اڱارو, 19 نومبر 2019 - Tue 11 19 2019

منو

مغربي دانشورن جي نظر ۾ قرآن پاڪ جي عظمت

غير مسلم شخصيتن قرآن جي عظمت جي باري تمام گھڻو ڪجھ لکيو آهي جن کي هتي ذڪر ڪرڻ مشڪل آهي پر نموني طور انهن مان ڪجھ ڳالهيون ذڪر ڪجن ٿيون.

1 : ماري ولٽر Marie Voltaire( فرانس جو ناليوارو فلسفي ۽ ليکڪ) لکي ٿو ته ” مونکي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بي دين شخص جي سامهون قرآن پاڪ ۽ انجيل کي رکيو وڃي ته هويقيني طور قرآن کي انجيل تي ترجيح ڏيندو، ڇاڪاڻ ته محمد (ص) جو ڪتاب يعني(قرآن) واضح طوراهڙي فڪر جي تعليم ڏئي ٿو جيڪو عقل تي مشتمل آهي.“

 2 : لئون ٽولسٽوي Leo Tolstoy( روس جو فلسفي ۽ مشهور ليکڪ) لکي ٿو ته ” جيڪو به اهو چاهي ٿو ته اسلام جي سادگي جي ڳولا ڪري انهي کي گھرجي ته اهو قرآن جو مطالعو ڪري، ڇاڪاڻ ته قرآن ۾ قانون ۽ روشن تعليمات ۽ واضح حقيقتون ۽ آسان ۽ ساده احڪام هر عام ۽ خاص ماڻهو لاءِ ذڪر ٿيل آهن. هن ڪتاب ۾ تمام گھڻيون آيتون آهن جيڪي دين اسلام جي عالي، بلند ۽ عظيم مقام سان گڏ اسلام جي آڻڻ واري(يعني رسول خدا(ص)) جي پاڪيزه روح جي گواهي به ڏين ٿيون.

3 : ايڊورڊ مونٽيٽEdward. L. Montet (فرانسوي زبان ۾ قرآن جو مترجم ۽ جنيوا يونيورسٽي جو استاد) لکي ٿو ته: ”قرآن اسان مسيحن جي لاءِ تمام فائديمند ڪتاب آهي... قرآن جا مطالب اهڙن اصولي قواعدن تي ٻڌل آهن جيڪي معقول ۽ حيرت ۾ وجھڻ وارا آهن، هن ڪتاب ۾ خوبصورت، جديد ۽ مذهبي زبان جو روحاني فلسفو به ملي ٿو، هي ڪتاب انمول موتي جيان آهي. ديني مسئلن جي تفصيلي شرح ۽ مضبوط دليلن سان جيڪي رسول خدا(ص) جي زماني ۾ بيان ٿيا يقيني طور اهيحيرت ۾ وجھڻ وارا آهن.

4 : ڊاڪٽر ڪارل هائينريچ مارڪسKarl Heinrich Marx(لنڊن) ” قرآن ۾ الله پاڪ جا اهي سڀ پيغام موجود آهن، جيڪي آسماني ٻين ڪتابن ۾ آهن ۽ اهي پيغام جيڪي تمام انسانيت لاءِ هدايت جو درجو رکن ٿا، هن اعتراف ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه آهي ته هن ڪتاب (قرآن) انسان جي تمام گھڻين غلطين ۽ خطائن جي اصلاح ڪئي آهي.

5 : ڪنت ڪريڪ(ڪمبريج جي ڪاليج جو استاد) ” مان مسلمان نه آهيان جو اهو چوان ته قرآن الله پاڪ جو ڪتاب آهي. پر 14 سو سالن کان وٺي جڏهن کان هي قرآن آيو آهي، ڪنهن ۾ به اها جرئت پيدا نٿي آهي جو هو قرآن جهڙو ڪو ٻيو ڪتاب عربي زبان ۾ کڻي اچي، جيڪو قرآن جي برابري ڪري... قرآن اهو ڪتاب نه آهي جيڪو ڪنهن هڪ خاص زماني سان مخصوص هجي، بلڪه هي هميشه رهڻ وارو ڪتاب جيڪو هر زماني جي بشر لاءِ رهنمائي ۽ هدايت ڪرڻ وارو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا قرآن پاڪ ۾ نه هجي.

6 : ايڊورڊ گيوجا Edward Conti Gyvj (اٽلي جو دانشور) مون قديم ۽ جديد دينن جي تمام گھڻي تحقيق ڪئي آهي جنهن مان هن نتيجي تي پهتو آهيان ته واحد اسلام ئي هڪ آسماني ۽ حقيقي آئين آهي جنهن جي قرآن ۾ تمام سهڻي نموني وضاحت موجود آهي.

7 : جوزف ارنسٽ Joseph Ernest ( فرانسوي فلسفي) ” منهنجي پنهنجي ذاتي لائبريري ۾ تمام گھڻا ڪتاب موجود آهن جنهن ۾ سياسي اجتماعي ۽ ٻين موضوعن تي ڪتاب پيل آهن، جن جو مون  هڪ کان وڌيڪ مرتبه مطالعو ناهي ڪيو. پر هڪ جلد ڪتاب جنهن سان منهنجي تمام گھڻي محبت آهي ۽ ان جي مطالعي ڪرڻ ۾ مون ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي آهي، ان ڪتاب جو نالو قرآن آهي جيڪو مسلمانن جو آسماني ڪتاب آهي.

8 : ڊاڪٽر گسٽيو لي بون Gustave Le Bon( فرانس جو تاريخدان) ” قرآن مسلمانن جو آسماني ڪتاب آهي، جنهن فقط مذهبي دستورن تي مشتمل تعليم ذڪر نه ٿيل آهي بلڪه سياسي، اجتماعي دستور به هن ۾ ذڪر ٿيل آهن، قرآن جي اخلاقي تعليم انجيل جي اخلاقي تعليم کان سئو مرتبه مٿي آهي.

9 : ناپلئون بناپرٽ Napoleon Bonaparte ( فرانسوي بادشاھ) فقط قرآن ئي انسانيت جي سعادت جو عهديدار آهي، اسان کي به گھرجي ته تعصب جي عينڪ لاهي، قرآن جي تعليم مطابق پنهنجو نظام ٺاهيون. ڇاڪاڻ ته قرآن الله جو ڪلام ۽ هڪ مضبوط قانون آهي، ۽ انهي قانون جي مطابق انسان جي حقيقي سعادت کي منظم ڪيون.

10 : مهاتما گانڌي ( هندو ليڊر) قرآن جي تعليم ڏيڻ سان، هر انسان وحي جي رازن ۽ دين جي طرف مايل ٿيندو.

11 : جوزف هورڊويچ:Gosef hordvich ”قرآن جي ذريعي مسلمانن جا فڪر تمام گھڻا مٿي ويا آهن، قرآن انهن ۾ علمي تحقيق ۽ فڪر ڪرڻ جي شوق کي جاڳايو آهي، مسلمان قرآني تعليم جي آڌار تي انهي وقت جڏهن سڄو يورپ جهالت جي انڌيري ۾ غرق ٿي ويو هو، انسانيت جي مشعل جي جوت جڳائي علمي خدمت انجام ڏنائون.

12 : البرٽ انيسشين Albert Einstein( علم فزڪس جو ماهر) قرآن رياضي يا الجبرا جو ڪتاب نه آهي، بلڪه هڪ اهڙي قانون جو مجموعو آهي جنهن انسانيت کي سڌي رستي جي طرف رهنمائي ڪئي، هڪ اهڙي رستي جي طرف جنهن رستي جي تعريف ڪرڻ ۽ ان کي مشخص ڪرڻ لاءِ دنيا جا وڏا وڏا فلسفي عاجز ۽ لاچار آهن.

13 : بليئر:Blair قرآن جي لغت عرب جي فصيح لغت آهي، ۽ ان ۾ بلاغت جا طريقا هن ريت آهن، جيڪي انساني فڪر کي پنهنجي طرف جذب ڪن ٿا، قرآن ۾ انسانيت لاءِ واضح نصيحت موجود آهي، جيڪو به هن ڪتاب جي پيروي ڪندو اهو هميشه خوش زندگي گذاريندو.

14 : فريڊريش ڊيٽريچ: Friedrich Dietrichاهي ئي مسلمانن جا علوم ۽ معارف جن ڏهين صدي عيسوي ۾ يورپ کي اڳتي وڌايو، اهي علوم آهن جن کي قرآن مان ورتو ويو آهي، يورپ انهي حيثيت سان اسلام جو قرضي جو آهي.

15 : اڊمند برگ Edmund Burg( برطانوي سياستدان) قرآن يا قانون محمدي(ص) هڪ اهڙو قانون آهي، جيڪو تمام طبقاتي شخصيتن کي گڏ ڪري هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو، هڪ اهڙو قانون جيڪو عدالتي نظام کي بهتر بڻائي ٿو ۽ علمي روش کي رائج ڪري ڪري ٿو. ۽ معاشري کي منظم ۽ مرتب ڪرڻ لاءِ بهترين رهنمائي ڪري ٿو.

16 : مرگريٽ مارڪوسMargaret Marcus(آمريڪي دانشور عورت) قرآن جو ظاهر ۽ باطن بلڪه پوري جو پورو معجزو آهي، حيرت جي ڳالھ هيءَ آهي ته اهو شخص(يعني رسول خدا(ص)) جنهن هڪ به درس ناهي پڙهيو اهڙي ڪتاب کي ڪيئن وجود ۾ آڻي سگھي ٿو، اهڙو ڪتاب جنهن کان مٿي ٻيو ڪوبه ڪتاب وجود نٿو رکي. قرآن هڪ اهڙو مقام رکي ٿو جيڪڏهن جن ۽ انسان هڪ ٻئي جي مدد ڪري اهڙو ڪتاب آڻين تڏهن به هو اهڙو ڪتاب نٿا آڻي سگهن“ ياد رهي ته هي خاتون دين اسلام ۽ قرآن جي معرفت کان پوءِ مسلمان ٿي وئي هئي ۽ پنهنجو نالو ”مريم جميله“ رکيو هيائين.

 حوالا:

قرآن پاڪيورپين جي نگاھ ۾: محمد جواد باهنر

 نظريه دانشمندان جهان درباره قرآن و محمد(ص): مؤلف حسين وجداني

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي