اڱارو, 19 نومبر 2019 - Tue 11 19 2019

منو

زيارت عاشورا قرآن جي روشنيءَ ۾(ڀاڱون آخري)

altقرآني اصولن ۽ قاعدن منهجان هڪ اصول جنهن جي لاءِ قرآن ۾ تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي، سو اهو آهي ته نيڪ ۽ نيڪين سان محبت ۽ برن ۽ براين کان نفرت ڪرڻ آهي.

 

قرآن پاڪ ۾ ارشاد ٿيو آهي ته: حضرت ابراهيمؑ کان سبق پراءِ ۽ ڏس ته پنهنجي ڀٽڪيل چاچي کان ڪيئن بيزاري اختيار ڪيائين: ”فلمّا تبيّن له انّه عدوّ للَّه‏تبرّء منه انّ ابراهيم لاوّاه حليم[1]“ جڏهن حضرت ابراهيمؑ وٽ اها ڳالهه پڌري ٿي ته هو دشمن خدا آهي ته کائنس بيزاري اختيار ڪيائين، جڏهن ته حضرت ابراهيمؑ نهايت رحمدل ۽ بردبار هو.

پاڻ سڳورن6 کي حڪم ٿيل آهي ته مشرڪن کان بيزاري اختيار ڪري ”انّنى برىٌ ممّا تشركون[2]“ جيڪي اوهان خدا جا شريڪ بڻايو ٿا، آئون تن کان بيزار آهيان.

سورت برائت چٽي ثابتي آهي ته رڳو چڱاين سان محبت ڪافي ناهي، بلڪه پنهنجي ڳالهه ٻولهه، لکت ۽ ڪتاب، فرياد ۽ دانهن، عمل ۽ ڳوڙهن سان، براين کان نفرت جو اظهار ڪجي.

هر سال لکين مسلمان، منى جي سرزمين تي ربّ پاڪ جي گهر جي ڀر ۾، حضرت ابراهيمؑ جي پيروي ڪندي، ٽي ڏهاڙا مسلسل، شيطان جي اهڃاڻ ۽ سمبل کي 49 ڪنڪريون هڻي، شيطان ۽ شيطاني سمبل کان نفرت ۽ پري ٿيڻ جو اعلان ڪن ٿا.

مزي جي ڳالهه ته شيطان ڏي ڪنڪريون اڇلڻ کان پوءِ حاجي سڳورا هن دعا جي تلاوت ڪندا آهن.”اي منهنجا تاتڻهار منهنجو حج پنهنجي درٻار ۾ قبول فرماءِ“ اتان سمجهه ۾ اچي ٿو ته حج جي قبوليت لاءِ شيطان ۽ شيطانيت کان پري ٿيڻ ضروري شيءِ آهي.

اها ڳالهه به پڌري آهي ته شيطان به هر زماني ۾ خاص منهن مهانڊي سان هوندو آهي، جهڙيءَ ريت آية الله خمينيؓ فرمايو : آمريڪا وڏو شيطان آهي.

زيارت عاشورا ۾ امام حسين 7 ۽ سندس صحابين تي سؤ ڀيرا سلام موڪليون ٿا ۽ ان جي مقابلي ۾ سندس دشمنن تي، جيڪي حقيقت دين ۽ خدا جا دشمن آهن، سؤ ڀيرا لعنت ۽ ڦٽڪار موڪليون ٿا.

منى جي سرزمين تي ڪنڪرين جو باربار شيطان کي هڻڻ ۽ زيارت عاشورا ۾ بار بار لعنت ۽ ڦٽڪار موڪلڻ، ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته نيڪن سان محبت ۽ برن کان نفرت ڪرڻ جي عادت ٺاهي ڇڏيون، ڇو ته عادت، هڪ عمل جي باربار انجام ڏيڻ سان ئي پيدا ٿيندي آهي.

حضرت علي7 ڪعبة الله ۾ پيدا ٿيا، ربّ پاڪ ان ڪعبةالله جي چوڌاري طواف ڪراءِ اسانکي سيکاريو آهي ته، علي7 سان محبت ۽ سندس واٽ کي پنهنجي فڪر ۽ جان جو اڻ ٽٽ حصو بڻائي ڇڏيون، ڇو ته عشق ۽ نفرت کانسواءِ انسان، رڳو چرندڙ، ڦرندڙ جانور آهي.

اسان هرروز ڏينه رات ۾ ڏهه ڀيرا ربّ پاڪ کان دعا ته گهرؤن، اي منهنجا پالڻهار اسانکي پنهنجي اولياء جي دڳ تي هلاءِ، ”اهدنا الصراط المستقيم صراط الّذين انعمت عليهم“ ۽ ڀٽڪيل ۽ ڏمريلن جي راهه کان پنهنجي امانَ ۾ رک. ”غير المغضوب عليهم و لا الضّالّين

ڪعبة الله جي پٿر کي منهنجي نيڻن کان ٺار ٿو ڀائنيان، ليڪن جمعرات جي پٿرين کي اڇلاءِ، نفرت جو اعلان ڪريان ٿو.

عرفه جي ڏهاڙي، حسين جي عشق ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙيان، دعا ٿو گهران، ليڪن ان جي ٻئي ڏينهن، عيد قربان جو هٿ ۾ ڇُري کڻي خون ٿو ڳاڙيان ۽ قرباني ڪريان ٿو، ان جو مطلب ته هڪ هٿ سان دعا ۽ ٻئي هٿ ۾ هٿيار (جنهن سان دشمن انسانيت سان جهاد ڪريان)

ها! مسلمان کي پنهنجي ڄمار ائين ئي گهارڻ گهرجي.

مسلمانن جو امامِ جمعه، زبان تي تقوى جو پيغام، اکين ۾ ڳوڙها، هٿن تي سلام جا اهڃاڻ قدم نهايت استوار ۽ مضبوط قيام جي حالت ۾ سندس سوچ ڪائنات کان واقف، ذهن علم سان مالا مال، ڪري مسلمانن جي سرواڻي ڪري ٿو، اهڙا انسان ئي در حقيقت مڪتب جا عالم خطيب ۽ نمائندا آهن، جيڪڏهن اسان امام حسين 7 تي سلام موڪليون ٿا ته اها ڳالهه اسان قرآن کان سکي آهي، ڇو ته قرآن آسماني سفيرن ۽ الاهي سرواڻن تي سلام موڪلي ٿو. ”سلام على نوح فى العالمين [3]“ ” سلامٌ على ابراهيم [4]“ ” سلام على موسى و هارون [5]“ ” سلام على‏ آل‏ياسين[6]

جيڪڏهن پاڻ سڳورن 6 تي صلواتون پڙهون ته رڳو ان جي ڪري جو اهو قرآن جو سبق آهي. ”انّ اللَّه و ملائكته يصلون على النّبى[7]

الله سائين ۽ ملائڪه مٿس صلواتون پڙهن ٿا، جيڪڏهن اسان بني اميه ۽ الاهي حڪومت جي غاضبن ۽ بشريت جي ويرن تي لعنت ۽ ڦٽڪار ڪريون ٿا ته اهو ان جي ڪري جو قرآن اهوئي درس ڏنو آهي. ”انّ الّذين يؤذون اللَّه و رسوله لعنهم اللَّه فى الدنيا و الاخرة [8]

اسان خدا جي دشمنن تي لعنت ۽ ڦٽڪار نبي سڳورن6 کان سکي آهي. ”لعن الّذين كفروا من بنى‏اسرائيل على لسان داود و عيسى‏بن مريم[9]

اسان لعنت جو سبق پاڻ سڳورن6 کان پرايو آهي، مباهله واري واقعي ۾ آيل آهي. ”ثمّ نَبتَهِل فنجعل لعنة اللَّه على الكاذبين [10]

ڪن مجرمن تي نه رڳو ربّ پاڪ ۽ پيغمبرن جي لعنت ملامت آهي، بلڪه ڪائنات جو باشعور ذرو ذرو، مٿن ڦٽڪار ڪري ٿو. ”اولئك يلعنهم اللَّه و يلعنهم اللاعنون[11]

 

والسلام

پورو ٿيو



[1]_ سورت توبه، آيت 114 .

[2]_سورت انعام، آيت 19 .

[3]_ سورت صافات، آيت79 .

[4]_ سورت صافات، آيت109 .

[5]_ سورت صافات، آيت 120 .

[6]_ سورت صافات، آيت 130 .

[7]_ سورت احزاب، آيت 56 .

[8]_سورت احزاب، آيت57 .

[9]_ سورت مائده، آيت78 .

[10]_ سورت آل عمران، آيت61 .

[11]_ سورت بقره، آيت 159 .

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي