن سُلَالَةٍ مِّن مَّاء مَّهِينٍ؛ ان ڳالھ ڏانهن اشارو آهي ته انسانن جي ابتداء اهو پهريون شخص آهي جيڪو مٽي مان خلقيو ويو.“ [7]

علامه مصباح يزدي

آيت الله مصباح يزدي معتقد آهن ته انسان جي مستقل خلقت تي نه رڳو قرآني آيتن جو ظاهر دلالت ڪري ٿو بلڪه ڪجھ اهڙيون آيتون پڻ آهن جيڪي ان ڳالھ تي نص ۽ وضاحت رکن ٿيون، جيڪي انسان جي درجي بدرجي خلقت ۽ پاڻ کان اڳ وارن جاندارن مان ارتقاء پائڻ واري هر احتمال کي رد ڪن ٿيون. آيت الله مصباح يزدي، ان مڙني آيتن منجھان واضح ترين آيت، سورت آل عمران جي آيت نمبر 59 کي ڄاڻائن ٿا، جنهن ۾ ارشاد اهي:

إِنَّ مَثَلَ عِيسَى عِندَ اللّهِ كَمَثَلِ آدَمَ خَلَقَهُ مِن تُرَابٍ ثِمَّ قَالَ لَهُ كُن فَيَكُونُ  ؛  الله وٽ عيسى (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ته ٿي پؤ ته ٿي پيو.

آيت الله مصباح هن آيت کي عيسائين مٿان دليل ۽ حجت قرار ڏيندي لکن ٿا ته جڏهن هنن حضرت عيسى لاءِ اهو عقيدو ٿئي رکيو ته هو الله جو پٽ آهي ڇوته هو ڪنهن انسان مان پيدا نه ٿيو آهي، ته هي آيت نازل ٿي جنهن ۾ ذڪر ٿيو ته:

حضرت عيسى (ع) جو مثال حضرت آدم (ع) جي مثال جيان آهي، يعني جهڙي ريت توهان عيسائي اهو عقيدو رکو ٿا ته حضرت آدم (ع) جو پيءُ ڪو انسان نه هو پر ان هوندي به هو الله جو پٽ نه هو بلڪه الله جو بندو ۽ هڪ نبي هو، سو حضرت عيسى (ع) به ان جيان آهي، جو هن جو به ڪو پيءُ نه آهي بلڪه هو خدا جي امر سان خلق ٿيو آهي.

ان مان معلوم ٿيو ته حضرت آدم (ع) جي خلقت ڪنهن ٻئي انسان منجھان يا ڪنهن حيواني جنس جي ارتقاء جو نتيجو نه آهي. ڇوته عيسائن مٿان هي دليل ان صورت ۾ دليل بڻجي سگھندو جڏهن اسان حضرت آدم جي خلقت کي هڪ مستقل خلقت ڄاڻيون پر جيڪڏهن ارتقائي نظريي جي آڌار تي اهو عقيدو رکون ته حضرت آدم جي خلقت ڪنهن ٻئي موجود جي ارتقاء سان ٿي آهي ته ان صورت ۾ هي آيت دليل نه ٿي سگھندي. ان مان معلوم ٿئي ٿو آيت ان ڳالھ تي واضح طرح دلالت ڪري ٿي ته حضرت آدم جي خلقت ٻين حيوانن مان ارتقاء جو نتيجو نه آهي.[8]

نتيجو : قرآني مذڪوره آيتن جي مطالعي مان اها پروڙ پئي ٿي ته انسان جي خلقت نه ڪنهن اتفاق جو نتيجو آهي ۽ نه ئي ڪنهن حيواني جنس منجھ ارتقاء جو نتيجو آهي. بلڪه انسان اها ذات آهي جنهن کي الله سائين مستقل جنس جي صورت ۾ خلق ڪيو آهي.

پورو ٿيو

 

حوالا

[1] . حج 5

[2] . سجده، 7_8

[3] . اعراف، 27.

[4] . طباطبايي، ج 4، ص 214.

[5] . علامه طباطبائي، الميزان ، ج 16 ، ص 387_388.

[6] . سجده، 7_8

[7] . الميزان، ج 16 ، ص 263.

[8] . آيت الله مصباح، خلقت انسان از نظر قرآن، ص 90 _91.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید