اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

صله رحمي (مائٽي ڳنڍڻ) قسط 1۽ 2

altقسط نمبر (1)

صله رحمي (مائٽي ڳنڍڻ)

الذين ينقضون عهدالله من بعد ميثاقه وَيقطعون ما امر الله به ان يوصل پيفسدون في الارض اولئک هم الخسرون (بقره 27)

جيڪي الله سان ڪيل قول پڪي ڪرڻ کان پوءِ (به) نٿا پاڙين ۽ جن لاڳاپن جي ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي تن کي ڇنن ٿا ۽ ڌرتي تي وڳوڙ مچائن ٿا، سي ئي گهاٽي کائڻ وارا آهن.

علامه مجلسي رح وَيقطعون ما امر الله به ان يوصل“ 1(جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو الله حڪم ڏنو آهي تن کي ڇنن ٿا) واري آيت جو تفسير ڪندي سو ڏهه حديثون صلہ رحم (مائٽي ڳنڍڻ ) بابت ڄاڻايون آهن.2

اسان هت ان  حديثي بحث جا چونڊ نڪتا پيش ڪيون ٿا:

 ·مٽن مائٽن سان اچ وڃ وارو سلسلو قائم رکجي توڙي جو هڪٻئي جي مهماني پاڻي سان ڪرڻي پوي.

·صلہ رحم (مائٽي ڳنڍڻ) عمر جي وڌاء ۽ فقيري جي گهٽاءَ  جو سبب آهي.

·صلہ رحميءَ سان رزق روزي ۾ برڪت پوندي آهي.

·سڀ کان ڀلي وک اها آهي جيڪا مٽن مائٽن جي ديدار لاءِ کنئي وئي هجي.

·

صلہ رحميءَ جي ڪري ڪئي ماڻهو بهشت ۾ خاص مقام حاصل ڪندا.

·مٽن مائٽن سان واسطو قائم ڪجي توڙي جو اهي لفٽ به نه ڪرائن.

·مٽن مائٽن سان صلہ رحميءَ ڪندا ڪيو توڙي جو اهي نيڪ به نه هجن.

·صلہ رحميءَ ضرور ڪندا ڪيو پوءِ کڻي سلام ۽ اليڪ سليڪ جي حد تائين هجي.

·صلہ رحميءَ ڪرڻ واري لاءِ موت ۽ قيامت ڏهاڙي حساب ڪتاب صفا سنهجا هوندا.

·صلہ رحميءَ عمل جي پاڪائي ۽ مال جي واڌاري جو ڪارڻ آهي.

·ٻين جي نسبت مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ چويهه ڀيرا وڌيڪ ثواب جو باعث آهي.

·صلہ رحميءَ ڪجي پوءِ کڻي هڪ سال پنڌ ڪرڻو پوي.

·

جنهن مٽن مائٽن سان ميل جول ڇڏي ڏنو سو بهشت جي بوءَ به نه لهندو.

vامام صادق (ص) جن فرمايو: بابا سائين مونکي وصيت ڪئي هئي ته جيڪي مٽن مائٽن سان لاڳاپا ڇنن ٿا تن سان قرب نه رکجانءِ.

(دقايقي با قرآن ص 13 ۽14)

ڪي گهڙيون قرآن سان (قسط 2 )

الذين آتيناهم الکتاب يتلونه حقّ تلاوته اولئک يومنون به ومن يکفر به ماولئک هم الخسرون (بقره آيت 131 )

جن کي ڪتاب ڏنوسين سي کيس ائين پڙهن ٿا جئين پڙهڻ گهرجي مٿس ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي ان جو انڪار ڪندا سي ئي نقصان پائيندا.

امام صادق (ع) قرآن جي تلاوت پٽاندڙ ان شيئن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.

1.قرآن کي ڍاري ڍاري پڙهڻ (ترتيل).

2.قرآن جي آيتن ۾ ڳڻڳوٽ ڪرڻ (تفقه).

3.قرآن جي

آيتن تي عمل ڪرڻ.

4.قرآن جي ڏنل بشارتن جي اميد رکڻ.

5.قرآن جي ٻڌايل عذابن ۽ پيڙائن ڱان ڀوءَ ڪرڻ.

6.قرآن ۾ بيان ٿيل داستانن مان عبرت وٺڻ.

7.ربّ پاڪ جي حڪمن کي بجا آڻڻ.

8.ربّ پاڪ جي روڪيل شيئن کان رڪجڻ.

امام روايت جي پڄاڻي ۾ فرمائن ٿا، تلاوت جو حق رڳو آيتن کي ياد ڪرڻ ۽ ناظره پڙهڻ جي سکيا جو نالو ڪونهي.3

روايات جي اڀياس مان پتو پوي ٿو ته قرآن جي تلاوت جو حق رڳو معصوم ئي ادا ڪري سگهن ٿا40

حوالا

1- سورت رعد آيت 25

2- بحار الانوار ج 71 ص 87

3- تفسير الميزان

4- ڪافي ج1، ص215.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي