اڱارو, 19 نومبر 2019 - Tue 11 19 2019

منو

نماز ۽ امام حسين (ع)

v    جهڙيءَ ريت قرآن پاڪ جي وڏي کان وڏي سورت (بقره) جو آغاز نماز جي ذڪر سان ٿيو آهي”الّذين يؤمنون بالغيب و يقيمون الصلوة[1]“ ائين ئي قرآن جي ننڍي ۾ ننڍي سورت (ڪوثر) ۾ پڻ نماز جو تذڪرو موجود آهي.

 

امام حسين (ع) ان عظيم فريضي (نماز) کي قائم ڪندڙ آهي. ”اشهد انّك قد اقمت الصلوة[2]

v    قرآن پاڪ ۾ حڪم آيو آهي ته: ”و اركعوا مع الراكعين[3]“ رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪريو.

امام حسين (ع) با جماعت نماز، دشمنن جي صفن جي وچ ۾ برگذار ڪئي.

v   alt قرآن پاڪ، پاڻ سڳورن (ص) کي ميدان جنگ ۾ نماز پڙهڻ جو طريقو ٻڌائيندي فرمائي ٿو: ”و اذا كنتَ فيهم فاقمت لهم الصلوة فلتقم طائفةٌ منهم معك وليأخذوا اسلحتهم ...[4]“ امام حسين (ع) جنگ جي ميدان ۾ قرآن جي ان آيت جو عملي تفسير پيش ڪري ڏيکاريو.

v    قرآن پاڪ، نماز پٽاندر ٻڌائي ٿو ته نماز هڪ غيبي خزانو آهي، مؤمنن کي ان غيبي خزاني مان لاڀ پرائڻ گهرجي.”استعينوا بالصبر و الصلوة[5]

امام حسين (ع) پڻ جنگ ۽ مشڪل واري گهڙي، نماز قائم ڪري ڪائنات کي ٻڌايو ته مشڪل مهل سهارو نماز آهي.

v    قرآن پاڪ اول وقت نماز قائم ڪرڻ جي وڏي تاڪيد ڪئي آهي. ”اقم الصلوة لدلوك الشمس[6]“ امام حسين (ع) روز عاشور ٻيپهريءَ (ظهر) واري نماز، اول وقت قائم ڪري ان ريت جو عملي روپ ڏيکاريو.

v    حضرت عيسى کي حڪم ٿيو ته آخري دم تائين نماز قائم رکي.”و اوصانى بالصلوة و الزكوة ما دمت حيّا[7]

امام حسين (ع) پڻ آخري گهڙيءَ تائين نماز قائم ڪري ڏيکاري.

v    قرآن پاڪ اهڙن ماڻهن جي تعريف ڪئي آهي جن کي وڻج واپار نماز کان غافل نٿو ڪري. ”رجال لا تلهيهم تجارة و لا بيع عن ذكر اللّه و اقام الصلوة [8]

پوءِ منهنجي مولا حسين(ع) جو ڪهڙو شان بيان ڪجي جنهن کي پنهنجي جان جي پرواهه به کين نماز کان غافل نه ڪري سگهي.

v    امام حسين (ع) نه رڳو پاڻ نمازي هئا، بلڪه قيامت تائين ايندڙ نمازين جي نماز کي پڻ حقيقي درجي تي رسائي ڪرائي، حديث ۾ آيل آهي ته: ” ٽي شيئون نماز جي قبوليت جو سبب آهن، قلبي حضور (رب پاڪ سان لَنو لڳائڻ)، نفل نمازون ۽ سيدالشهداء جي تربت جي خاڪِ شفا.

v    مولا حسين (ع) آخري وقت به پنهنجي ڀيڻ سائڻ زينب عاليه (س) کي فرمائن ٿا ته: مونکي پنهنجي نماز ۾ ياد رکج.

v    نماز اسان جي معاشري ۽ سماج ۾ على الاعلان قائم ٿيڻ کپي. ”اقيموا الصلوٰة

امام حسين (ع) ڪربلا ۾ خيمي اندر نماز پڙهي پئي سگهيا، سندن نماز قصر هئي، پر وري به دشمن جي سامهون بيهي نماز قائم ڪرايائون.

تاريخ ۾ آهي ته عاشور واري ڏهاڙي، ٻيپهريءَ (ظهر) واري نماز قائم ڪندي، مولا جي طرف لڳ ڀڳ 30 تير هنيا ويا.

ان جو مطلب اهو ته، سورة حمد، رڪوع ۽ سجدي واري ذڪر جي هڪ هڪ لفظ جي مقابلي ۾ هڪ هڪ تير هنيو ويو.

v    سچ پچ نماز ڪيڏي عظمت واري عبادت آهي جو نائين محرم جو دشمن طرفان حملو پيو ٿئي ته مولا ڳالهين ذريعي حملو هڪ ڏينهن روڪرايو ۽ پاڻ فرمايائون: ”اني احبّ الصلوة“ بيشڪ آئون نماز سان محبت ڪريان ٿو.

پاڻ ائين ڪونه چيائون ته آئون نماز پڙهڻ چاهيان ٿو، بلڪه فرمايائون ته آئون نماز سان محبت ڪريان ٿو.

ڏسو! اسان منجهان ڪيترائي نمازي آهن، پر نماز سان ڪيتري محبت ڪريون ٿا.

روايت ۾ آيل آهي ته: زُراره، صادق آل محمد (ع) کان ڪعبي بابت پڇا ڪندي چيو: مولا ڪيترائي سال گذري ويا آهن جو اوهان کان حج ۽ ڪعبي بابت سوال ڪريان ٿو ۽ اوهان هر ڀيري نئون جواب ڏيو ٿا! آخرڪار اوهان جي علم جو سرچشمو ڪهڙو آهي؟ مولا فرمايو: تون ڇا ٿو ڀانئين ته اهو ڪعبو جيڪو آدمؑ کان به هزارين سال اڳ موجود هيو، ان جا راز ۽ اسرار ٻن ۽ ٽن جملن سان پورا ٿي ويندا.

اهو ڪعبة الله، پنهنجي هڙني رازن ۽ اسرارن جي باوجود نماز لاءِ، رڳو قِبلي جي صورت رکي ٿو ۽ قِبلي رُخ هجڻ نماز لاءِ رڳو هڪ شرط جي حيثيت رکي ٿو.

v    مولاحسين (ع) پنهنجي پاڪ بدن، جا ٽڪڙا ٽڪڙا ته برداش ڪن ٿا، پر نماز جو ٽٽڻ برداش نٿا ڪن، سندن سَر مبارڪ نيزي جي نوڪ تي به ڪلام الله جي تلاوت ڪري دنيا کي ٻڌايو ته سر، ڌڙ کان ته جدا ٿي سگهي ٿو پر، سر ۽ دل قرآن کان جدا نٿا ٿي سگهن.

اي حسيني عزادارو!

عاشورا واري ڏهاڙي ظهر جي وقت جتي به هجو، پر امام حسين(ع) جي آخري نماز کي ياد ڪري، مولا امام زمان (عج) کي دل ۾ رکي، ظهر جي نماز وڏي اهتمام سان ادا ڪريو.



[1]_سورت بقره، آيت 3 .

[2]_ زيارت عاشورا .

[3]_ سورت بقره، آيت43 .

[4]_ سورت نساء، آيت 102 .

[5]_ سورت بقره، آيت 153 .

[6]_  سورت بني اسرئيل، آيت78 .

[7]_ سورت مريم، آيت 31 .

[8]_ سورت نور، آيت 37 .

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي