اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

مباهلي وارو داستان (قسط 7)

فَمَنْ حَاجَّكَ فِيهِ مِن بَعْدِ مَا جَاءَكَ مِنَ الْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْاْ نَدْعُ أَبْنَاءَنَا وَ أَبْنَاءَكمُ‏ْ وَ نِسَاءَنَا وَ نِسَاءَكُمْ وَ أَنفُسَنَا وَ أَنفُسَكُمْ ثُمَّ نَبْتهَِلْ فَنَجْعَل لَّعْنَتَ اللَّهِ عَلىَ الْكَذِبِين * (آل عمران 61 )

جيڪو به، تو وٽ علم اچڻ کان پوءِ به، هن (حضرت عيسى ع) جي باري ۾ تڪرار ڪري (۽ حق کي قبول نه ڪري) ته چئو: اسان پنهنجي پٽن کي ٿا آڻيون ۽ اوهان پنهنجي پٽن کي آڻيو، اسان پنهنجي خواتين کي ٿا آڻيون ۽ اوهان پنهنجي خواتين کي آڻيو، اسان پنهنجي جان ٿا آڻيون ۽ اوهان پنهنجي جان آڻيو، پوءِ ( ڌڻيءَ درٻار) ٻاڏايون ۽ ڪوڙن تي لعنت وجھون.

لفظ ”نبتهل“ڌاتو ابتهال مان ورتل آهي جنهن جي معنى آهي دعا، جي نيت سان آسمان ڏي (بلند ڪري) هٿ کولڻ.

مذڪوره آيت، انهيءَ لفظ جي ڪري آيت مباهله جي نالي سان مشهور آهي. جيتوڻيڪ ”مباهله“ جي معنى ٻن مخالف ٽولن جو ڌڻيءَ درٻار ٻاڏائڻ ۽ مالڪ کان ٻئيءَ ٽولي جي برباديءَ ۽ ڦٽڪار جو سوال ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اهو ٽولو، سندس نظر ۾ ناحق تي آهي[1].

altجيتوڻيڪ شيعه، سني تفسيرن ۽ ڪن حديث ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ نقل ٿيو آهي سن 10 هجري ۾، پاڻ سڳورن (ص) جي طرفان، ڪي ماڻهو اسلام جي تبليغ لاءِ يمن جي نجران پرڳڻي ويا، اتان جي عيسائين به، هڪ جماعت جوڙي، مديني پاڻ سڳورن (ص) سان، ڳالهه ٻولهه ۽ واءُ، سواءُ وٺڻ لاءِ موڪلي.

پاڻ سڳورن (ص) ساڻن گفتگو ڪئي، ليڪن ان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ به اسلامي تعليمات ۾ ٻڏتر جو شڪار رهيا ۽ اجائي ضد ۽ هٺ تان نه لٿا ته پوءِ اِتي مذڪوره آيت نازل ٿي.

اي منهنجا حبيب، جيڪي تو سان اجايو تڪرار ٿا ڪن ۽ حق قبولڻ کان نابري واريو ويٺا آهن، کين چئو پنهنجن پنهنجن ٻارن، خواتين ۽ جان کي آڻي ربّ پاڪ کي ٻاڏايون ٿا ۽ ڪوڙن تي لعنت ۽ ڦٽڪار ڪريون ٿا، پوءِ جنهن تي به ڦٽڪار پئي سو پڌرو ٿي ويندو ته سندس واٽ نا حق ۽ باطل آهي. اهڙيءَ ريت پنهنجي تڪرار جي به پڄاڻي ٿي ويندي.

جڏهن، نجران جي نصرانين، پاڻ سڳورن (ص) جي اها ڳالهه ٻڌي ته وايون بتال ٿي وين ۽ هڪ ٻئي ڏي وات پٽيو ڏسن پيا، نيٺ ڪن وراڻيو، سائين اسان کي مهلت ڏيو پاڻت ۾ مشورو ڪريون. پوءِ نصرانين جي چڱي مڙس چيُن: اوهان سندس ڳالهه مڃو، ۽ پوءِ ميدان ۾ ڏسجو، جيڪڏهن پاڻ سڳورا (ص) وڏي ٺاٺ ٺانگر ۽ ساٿارين سان اچي ته سمجهي وڃجو، ڪا ڳالهه ڪانهي ڦٽڪار ٻٽڪار نازل نه ٿيندي، ها باقي ڪن ڳڻيل چنڻيل ماڻهن سان اچي ته متان مباهلو ڪيو اٿوَ.

قصو ڪوتاهه:

مباهلي واري ڏهاڙي، پاڻ سڳورا (ص)، ٻن ٻارڙن، هڪ جوان ۽ هڪ مانائتي خاتون سان، ٻاهر نڪتا، اهي ٻه ٻارڙا، حسن (ع) ۽ حسين (ع)، اهو جوان علي (ع) ۽ اها خاتون، خاتون جنت فاطمه زهرا (س) هئي.

نصرانين جي پادريءَ وڏي واڪي رڙ ڪئي: مونکي اهڙا سونهارا (مک) چهرا ٿا ڏسجن، جيڪڏهن دعا گهرن ته جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندا ۽ انهن پاراتو ڏنو ته عيسائيت جو بڻ بڻياد ڌرتيءَ تي ڳولهيو نه لڀندو، سو مباهلي تان هٿ کڻي ويا ۽ صلح جي آڇ ڪيائون. پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: ان (ربّ) جو قسم جنهن مونکي برحق پيغمبر بڻايو، جيڪڏهن (نصراني) مباهلو ڪن ها ته، اها وادي انهن لاءِ، باهه جي آڙاهن ۾ تبديل ٿي وڃي ها.[2]

مذڪوره داستان، شيعه تفسيرن کان علاوه، اهل سنت جي معتبر منابع ۾ به ذڪر ٿيل آهي.[3]

جيتوڻيڪ تفسير جي هاڪاري عالم، علامه طباطبائي رح جي مڃتا آهي ته، مباهلي واري داستان کي 51 صحابين نقل ڪيو آهي.[4]

اهڙيءَ ريت، ڪتاب احقاق الحق ۾ پڻ، اهل سنت جي 60 بزرگن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن، جن ان واقعي کي نقل ڪيو آهي. [5]

مباهلو ، 24 يا 25 ذوالحج تي ٿيو، ۽ مباهلي واري جاءِ پاڻ سڳورن (ص) جي زماني ۾ مديني کان ٻاهر هئي، ليڪن هاڻي اها جاءِ مديني جي اندر اچي وئي آهي، ان جاءِ تي هڪ مسجد، نالي ”مسجد الاجابہ“ پڻ جوڙائي وئي آهي ان مسجد ۽ مسجد النبي جو مفاصلو لڳ ڀڳ ”2“ڪلوميٽر آهي. ”اللهم ارزقنا زيارته وشفاعته“

تفسير الميزان جي روايات مطابق پاڻ سڳورن (ص) جو مباهلو ڇڙو نصرانين سان نه هو، بلڪه پاڻ سڳورن (ص)، يهودين کي به مباهلي جي آڇ ڪئي هئي.

اهڙيءَ ريت هي ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته:

مباهلو، رڳو پاڻ سڳورن (ص) جي زماني سان خاص ڪونه هيو، بلڪه روايتن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته: عام مؤمن به مباهلو ڪري سگهن ٿا، امام صادق (ع) ان باري ۾ آداب ۽ طور طريقا پڻ ٻڌايا آهن.[6]

جيتوڻيڪ پاڻ سڳورا(ص)، اڪيلي سر به مباهلو ڪري پئي سگهيا، ليڪن اهل بيت (ع) کي ساڻ ڪري، الله ۽ سندس رسول (ص)، پوري امت کي سمجهايو ته، اهي اهلبيت (ع) ئي پيغمبر اڪرم (ص) جا ٻانهن ٻيلي ۽ سندس پيغامِ حق ۽ هدف ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن اهي اهل بيت (ع) ئي آهن، جيڪي سندس پيغام کي اڳتي هلائڻ وارا ۽ هر خطري کي منهن ڏيڻ وارا آهن.

هڪ سوال:

مباهلي واري داستان ۾ ته خواتين جي جاءِ تي اڪيلي فاطمه زهرا (س) شرڪت ڪئي، پوءِ قرآن ۾ جمع جو لفظ  ”نسائنا“ ڇو ڪتب آندو ويو آهي.؟

جواب:

قرآن ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڳالهه، هڪ شخص جي آهي، پر لفظ جمع جو ڪتب آندو ويو آهي جهڙوڪ سورت آل عمران جي آيت 181 ۾، ان آيت جي شان نزول مان خبر پوي ٿي ته هڪ شخص توهين جي نيت سان چيو: خدا (نعوذ باالله) فقير آهي، ليڪن آيت ۾جمع جو لفظ آيو، الذين قالوا انّ الله فقير اهڙيءَ ريت قرآن ۾ حضرت ابراهيم کي، هڪ امت جو لقب ڏنو ويو آهي.

دقايقي با قرآن ص 23، 25.



[1] التحقيق في ڪلمات القرآن.

[2]_ تفسير مجمع البيان، مناقب ابن مغازي ص 263

[3]_ تفسير ڪبير فخر رازي، آلوسي، مراغي، روح البيان، المنار ۽ ابن ڪثير مذڪوره آيت جي ذيل ۾ ۽ اهڙي ريت الڪامل ابن اثير ج 2 ص 293، مستدرڪ حاڪم ج3، ص 150.۽ مسند احمد بن حنبل ج1، ص 185.

[4] _ تفسير الميزان ج3، 257.

[5] _احقاق الحق ج3، ص 46.

[6] تفسير نور الثقلين ج1، ص 351، اصول ڪافي ج2 باب مباهله

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي