اربع, 20 نومبر 2019 - Tue 11 19 2019

منو

عرب سماج ۽ قرآن

رب پاڪ اشرف المخلوقات، انسان کي خلق ڪيو ۽ ان جي هدايت لاءِ پنهنجا خدائي پيشوا ۽ سرواڻ رسولن، نبين ۽ امامن(ع) جي روپ ۾ موڪليا ۽ هر زماني جي گھرج مطابق صحيفن ۽ آسماني ڪتابن جي صورت ۾ انسانن جي ڀلي لاءِ قانونَ بيان ڪيا. انهن ڪتابن مان آخري آسماني ڪتاب قرآن  جي صورت ۾ اسان جي پياري نبي حضرت محمد4 تي نازل ڪيو ۽ هن ڪتاب کي قيامت تائين جي انسانن لاءِ هدايت ۽ قانون قرار ڏنو. هن لکڻي ۾ بندي ڪاوش ڪئي آهي ته قرآن پاڪ تي ٿيندڙ هڪ اهم اعتراض جو جواب ڏنو وڃي. اهو اعتراض هن ريت آهي.

 

قرآن تي ٿيندڙ هڪ اهم اعتراض

ڇا قرآن عربن جي ثقافت ۽ قانونن مان متاثر نه ٿيو آهي؟؟ يعني ڇا عربن جي ثقافت ۽ سندن قانونَ قرآن تي اثر انداز نه ٿيا آهن؟؟؟؟

هن اعتراض ڪرڻ واري جو مقصد اهو آهي ته قرآن پاڪ ۾ شڪ پيدا ڪري ۽ اهو بيان ڪري ته قرآن عربن جي ثقافت مان متاثر ٿيو ۽ اها ثقافت قرآن تي اثر انداز ٿي آهي.

هن اعتراض جي جواب ڏيڻ لاءِ اسان ان زماني جي ثقافت جي مقابلي ۾ قرآن جي روش ۽ طريقي ڪار کي بيان ڪريون ٿا، جنهن کان پوءِ اهو چٽو ٿي ويندو ته ان دور جي ثقافت قرآن تي اثر انداز نه ٿي آهي.

 عرب ثقافت جي مقابلي ۾ قرآن جو ڪردار

قرآن پاڪ ان دور جي ثقافت، رسمن ۽ رواجن جي مقابلي ۾ ٽي طريقي ڪار اپنايا هئا .

1. انڪاري طريقي ڪار

2. هاڪاري ۽ مثبت طريقي ڪار

3. اصلاحي طريقي ڪار

هاڻ اسان انهن طريقي ڪارن مان هر هڪ کي تفصيل سان بيان ڪريون ٿا.

 1. انڪاري طريقي ڪار:

قرآن الاهي قانون ۽ پالڻهار طرفان موڪليل وحي آهي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته قرآن ان دور جي گمراه ثقافت ۽ باطل رسمن کي پاڻ ۾ جاءِ ڏئي؟؟؟!!!! ان بابت قرآن پاڻ بيان ڪري ٿو ته:

لَا يَأْتِيهِ الْبَاطِلُ مِن بَيْنِ يَدَيْهِ وَلَا مِنْ خَلْفِهِ تَنزِيلٌ مِّنْ حَكِيمٍ حَمِيدٍ (سورت فصلت، آيت 42.)

نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان باطل داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي.

عربن جي جاهليت واري دور جي ثقافت جي سڃاڻپ لاءِ اسان ڪجھ نمونا پيش ڪريون ٿا.

   الف. جاهليت واري دور جي اخلاقي ثقافت ۽ رسمون:

اجتماعي رابطي ۾ اخلاق جو وڏو عمل دخل هوندو آهي پر اسان جڏهن عربن جي جهالت واري زماني کي ڏسون ٿا ته ان دور ۾ سندن اهڙيون اخلاقي رسمون پَسجن ٿيون جو انسان ۽ انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪيو پوي. انهن رسمن مجهان ڪجھ هن ريت آهن.

(1) نياڻن کي قتل ڪرڻ: هن ڪڌي رسم ڏانهن قرآن هن ريت اشارو ڪيو آهي،

وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُمْ بِالأُنثَى ظَلَّ وَجْهُهُ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ يَتَوَارَى مِنَ الْقَوْمِ مِن سُوءِ مَا بُشِّرَ بِهِ أَيُمْسِكُهُ عَلَى هُونٍ أَمْ يَدُسُّهُ فِي التُّرَابِ أَلاَ سَاء مَا يَحْكُمُونَ (سورت نحل، آيت 58 و59)

۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي. جيڪا کيس بڇڙي خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪي فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

هن آيتن ۾ رب پاڪ چٽي نموني بيان ڪيو آهي ته ان زماني جا عرب نياڻي کي ڪئين زندھ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري ڇڏيندا هئا.

 (2) ننگو ٿي ڪعبي جو طواف ڪرڻ: هن بڇڙي عمل بابت قرآن پاڪ فرمايو آهي ته

وَإِذَا فَعَلُواْ فَاحِشَةً قَالُواْ وَجَدْنَا عَلَيْهَا آبَاءنَا وَاللّهُ أَمَرَنَا بِهَا قُلْ إِنَّ اللّهَ لاَ يَأْمُرُ بِالْفَحْشَاء أَتَقُولُونَ عَلَى اللّهِ مَا لاَ تَعْلَمُونَ (سورت اعراف، آيت 28)

۽ جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (ته) چون ٿا ته اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا  (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ الله بيحيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نه ڪندو آھي، اوھين الله تي (اھو ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

هن آيت جي تفسير ۾ علامه طباطبائيءَؒ عربن جي ننگو ٿي طواف ڪرڻ ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو آهي ته اها ڪُڌي رسم مڪي جي فتح تائين قائم هئي پر پوءِ پاڻ سڳورن4 ان کان منع فرمائي. (1)

(3) تڪبر ۽ هٺُ ڪرڻ: عربن جي هن عمل کي قرآن سوره التڪاثر ۾ چٽي نموني بيان ڪيو آهي. أَلْهَاكُمُ التَّكَاثُرُ حَتَّى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ (سورت التڪاثر آيت 1۽ 2)

(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي اوھان کي ( رب جي ياد کان) غافل ڪيو. تان جو قبرن کي ڏٺوَ

 (4) وڏي آواز ۽ ڇرٻ سان ڳالهائڻ: هن ڪوجھي عمل بابت قرآن فرمايو:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَرْفَعُوا أَصْوَاتَكُمْ فَوْقَ صَوْتِ النَّبِيِّ وَلَا تَجْهَرُوا لَهُ بِالْقَوْلِ كَجَهْرِ بَعْضِكُمْ لِبَعْضٍ أَن تَحْبَطَ أَعْمَالُكُمْ وَأَنتُمْ لَا تَشْعُرُونَ (سورت حجرات، آيت 2)

اي ايمان وارؤ پنھنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪريو ۽ جيئن اوھان جو ھڪ ٻئي سان وڏي سڏ ڳالھائڻ آھي (تيئن) ساڻس ڳالھ ڏاڍيان نه ڳالھايو جو متان اوھان جا عمل چٽ ٿي وڃن ۽ اوھين نه پروڙيندا ھجو.

 (5) بغير اجازت جي ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ: هن بڇڙي عادت ڏانهن اشارو ڪندي رب پاڪ جي پاڪ ڪلام ۾ ذڪر ٿيو آهي ته:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَدْخُلُوا بُيُوتًا غَيْرَ بُيُوتِكُمْ حَتَّى تَسْتَأْنِسُوا وَتُسَلِّمُوا عَلَى أَهْلِهَا ذَلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ (سورت نور، آيت 27.)

اي ايمان وارؤ پنھنجن گھرن کانسواءِ ٻـين (ماڻھن جي) گھرن ۾ (ايسين) نه گھڙو جيسين (نه) موڪلايو ۽ اُن جي رھڻ وارن تي سلام (نه) ڏيو، اِھو اوھان لاءِ چڱو آھي مانَ اوھين نصيحت وٺو

(6) ابن ڏاڏن جو غلط ڪمن ۾ پيروڪار هجڻ: هن تمام بري عمل کي قرآن پاڪ تمام چٽو ۽ واضح بيان ڪيو آهي.

وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اتَّبِعُوا مَا أَنزَلَ اللّهُ قَالُواْ بَلْ نَتَّبِعُ مَا أَلْفَيْنَا عَلَيْهِ آبَاءنَا أَوَلَوْ كَانَ آبَاؤُهُمْ لاَ يَعْقِلُونَ شَيْئاً وَلاَ يَهْتَدُونَ (سورت بقره، آيت 170.)

۽ جڏھن کين چئجي ٿو ته جيڪي الله لاٿو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چون ٿا ته (نه) بلڪ جنھن تي پنھنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺوسون تنھن جي پٺيان لڳنداسون، جيتوڻيڪ سندن ابا ڏاڏا ڪجھ به نه ڄاڻندا هُئا ۽ نڪي سڌيءَ واٽ تي هُئا.

ان کان سواءِ کوڙ ساريون ڪڌيون رسمون ان دور ۾ جاهل عربن ۾ رائج هيون پر قرآن پاڪ انهن رسمن کي نديو ۽ ان ثقافت ۽ رسمن جي جاءِ تي سهڻا اخلاق پيش ڪيا، جن اخلاقن جو جلوو نبي اڪرم 4 جي وجود پاڪ ۾ پسي سگهجي ٿو. اهوئي سبب آهي جو پاڻ سڳورن 4  فرمايو:

انّي بعثتُ لاُتمم مکارم الاخلاق

بيشڪ مونکي بهترين اخلاق جي سکيا ڏيڻ لاءِ مبعوث ڪيو ويو آهي.     

ب) عربن جي اعتقادي ثقافت

ان دور جي جاهل عربن وٽ هڪ پاسي کان گذريل شريعتن جا آثار موجود هئا ته ٻئي پاسي انهن شريعتن جي قانونن ۾ تحريف ۽ هيرا ڦيري ڪري پنهنجا عقيدا درست ڪيا هئا. مثال طور: بتن جي شفاعت ڪرڻ تي اعتقاد رکڻ، فرشتن ،جنن ۽ مختلف سيارن جي پوڄا ڪرڻ ۽ ان جهڙا ڪافي باطل ۽ ڪُڌا عقيدا عربن ۾ رائج هئا پر قرآن پاڪ انهن مڙني عقيدن کي مختلف مقامن تي رد ڪيو آهي.

  ج) خانداني ثقافت

نموني جي طور اسان ان دور جي عربن ۾ شادي بابت موجود ڪجھ ڪڌين رسمن کي ذڪر ڪريون ٿا.

حق مهر بابت عربن جي اها رسم هئي ته حق مهر ڪنوار جي پيءُ يا قبيلي جي وڏڙن جو حق آهي.(2) جڏهن قرآن پاڪ انهن بيڪار رسم جي مخالفت ڪندي اهو فرمايو ته:

وَآتُواْ النَّسَاء صَدُقَاتِهِنَّ نِحْلَةً (سوره نساء آيت 4.)

۽ گهروارين کي سندن حق مهر ( قرض يا) عطيه جي عنوان سان ادا ڪريو.

بس قرآن پاڪ سمجهايو ته حق مهر گهرواريءَ جو حق آهي ۽ لازمي طور ان کي ڏنو وڃي. قرآن جي ان قانون سان عربن جي ذڪر ڪيل ڪڌي رسم باطل قرار ڏنو ويو.

شادي بابت عربن ۾ اها رسم پڻ موجود هئي ته هڪ شخص تمام گهڻيون شاديون ڪري سگهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪا محدوديت ناهي.(3)

قرآن ڪريم ان ثقافت ۽ رسم کي باطل قرار ڏنو ۽ مرد جي شادين جي تعداد کي محدود قرار ڏنو ۽ ان سان  گڏ اها شرط به لڳائي ته مرد چار شاديون به ان صورت ۾ ڪري سگھي ته جڏهن انهن مڙني گهروارين ۾ مساوات ۽ برابريءَ سان پيش اچي. هن مطلب کي ڏسڻ لاءِ سوره نساء جي شروعاتي آيتن جو مطالعو ڪريو.

ان کان علاوه به جاهل عربن ۾ هن ميدان ۾ کوڙ ساريون رسمون موجود هيون پر اسان اختصار کي نظر ۾ رکندي انهن ٻن رسمن تي اڪتفاء ڪريون ٿا.

2. هاڪاري ۽ مثبت طريقي ڪار

عربن ۾ موجود ڪجھ رسمون جيڪي عقل ۽ وحيءَ جي ٽڪراءُ ۾ نه هيون انهن رسمن ۽ رواجن جي قرآن تائيد ڪئي. پر ان جو مطلب هرگز اهو ناهي ته انهن رسمن جو سرچشمو عرب هئا بلڪه انهن رسمن جو سرچشمو عقل ۽ فطرت انسان آهي.

جهڙوڪ، هڪ خالق تي اعتقاد رکڻ:

قرآن جي ڪافي آيتن ۾ ان بابت بيان ٿيل آهي نموني طور توهان سورت عنڪبوت جي آيت 61۽63، سورت مومنون جي  آيت 84 کان 89 تائين، سورت يونس جي آيت 31، سورت زخرف جي آيت 87 ۽ سورت لقمان جي آيت 25 جو مطالعو ڪري سگهو ٿا.

ٻي عربن جي ثقافت جنهن جي قرآن تائيد ڪئي آهي اها حرمت وارن مهينن ۾ جنگ ۽ لڙائيءَ کان پاسو ڪرڻ هو اهي حرمت وارا مهينا هي آهن. رجب، ذي القعده، ذي الحج ۽ محرم. ان ڪري جو هنن مهينن جي گذريل دينن ۾ پڻ حرمت ۽ پاسداري ڪئي ويندي هئي ان ڪري اسلام ۽ قرآن عربن جي ان ثقافت جي تائيد ڪئي. ان کان علاوه به عربن جون ڪجھ رسمون آهن جن جي تائيد ڪئي آهي پر اختصار خاطر اسان ذڪر نٿا ڪريون.

3. اصلاحي طريقي ڪار

عربن ۾ ڪجھ ثقافت ۽ رسمون اهڙيون هيون جن کي قرآن رد نه ڪيو بلڪه انهن رسمن جي اصلاح ۽ تڪميل ڪئي . انهن رسمن مان ڪجھ کي بيان ڪريون ٿا.

نماز پڙهڻ ۽ عبادت ڪرڻ:

نماز ۽ عبادت گذريل پيغمبرن وانگر ان دور ۾ موجود هئي پر اسلام ۽ قرآن ان نماز کي مڪمل نموني بيان ڪيو.

ج ڪرڻ: عرب جاهلن ۾ پڻ حج موجود هو پر قرآن ۽ اسلام حج جهڙي عبادت کي تمام واضح ۽ مڪمل سهڻي انداز ۾ بيان فرمايو.

لکڻيءَ جو تَتُ:

عربن جي منفي ثقافت ۽ رسمن جو قرآن تي ڪو به اثر ناهي ٿيو بلڪه قرآن انهن جي گھڻين رسمن کي رد ڪيو آهي ۽ جن رسمن جو سرچشمو عقل، فطرت ۽ گذريل نبينE جي شريعتون هو انهن رسمن جي قرآن تائيد ۽ اصلاح فرمائي آهي.

حوالا

1)  ترجمه تفسيرالميزان ج8، ص89 ۽ 90

2) اسلام و جاهليت، ص 604.

 

3) تمدن اسلام و عرب، ص 102.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي