اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

اخلاقيات جو جامع نظام (20)

خُذِ الْعَفْوَ وَأْمُرْ بِالْعُرْفِ وَأَعْرِضْ عَنِ الْجَاهِلِينَ[1]

در گذر کي پنهنجوپيشو بڻاءِ (ماڻهن جا عذر قبول ڪر۽ مٿن سختي نه ڪر) ۽ نيڪ ڪمن جي تعليم ڏي ۽ جاهلن سان منهن نه اڙاءِ.

تفسير

هن آيت ۾ نهايت سادگيءَ ۽ اختصار سان مڙني اخلاقي اصولن کي بيان ڪيو ويو آهي .

جهڙوڪ: انفرادي اخلاق جو مظاهرو، درگذر ۽ عفو سان ڪيو وڃي ۽ اجتماعي اخلاق جو مظاهرو، نيڪ ڪمن جي تعليم ڏيڻ سان ڪيو وڃي . دوستن لاءِ عفو ۽ در گذر ، ته وري دشمني کان اعراض ۽ منهن موڙڻ وارو عمل .

زبان سان امر ڪرڻ (وَأْمُرْ) ۽ عمل سان (وَأَعْرِضْ) منهن ڦيرڻ مثبت رفتار (خُذ) وسيلي ته وري منفي رفتار (وَأَعْرِضْ) جي روپ ۾.

رهبر ۽ اڳواڻ جو اخلاق به ذڪر ٿيو آهي ته وري امت جو ڪردار به نمايان ٿيو .

مذڪوره حڪم ، ان زماني لاءِ به ته هِن زماني لاءِ به.

امام صادق عليه السلام جو فرمان آهي : قرآن ۾ ان آيت کان وڌيڪ گڻن ۽ ڀلي اخلاقن کي بيان ڪرڻ واري ۽ جامع آيت ڪابه ڪانهي.[2]

البته عفو ۽ در گذر جو واسطو نجي ۽ انفرادي معاملن سان آهي، نه ڪي حق الناس ۽ بيت المال سان .

جڏهن اها آيت نازل ٿي ته پاڻ سڳورن(ص) جبرئيل کان پڇيو: ان آيت تي ڪيئن عمل ڪجي؟ جبرئيل پيغام آندو . ”تعفوا عمّن ظلمک ، تعطي من حرمَک ، تصل من قطعک “ جيڪو توتي ظلم ڪري ، تنهن کي معاف ڪر ،جيڪو توکي محروم ڪري تنهن تي وَڙ ڪر ، جيڪو تنهنجي مائٽن مان توسان مائٽي ڇني تنهن سان مائٽي ڳنڍ .[3]



[1] _ سورت اعراف : آيت 199

[2] تفسير فرقان

[3] تفسير مجمع البيان ، بحار ج 75 ص 114

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي