اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

جانورن جو شعور ۽ فهم (21)

وَمَا مِن دَآبَّةٍ فِي الأَرْضِ وَلاَ طَائِرٍ يَطِيرُ بِجَنَاحَيْهِ إِلاَّ أُمَمٌ أَمْثَالُكُم مَّا فَرَّطْنَا فِي الكِتَابِ مِن شَيْءٍ ثُمَّ إِلَى رَبِّهِمْ يُحْشَرُونَ[1]

ڌرتي تي هر چرندڙ، ڦرندڙ (جانور) ۽ پکي جيڪو پنهنجي ٻن پرن سان پرواز ڪري ٿو، اوهان وانگر امتن (۽ ٽولن) کانسواءِ ڪجهه به ناهن، اسان هن ڪتاب (قرآن يا لوح محفوظ) ۾ ڪا شيءَ ناهي وساري، تنهان پوءِ هڙئي پنهنجي تاتڻهار وٽ ڪٺا ٿيندا.

 تفسير

قرآن پاڪ جانورن جي زندگي تي خاص توجهه ڏنو آهي، جانور جي خلقت ۽ انهن جي شعور ۽ صفتن جي بيان سان انسانن جي، هدايت جا نوان در کوليا آهن، ” فِي خَلْقِكُمْ وَمَا يَبُثُّ مِن دَابَّةٍ آيَاتٌ لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ[2]“ اوهان جي خلقت ۽ جانورن جي پکيڙ ۾، ويساهه رکندڙ قوم لاءِ نشانيون آهن.

انساني تجربن ۽ روايت مان به اها ڳالهه پڌري آهي ته، قسمين ، قسمين جانورن ۾ ادراڪ ۽ شعور جا عجب نظارا نظرجن ٿا، اڃا به وڌيڪ شباهتن ۽ اهڙن نظارن جي ڄاڻ لاءِ، جانورن جي زندگيءَ جو گهرائيءَ سان، مطالعو ڪرڻ کپي.[3] (اُمم امثالکم)

v قرآني آيتن، روايتن ۽ تجربن مان خبر پوي ٿي ته، شعور ۽ فهم تي رڳو انسان جي مالڪي ناهي، ان ڳالهه جي ثابتيءَ لاءِ قرآن جي بيان ڪيل هيٺين نمونن تي ويچار ڪريو.

الف: حضرت سليمان، پنهنجي فوج سان گڏ، هڪ پرڳڻي ۽ علاقي مان گذري پيو، ته هڪ ڪيول، ٻين ڪيولين کي چيو: جلد ڪريو پنهنجي پنهنجي ٻِرن ۾ هليون وڃو متان، سليمان جي لشڪر جي پيرن ۾ لتاڙجي وڃو.[4]

جيتوڻيڪ، کڻي مڃجي به سهي ته دشمن جي سُڃاڻ، ڪيول جي جبلت ۾ رکيل آهي، پر ان ڳالهه جو فهم ته اهو شخص سليمان آهي ۽ سندس ساٿاري، ان جي فوج آهن، يقيناً جبلي فهم کان ۽ ادراڪ کان مٿانهين شيءَ آهي.

ب: هُد هُد، پکي آسمان ۾ اُڏرندي ئي سمجهي ٿو وڃي، ته فلاڻا ماڻهو، شرڪ جي مرض ۾ ڦاٿل آهن، وري اها رپورٽ، حضرت سليمان وٽ ، پيش ڪندي چوي ٿو، سبا، پرڳڻي جا ماڻهو، مشرڪ آهن، تنهان پوءِ کيس خاص ذميواري سونپي وڃي ٿي.

اتان بخوبي خبر پوي ٿي ته، توحيد ۽ شرڪ جي حدن کي سڃاڻڻ ۽ شرڪ جي قبيح ۽ بُري هجڻ جو ادراڪ ڪرڻ ۽ وقت جي نبي حضرت سليمان تائين ان ڳالهه جي پهچائڻ جي ضرورت کي سمجهڻ، وري خاص ذميواريءَ جو کيس سونپجڻ، ٺلو جبلي ادراڪ ۽ فهم ناهي بلڪه هڪ خاص قسم جي شعور ۽ فهم جو اهڃاڻ آهي.

ج: يا وري جڏهن حضرت سليمان، هُد هُد جي غير حاضريءَ جو سبب پڇو ته هُد هُد، قابل قبول عذر پيش ڪيو، اهو به هُد هُد پکيءَ جي خاص شعور جي ثابتي آهي.[5]

د: قرآن پاڪ فرمائي ٿو ته: هڙئي موجود، رب پاڪ جي تسبيح ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ مشغول ۽ رڌل آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته اوهان، انهن جي تسبيح کان بي خبر آهيو.[6]

اها ڳالهه پڌري آهي ته ان مان مراد ڪڏهن به اهو مطلب ناهي ته انهن جو وجود ئي رب پاڪ جي، تسبيح آهي، ڇو ته ان ڳالهه جو ادراڪ ته هر انسان رکي سگهي ٿو. اتان ئي سمجهه ۾ آيو ته قرآن ڪنهن خاص تسبيح جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

هه: قرآني آيتن ۾، مڙني موجودات جي ربّ پاڪ اڳيان سجدي ڪرڻ جو تذڪرو آهي: ” وَلِلّهِ يَسْجُدُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الأَرْضِ َ[7]

جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو رڳو الله جي درٻار ۾ سجدو ڪري ٿو.

و: حضرت سليمان جيڪا پريڊ ڪرائيندو هو تنهن ۾ هڙئي پکي به شريڪ ٿيندا هئا. ” وَحُشِرَ لِسُلَيْمَانَ جُنُودُهُ مِنَ الْجِنِّ وَالْإِنسِ وَالطَّيْرِ[8] “ سليمان لاءِ سندس لشڪر، جيڪو جنن، انسانن ۽ پکين جو هو ڪٺو ڪيو ويو.

ح: پکين جو هڪٻئي سان ڳالهائڻ ۽ حضرت سليمان جو ان ڳالهه تي فخر ڪرڻ ته رب پاڪ کيس، پکين جي ٻولي سيکاري آهي، ” عُلِّمْنَا مَنطِقَ الطَّيْرِ[9]

ط: ” وَإِذَا الْوُحُوشُ حُشِرَتْ[10]“ ۽ جڏهن جانورن کي محشور ڪيو ويندو، هن آيت ۾ جانورن جي قيامت ڏهاڙي، محشور ٿيڻ جو تذڪرو آهي. (اها ڳالهه به ان جو دليل آهي ته جانورن ۾ شعور ۽ ادراڪ پاتو وڃي ٿو.)

ي: ” وَالطَّيْرُ صَافَّاتٍ كُلٌّ قَدْ عَلِمَ صَلَاتَهُ وَتَسْبِيحَهُ َ[11]“ هيءَ آيت به ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته جانورن جي عبادت، شعور ۽ ادراڪ جي سائي ۾ ٿيندي آهي.

ڪ: ڪن جانورن جي وفا به ان ڳالهه جي ثابتي آهي، جهڙوڪ، ڪتي جي وفا پنهنجي مالڪ جي بنسبت.

ل: شڪاري ڪتي جي تعليم ۽ تربيت يا پوليس وارن جي ڪتن کي تربيت ڏيڻ ۽ پوءِ وري انهن ڪتن سان، منشيات ۽ ڊرڪس جو پڪڻڻ يا مختلف شيئن جي کوجنا ڪرائڻ، به جانورن جي شعور ۽ فهم جو دليل آهي.

م: اسلام ۾ هڪ جانور، جو ٻئي جانور جي اڳيان ذبح ڪرڻ منع ٿيل آهي، اتان پڻ پروڙ پوي ٿي ته جانورن ۾ ادراڪ ۽ شعور واري نعمت موجود آهي.



[1] _ سورت انعام، آيت38 .

[2] _سورت جاثيه ، آيت4 .

[3] _ تفسير مراغي .

[4] _ سورت نمل، آيت18 .

[5] _ سورت نمل، آيت22 کان 26 .

[6] _ سورت بني اسرائيل، آيت44 .

[7] _سورت نحل، آيت49 .

[8] _ سورت نمل، آيت17 .

[9] _ سورت نمل ، آيت16 .

[10] _ سورت تڪوير، آيت5 .

[11] _ سورت نور، آيت41 .

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي