اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

مري ٿين نه مات (قسط 9)

مري ٿين نه ماتوَ لَا تحَْسَبنَ‏َّ الَّذِينَ قُتِلُواْ فىِ سَبِيلِ اللَّهِ امواتا بل احياء عِندَ رَبِّهِمْ يُرْزَقُون

ترجمو: جيڪي واٽ الله جي ڪُسجي ويا تن کي مئل مَ ڀائنج، بلڪه اهي حال حيات آهن (۽) پنهنجي تاتڻهار کان رزق ڳنهن ٿا.

اسان قرآن جي نظرئي مطابق، راهِ اسلام ۾ پنهنجي سر جو نظرانو ڏيندڙ شهيدن، خاص ڪري ڪربلا جي شهيدن تي سلام موڪليندي ان ڳالهه چوڻ ۾ ڪو عار نه ٿا سمجهون ته، اسان کين وسيلو ڀائيندا آهيون. جيتوڻيڪ جنگ احد جي پڄاڻيءَ مهل ابوسفيان، ڦاٽُ کائيندي رڙ ڪئي هئي: ”هي احد ۾ ستر مسلمانن جو قتل، بدر واري ستر ماڻهن جو پلئه آهي“ تنهن تي پاڻ سڳورن (ص) فرمايو هو: اسان جا مقتول بشت (بهشت) جا مزا ٿا ماڻن پر اوهانجا مقتول دوزخ جو کاڄ آهن.

شهيد ۽ شهادت روايات جي روشنيءَ ۾

1. حديث ۾ آيل آهي ته شهيد کي ست خصلتون، ربّ پاڪ جي طرفان خصوصي مليل آهن.

·سندس خون جو پهريون قطرو، انجي گناهن جي مغفرت جو سنيهو آهي.

·سندس سر حورالعين پنهنجي جهولي ۾ رکندي آهي.

·کيس جنتي لباس اوڙاهيو ويندو آهي.

·سڀ کان ڀلي عطر وسيلي، کيس معطّر ڪيو ويندو آهي.

·بهشت ۾، پنهنجو مقام پسندوآهي.

·پوري بهشت ۾ گهمڻ ڦرڻ جي آزادي هوندي اٿس.

·هڙئي حجاب هٽي ويندا اٿس، محبوب جي چهري جا درشن ڪندو آهي.[1]

2. پاڻ سڳورن (ص)، هڪ شخص جي دعا ٻڌي، جيڪو چئي رهيو هو: ” اسئلک خير ما سئل“ سڀ کان ڀليءَ شيءَ جيڪا توکان گهري سگهجي ٿي، سا مونکي عطا ڪر، پاڻ فرمايائون، جيڪڏهن اها دعا اگهامي ويس ته واٽ خدا شهيد ٿيندو[2].

3. روايت ۾ آيل آهي: هر نيڪي جي مٿان ڪا نيڪي آهي، ليڪن جيڪڏهن ڪو شخص شهيد ٿي ويو ته ان کان مٿي ڪنهن نيڪي جو تصور ناهي.[3]

4. ڏينهن قيامت، شهيد شفاعت جو حق رکندو.[4]

5. امام جعفر صادق (ع) کان روايت آهي: قيامت ڏهاڙي شهيد کي پنهنجي خطائن جي خبر نه ڏني ويندي.[5] (ڄڻ خطائون ڪيائين ڪونه)

6. پهرئين صف واري شهيدن جو مقام اڃا مٿانهون آهي.[6]

7. مجاهدن لاءِ بهشت جو مخصوص در هوندو،[7] هڙني کان اڳ بهشت ۾ ويندا،[8] بهشت ۾ انهن لاءِ خاص جڳهه هوندي.[9]

8. رڳو شهيد ئي اها ذات آهي، جنهن قيامت ڏهاڙي به اها تمنا هوندي جيڪر ٻيهر دنيا ۾ وڃي شهيد ٿيان.[10]

9. مڙني کان مانائتو موت، شهادت آهي.[11]

10. واٽ الٰهي ۾ ڳڙندڙ خون جي قطري کان وڌيڪ افضل، ڪوبه خون جو ڳڙندڙ قطرو ناهي .[12]

11. اسان جا امام پاڪ شهيد ٿيا، ڪيترائي نبي سڳورا ۽ انهن جي واٽ جا پانڌئيڙا شهيد ٿيا، (وَ كَأَيِّن مِّن نَّبىِ‏ٍّ قَتَلَ مَعَهُ رِبِّيُّونَ كَثِيرٌ آل عمرآن 146 ) ( يقتلون النبيين بغير حق بقره 61)

12. محشر جي ميدان ۾، شهيد جنگ جي لباس ۽ هٿ ۾ تلوار ( اسلحو) من موهيندڙ خوشبوءَ سان وارد ٿيندو، فرشتا کيس ڏسي، مٿس صلواتون پڙهندا.[13]

13. حضرت علي (ع) فضيلتن جو اڻ کٽ سمنڊ آ، سڀ کان پهريان پاڪ نبيءَ (ص) تي ايمان آندائين، پيغمبر اڪرم (ص) جي جاءِ تي سمهي پنهنجي جان جوکم، ۾ وڌائيندا پاڻ سڳورن (ص) جو دنيا ۽ آخرت ۾ ڀاءُ بڻيو، سندس ئي گهر جي در جو در مسجد ڏي کليل رهيو، امامن جو ابو ۽ بتول (س) جو سرتاج هو، بتن کي ٽوڙي ناس ڪيائين، خندق واري ڏهاڙي سندس تلوار جو هڪ وار ثقلين (جن ۽ انس) جي عبادت کان ڀاري رهيو، ليڪن انهن مڙني جاين تي ڪونه چيائين ”فزت “ بلڪه جڏهن شهادت جو وقت پهتو پاڻ فرمايائون ”فزت ورب الکعبه “ ڪعبي جي ربّ جو قسم علي ڪامياب ٿيو.

14. علي (ع) فرمائيندا هئا: قسم ان ربّ جو، جنهن جي هٿ ۾ ابوطالب جي ٻچڙي جي جان آهي، راهه خدا ۾ تلوار جا هزار وار تن تي سهڻ آسان آهن، ان کان ته بستر جو موت نصيب ٿئيم.[14]

15. علي (ع) جنگ احد کان پوءِ ڏاڍا غمگين هئا ته شهادت ڇو نه ماڻيائون، تنهن تي پاڻ سڳورن (ص) کين شهادت جي بشارت ڏني.

16. شهيد مطهري رح پنهنجي ڪتاب حماسه حسيني ۾ لکن ٿا: سخي، هنر وارو، ۽ مال پنهنجي مال، هنر ۽ علم کي اَمَرَ ڪندا آهن جيڪو سندن ذات جو هڪ معمولي حصو آهي، ليڪن شهيد پنهنجي پوري ذات کي نيبهه ڪندو آهي.[15]

17. جانورن ۾ جيڪو ائين مري وڃي سو مردار بي مُلهيو آهي، ليڪن ڪو حلال زناور، قبلي رخ تڪبير سان ذبح ٿئي، وڏي مُلهه وارو آهي.

18. جهڙيءَ ريت انڌي کي خبر ناهي ته اکيون ڇا آهن؟ تئين ئي دنيا وارن کي ڪهڙي خبر ته شهيدن جو جيئدان ڇا آهي.؟

19. جيڪڏهن واٽ خدا ۾ مال خرچ ٿئي ته، ان جي قيمت ست سئو ڀيرا يا ان کان وڌيڪ، وڌي وڃي ٿي ته، راھِ خدا ۾ خون ۽ جان ڏيڻ جي قيمت ڇا هوندي..؟!



[1] وسائل الشيعه ج11، ص 10.

[2] مستدرڪ ج2، ص243.

[3] _ بحار 74 ص 61.

[4] _ بحار2، ص10.

[5] _ وسائل ج11، ص 9.

[6] _ ميزان الحکمه.

[7] _ بحار ج 98، ص8.

[8] _ بحار ج 97، ص 11.

[9] _ تفسير نور الثقلين ج2، ص 241.

[10] کنز العمال ج 4، ص 29.

[11] _ بحار ج 100، ص 8.

[12] _ وسائل ج11، ص 6.

[13] _ بحار ج 97 ص 13

[14] _ نهج البلاغه

[15] _ حماسه حسيني ج3، ص40.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي