ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

توحيد ۽ حقيقي مالڪيت (قسط 5)

اللَّهُ لَا إِلَاهَ إِلَّا هُوَ الْحَىُّ الْقَيُّومُ  لَا تَأْخُذُهُ سِنَةٌ وَ لَا نَوْمٌ  لَّهُ مَا فىِ السَّمَاوَاتِ وَ مَا فىِ الْأَرْضِ  مَن ذَا الَّذِى يَشْفَعُ عِندَهُ إِلَّا بِإِذْنِهِ  يَعْلَمُ مَا بَينْ‏َ أَيْدِيهِمْ وَ مَا خَلْفَهُمْ  وَ لَا يُحِيطُونَ بِشىَ‏ْءٍ مِّنْ عِلْمِهِ إِلَّا بِمَا شَاءَ  وَسِعَ كُرْسِيُّهُ السَّمَاوَاتِ وَ الْأَرْضَ  وَ لَا يَُودُهُ حِفْظُهُمَا  وَ هُوَ الْعَلىِ‏ُّ الْعَظِيم * (سورت بقره آيت 255)

ترجمو:

الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه بندگي جي لائق ڪونهي (هو) جيئرو (۽) مڙني کي قائم رکندڙ آهي، کيس نڪي ڳهر اچي ٿي نڪي ننڍ، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس ئي آهي، ڪير آهي جو وٽس سندس اجازت کانسواءِ شفاعت ڪري؟

جيڪي ماڻهن جي اڳيان ۽ پويان آهي، ان سڀ جي خبر اٿس ۽ اهي سندس مرضيءَ کانسواءِ سندس علم مان ڪجهه به پرائي نٿا سگهن، سندس (علم ۽ سگهه ) جي ڪرسي آسمانن ۽ زمين تي ڇانيل آهي ۽ انهن جو سنڀالڻ کيس ٿڪائي نٿو، هو (سڀ کان) مٿانهون (۽) بزرگي وارو آهي.

تفسير :

حقيقي مالڪ اهو آهي جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ آهي، باقي انسان جي ملڪيت، ان مالڪ حقيقي جي طرفان اوڌاري شيءِ آهي، ڇاڪاڻ ته انسان جي ملڪيت ٻن ٽن ڏهاڙن جي آهي سا به خاص شرطن جي صورت ۾ کيس ارپي ويئي آهي .

جڏهن انسان پنهنجي ملڪيت سان گڏ ان مالڪ حقيقي جي ملڪيت آهي ته پوءِ ڪيڏي نه بيوقوفي آهي جو هڪ ملڪيت ٻئي ملڪيت جي پوڄا ۽ ٻانهپ ڪري! ڪائنات جي هر شيءِ اسان وانگر خدا جي ملڪيت آهي (عباد امثالکم)[1]هيءَ وشال ڪائنات، مالڪ جي ملڪيت آهي پوري ڪائنات ۾ ڏسجندڙ هڙئي قانون، رب جي قانون تحت آهن.

اي ڪاش انسان به رب پاڪ جي ملڪيت ۽ مُلڪ مان ڀلو لاڀ پرائي سگهي.

جڏهن هر شيءِ خدا جي طرفان آهي ۽ ان جي ملڪيت آهي ته پوءِ ڪنجوسي ۽ هٻڇ ڇا جي لاءِ.؟ ڇا اسان جو ربّ اسان کي ڇڏي ڏيندو ؟ ( ايحسب الانسان ان يترک سديً) [2] . امام موسى ڪاظم (ع) بُشر نالي شخص جي گهر کان لانگهائو ٿيا، سندن ڪنن تي ڳائڻ وڄائڻ جو آواز پيو ۽ اوچتو ان گهر مان هڪ ٻانهي ٻاهر نڪتي پاڻ پڇائون، هيءَ گهر ڪنهن جو آهي؟ ڇا ڪنهن ٻانهي ۽ عبد جو آهي؟ ٻانهيءَ وراڻيو: نه سائين هي گهر ڪنهن ٻانهي ۽ غلام جو نه آهي بلڪه هڪ آزاد ۽ خود مختيار شخص جو آهي.

پاڻ فرمايائون: هائو جيڪڏهن عبد ۽ ٻانهو هجي ها ته ائين نافرماني ٿوڙئي ڪري ها.

ٻانهي جڏهن گهر آئي ته امام (ع) جي پوري ڳالهه اچي مالڪ سان ڪيائين، مالڪ مامَ پروڙي تائب ٿيو.[3]

امام صادق (ع) جو فرمان آهي ته: تقوى (۽ رب پاڪ جي بندگيءَ ) جو پهريو ن ڏاڪو اهو آهي  ته انسان پنهنجو پاڻ کي ڪنهن به شيءِ جو مالڪ نه سمجهي.

(دقايقي با قرآن ص 20،21)



[1] _اعراف آيت 194

[2] _ انسان ڀانئي ٿو ته کيس ائين ئي ڇڏي ڏيو (سورت قيامت 36)

[3] _ تتمت المنتهي ص 329

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي