اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

اهل بيت (ع) نجات جي ٻيڙي (19)

وَقَالَ ارْكَبُواْ فِيهَا بِسْمِ اللّهِ مَجْرَاهَا وَمُرْسَاهَا إِنَّ رَبِّي لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ[1]

ترجمو: ۽ (نوح ٻيڙيءَ جي مسافرن کي) چيو: اچي هن ۾ چڙهو هن جو هلڻ ۽ بيهڻ الله جي ناءَ سان آهي، بيشڪ منهنجو ڌڻي بخشڻهار مهربان آهي.

وضاحت

حضرت ابوذر پاڻ سڳورن (ص) جو نهايت مانائتو صحابي ، ڪيبةالله جي سائي ۾ بيهي وڏي واڪي فرمائي پيو: اي لوگو مون پنهنجي هنن ٻنهي ڪنن سان ٻڌو ته پاڻ سڳورا (ص) فرمائن پيا:

مثل اهل بيتي کمثل سفينة نوح من رکبها نجى ومن تخلف عنها غرق

منهنجا اهل بيت نوح جي ٻيڙيءَ ونگر آهن ، جيڪو ان تي سوار ٿيو ، تنهن ڇوٽڪارو پاتو ۽ جنهن ان کي پٺي ڏني سو هلاڪ ۽ برباد ٿيو.

جيتوڻيڪ ان حديث پاڪ کي ٻين مانائتن صحابين پڻ نقل ڪيو آهي جهڙوڪ : ابو سعيد خدري، ابن عباس، عبدالله بن زبير ۽ انس بن مالڪ ،اهڙيءَ طرح اهل سنت جي ڪتابن ۾ پڻ مشهور ۽ معروف حديثن مان مذڪوره حديث به آهي[2]

ان حديث متواتر کي ، پاڻ سڳورن(ص) جي هڪ ٻئي حديث سان گڏ ڪري ڏسبو ته هڪ نهايت عجيب ڳالھ سمجھ ۾ ايندي.

پاڻ سڳورن (ص) جي حديث آهي ته مسلمانن جا 73 فرقا ٿيندا ۽ انهن فرقن مان رڳو هڪ فرقي کي ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو.

هن حديث سان ملائي ڏسبو ته پروڙ پوندي ته نجات پائڻ وارو اهو فرقو آهي جنهن واڳ، واڳ ڌڻين يعني اهل بيت جي هٿ هوندي سو ئي نجات پائيندو.



[1] _ سورت هود: آيت 41

[2] معجم کبير، مستدرک حاکم، تفسير ابن ڪثير ، تاريخ الخلافا، عيون الاخبار ابن قتيبه ، ذخائرالعقبى ، تاريخ بغداد، حلية الاولياء، روح المعاني ۽ ٻيا ڪتاب

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي