اڱارو, 19 نومبر 2019 - Tue 11 19 2019

منو

قرآن ۽ شهيدن جي ياد

altقرآن پاڪ، ڊڄڻن ۽ کائو ماڻهن کي ڏاڍو ننديو آهي”يخشون النّاس كخشية اللَّه[1] “ ۽ ”لا طاقة لنا اليوم[2] “ دلير ۽ بهادر انسانن جي تعريف ڪئي اٿائين، مثال طور قرآن ۾ آيل آهي ته: ڪي ماڻهو مسلمانن کي هيسائڻ، چون پيا: ادا توهان دشمن ته تعداد ۾ تمام گهڻا آهن، پر مؤمن ڊڄڻ جي بجاءِ، ايمان قوت سان ويتر سرشار ٿي پئي ويا.”انّ النّاس قد جمعوا لكم فاخشوهم فزادهم ايماناً[3]

 

قرآن انهن ماڻهن جي ساراهه ڪري ٿو، جيڪي جنگ جي ميدان جا عاشق آهن، جيڪڏهن مجبورن ڪري نه وڃي سگهن ته، اکين مان نير وهيو پونن.”اعينهم تفيض من الدَّمع حَزناً الا يجدوا ما ينفقون [4]“ اهي ماڻهو جيڪي رب پاڪ جي امر اڳيان، خون وهائڻ پنهنجي لاءِ فخر سمجن ٿا، تن کي قرآن ساراهيندي فرمائي ٿو: ”فلمّا اسلماوتلّه للجبين و ناديناه أن يا ابراهيم قد صَدّقتَ الرؤيا[5]“ اهي ماڻهو جيڪي جنگ جي ميدان ۾ اڏول ٿي بيهي ٿا رهن، قرآن تن جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته: رب پاڪ انهن کي مقام عطا ڪيا آهن. ”قتل داود جالوت آتاه اللّه الملك و الحكمة و علّمه مما يشاء[6]“ قرآن پاڪ حضرت ابراهيم ؑ جي جرئت کي ڀيٽا ڏيندي فرمائي ٿو ته ان عظيم انسان بتن کي ڀڃين ڀورا ڀورا ڪري پنهنجي شجاعت جو مظاهرو ڪيو: ”وتاللَّه لَاكيدنّ اصنامكم[7]

قرآن پاڪ فرمائي ٿو ته: ڪيترائي نبي سڳورا 6 پنهنجي مخلص ساٿين سان گڏجي جنگ جي ميدانن ۾ وارد ٿيا ۽ اتي سختين جو مڙس ٿي مقابلو ڪيائون، ڪابه سستي نه ڏيکاريائون، قرآن اهڙن دليرن جا قصيدا ڳايا آهن. ”و كأيّن من نبىّ قاتل معه رِبّيونَ كثيرٌ فما وَهَنوا لِما اصابهم فى سبيل اللَّه و ما ضَعُفوا و مااستكانوا و اللَّه يحبّ الصابرين[8]

حج جي اعمالن منجهان هڪ عمل هي آي ته حاجي سڳورا، ڪي راتيون مڪي کان ٻاهر منى واري برپٽ بيابان ۾ گذارين ته جيئن حضرت اسماعيلؑ جي قربانگاهه ۽ حضرت ابراهيمؑ جو شيطان سان جهاد ياد ڪن.

بيشڪ اولياءِ خدا جي قربان گاهه ۾ وقت گذارڻ جو حڪم ، در حقيقت هڪ عملي عزاداريءَ جي شب بيداري آهي ۽ شهيدن جي ياد تازه ڪرائڻ آهي اهڙن الاهي انسان جي مقابلي ۾ ڪن گروهن جي مذمت ڪئي وئي آهي.

1.       اهي جيڪي دنياوي زندگي ۾ ڦاٿا پيا آهن. ”أرضيتم بالحيوة الدنيا [9]

2.       جيڪي دنياوي سک، آرام کي جنگ ۽ جهاد کان وڌيڪ ڀائين ٿا. ”قل ان كان ابائكم و ابنائكم و اخوانكم و ازواجكم و عشيرتكم و اموال اقترفتموها و تجارة تخشون كسادها و مساكن ترضونها أحبّ اليكم من اللَّه و رسوله و جهاد فى سبيله فتَربّصوا ... [10]

3.       جيڪي دشمن کان ڊڄن ٿا ”قالوا لاطاقة لنا اليوم بجالوت و جُنوده[11]

4.       جيڪي گهر گهاٽ جا بهانا ٺاهي، پاڻ سڳورن 6 کان جهاد جي موڪل وٺن ٿا . ”يقولون انّ بُيوتنا عورة و ما هى بعورة ان يريدون الا فرارا [12]

5.       جيڪي پاڻ سڳورن6 اڳيان عذر ٿا آڻن ته اسان جنگ ۾ شريڪ نٿا ٿي سگهون جنگ تبوڪ ۾ شرڪت سان اسان جا گناهه وڌي ويندا، ڇو جو رومين سان جنگ ڪندي سندن ڇوڪِرن تي نگاهه پوندي ۽ اسان ڦاسي وينداسين، جڏهن ته سڀني کان وڏو ڏوهه اهو آهي جو پاڻ سڳورن کي اڪيلو ٿا ڇڏن جهاد کان فرار ٿا ڪن. ”و منهم مَن يقول ائذن لى و لا تَفتِنّى الا فى الفتنة سقطوا [13]

6.       ڪي وري گرميءَ جو بهانو ڪندي جنگ کان فرار ٿا ڪن. ”قالوا لا تَنفروا فى الحَّر قل نارُ جهنّم اشدُّ حرّا[14]

7.       ڪي وري جهاد کي ڇڏي خوشيون ٿا ڪن. ”فرح المخلّفون بمَقعَدهم خلاف رسول اللَّه [15]

رب پاڪ پنهنجي پياري نبي کي حڪم ڪيو ته: انهن مئل ماڻهن، منافقن ۽ ڊڄڻن، جنگ مان فرار ڪندڙن، جي نماز نه پڙهه ۽ انهن جي قبرن تي به حاضر نه ٿي، تنهن جو مطلب اهو آهي ته شهيدن جي مزار تي ڀلي وڃجي.

سائڻ زهرا 3 هر هفتي ٻه ڏهاڙا (سومر ۽ خميس) ٻه، ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪري گهر کان، شهداء اُحد جي مزارن تي ويندي هئي نه رڳو سائڻ اتي ويندي هئي بلڪه شهيدن جي قبر جي مٽي کڻي گهر آڻي ۽ ان مان تسبيح جا داڻا ٺاهي، هميشه تسبيح پڙهندي هئي ته جئين الله جو ذڪر به ٿئي ۽ شهيدن جي ياد به رهي.

v    ربّ پاڪ، زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهي. ”اللّه الذى خلق السموات و الارض[16] “ ۽ انهن کي انسان جي قبضي ۾ ڏنائين ”سَخّر لكم ما فى السموات و ما فى الارض[17]“ انسان کي پنهنجي عبادت ۽ پوڄا لاءِ خلقيائين ”وما خلقت الجنّ و الانس الّا لِيَعبدون [18]“ عبادتن جو معراج نماز آهي ۽ نماز جو معراج سجدو آهي ۽ سجدي ۾ سڀ کان افضل شيءِ اها آهي ته، خاڪ ڪربلا تي پيشاني رکجي شايد، شهيدن جي خاڪ تي پيشاني رکراءِ اهو ٿو سيکاريو وڃي ته نماز ۾ به شهيدن کي ياد رکو.

حج جي آداب سفر ۾ وارد ٿيو آهي ته جيڪو مڪي وڃي ۽ پوءِ پاڻ سڳورن 6 جي زيارت تي نه وڃي، سو جفا ڪار آهي ۽ پاڻ سڳورن جي زيارت ڪري ، پر جنگ اُحد جي شهيدن جي زيارت نه ڪري سو جفا ڪار آهي.

اتان اهو سمجهه ۾ ٿو اچي ته ربّ پاڪ جي توحيد (مڪو) نبوت (مديني) سان جڙيل آهي ۽ نبوت وري اُحد جي شهيدن سان سلهاڙيل آهي.

ڏسو مڪو مديني سان ۽ مدينو، احد سان جڙيل آهي، اڃا غور ڪندؤ ته سمجهه ۾ ايندو اُحد جا شهيد72، ڪربلا جا شهيد72 ۽ انقلاب جي حزب جمهوري جا به شهيد72.



[1]_ سورت نساء ، آيت77 .

[2]_ سورت بقره، آيت 249 .

[3]_ سورت آل عمران، آيت173 .

[4]_ سورت توبه، آيٿ 92 .

[5]_ سورت صافات، آيت103_105 .

[6]_ سورت بقره، آيت 251 .

[7]_ سورت انبياء، آيت57 .

[8]_ سورت آل عمران ، آيت 146 .

[9]_ سورت توبه، آيت 38 .

[10]_ سورت توبه، آيت24 .

[11]_ سورت بقره ، آيت 249 .

[12]_ سورت احزاب، آيت13 .

[13]_ سورت توبه، آيت49 .

[14]_ سورت توبه، آيت81 .

[15]_ سورت توبه، آيت81 .

[16]_سورت ابراهيم، آيت32 .

[17]_ سورت لقمان، آيت 20 .

[18]_ سورت ذاريات، آيت 56 .

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي