جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

الهي ولايت جا حمايتي ۽ انڪاري (قسط 6)

اللَّهُ وَلىِ‏ُّ الَّذِينَ ءَامَنُواْ يُخْرِجُهُم مِّنَ الظُّلُمَاتِ إِلىَ النُّورِ  وَ الَّذِينَ كَفَرُواْ أَوْلِيَاؤُهُمُ الطَّغُوتُ يُخْرِجُونَهُم مِّنَ النُّورِ إِلىَ الظُّلُمَاتِ أُوْلَئكَ أَصْحَبُ النَّارِ  هُمْ فِيهَا خَلِدُونَ (سورت بقره آيت 257

 

الله مؤمنن جو سرپرست آهي، کين انڌيرن (گمراهين) مان ڪڍي، روشنيءَ (هدايت) ڏي آڻي ٿو ۽ ڪافرن جا سرپرست طاغوت (آپي مان نڪتل) آهن، جيڪي کين، روشنيءَ کان انڌيرن ۾ آڻين ٿا، اهي ئي دوزخي آهن ۽ ان ۾ هميشه رهندا

الهي ولايت جي حمايتن ۽ ساٿارن جو روپ:

 

·         altجيڪي الهي ولايت جي ڇانوري ۾ آهن، سندن هر ڪم ،خدائي رنگ سان رنڱيل هوندو آ (صبغه الله( سورت بقره 138.

 

·         پنهنجي لاءِ هميشه مالڪ طرفان مقرر ٿيل سرواڻ ۽ سرپرست طلبيندا آهن.

 

      ان الله قد بعث لکم طالوت ملکاً ،سورت بقره 247(

 

·       انهن لاءِ پڌري واٽ ۽ روشن مستقبل آهي ۽ پنهنجي پنهنجي ڪِرت ۾ مگن آهن.

 

    (يهديم ربهم بايمانهم ، سورت يونس9) (انا اليه راجعون، سورت بقره 156) (لا نضيع اجرالمحسنين سورت يوسف 56

 

·         لڙائين ۽ جنگن ۾ الهي مدد جو اوسيئڙو سندن نيڻن جو مزمان هوندو آهي ۽ رب پاڪ

 

·         کانسواءِ ڪنهن جو ڊپ ڀؤ کائن ڪوهين ڏور آهي (فزادهم ايماناً سورت بقره 173

 

·         موت کان ناهن ڊڄندا ۽ الهي ولايت جي سائي ۾ ساهه نڪرڻ کي سعادت ڀائيندا آهن. امام حسين عليه السلام فرمايو(اني لا اري الموت الّا سعادت، بحار الانوار)

 

·         اڪيلائي کين پريشان ناهي ڪندي، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي اسان تي هردم، ربّ پاڪ جي نظر آهي (ان الله معنا، سورت توبه آيت 40)

 

·         واٽ خدا ۾ خرچ ڪرڻ کان ڪترائيندا ناهن، ڇوته پنهنجو مال، مالڪ جي حوالي ڪري چڪا آهن قرض الله قرضاً حسناً، سورت بقره 245

 

·         ماڻهن جي پروپگينڊا کان بي اونا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته: سندن دليون محبوب جي ڏنل واعدن تي ويساهه ڪري چڪيون آهنوالعاقبه للمتقين،سورت اعراف 128

 

·         غير خدا تي تڪ ئي ڪانه پوين مولى علي جو فرمان آهي: (عظم الخالق في انفسهم فصغر ما دونه في اعينهم، نهج البلاغه خ 193)

 

·         دنيا جي ڀانت ڀانت قانونن کي ڏسي پريشان نٿا ٿين، ڇاڪاڻ ته انهن رڳو قانون الهي کي قبوليو آهي جيڪڏهن سندن اڳيان سوين دڳ هجن، تڏهن به ان واٽ جا پانڌيئڙا ٿيندا، جيڪا سندن تاتڻهار سجهائي هجي.

 

   ( ومن لم يحکم بما انزل اللهسورت مائده 66 ۽ 65)

 

·         الٰهي ولايت جا انڪاري انهن مڙني برڪتن کان وانجهايل آهن.تعرف الاشياء باضدادها، سنڌيڪار

دقايقي با قرآن 21 ۽22 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي