جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

وقتي نڪاح (قسط 10)

وَ الْمُحْصَنَاتُ مِنَ النِّسَاءِ إِلَّا مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ كِتَابَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ وَ أُحِلَّ لَكُم مَّا وَرَاءَ ذَالِكُمْ أَن تَبْتَغُواْ بِأَمْوَالِكُم محُّْصِنِينَ غَيرَْ مُسَافِحِينَ فَمَا اسْتَمْتَعْتُم بِهِ مِنهُْنَّ فََاتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ فَرِيضَةً وَ لَا جُنَاحَ عَلَيْكُمْ فِيمَا تَرَاضَيْتُم بِهِ مِن بَعْدِ الْفَرِيضَةِ إِنَّ اللَّهَ كاَنَ عَلِيمًا حَكِيمًا *

۽ پرڻيل زالون (به حرام آهن) سواءِ انهن جي، ٻانهين طور

اوهان جي قبضي ۾ هجن، ائين الله اوهان تي فرض ڪيو آهي، انهن کانسواءِ اوهان لاءِ حلال آهي ته (ٻين عورتن کي)، پنهنجي مال وسيلي پاڪائيءَ ۽ نڪاح جي نيت سان، نه ڪه زنا (جي نيت سان) کين طلبيو ته پوءِ جڏهن به انهن زائفن مان (وقتي نڪاح وسيلي) فائدو وٺو ته کين مقرر ڪيل مهر ادا ڪيو ۽ جيڪڏهن مهر مقرر ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان گهٽ وڌ ڪريو ته اوهان تي ڪا ميار ڪانهي، بيشڪ الله ڄاڻو ۽ حڪمت ڀريو آهي.

تفسير

لفظ ”متعه“ لفظ ”حج“، صلاة (نماز)، ربا (وياج) ۽ غيبت (گلا) وانگر هڪ شرعي، نه ڪه لغوي، معنى رکي ٿو، سو تفسير الميزان جي ليکڪ علامه طباطبائي جي چواڻي اسْتَمْتَعْتُم “ واري جملي مان مراد، متعه آهي.( جهڙي ريت ٻنهي جي ڌاتوءَ جو ساڳو هجڻ به مذڪوره ڳالهه جي ثابتي آهي).

متعه ۾ مهر جو ادا ڪرڻ (اتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ) فائدي وٺڻ (استمتاع)سان تعلق رکي ٿو، (فما استمتعتم) اتان سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن آيت جو واسطو دائمي نڪاح سان ڪونهي ڇو ته دائمي نڪاح ۾ عقد نڪاح جي پڙهڻ سان ئي مهر لاڳو ٿي ويندو آهي، پوءِ استمتاع، (فائدو) ورتو ويو هجي يا نه البته صحبت ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن طلاق اچي وڃي ته، مهر جو اڌ واجب الادا آهي. ڳالهه جو ڳر هي فَمَا اسْتَمْتَعْتُم بِهِ مِنهُْنَّ فََاتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّوارو جملو اهلبيت (ع) جي تعليمات ۽ اهل سنت جي اڪثر تفسيرن مطابق وقتي نڪاح (متعه) سان سلاهڙيل آهي، ان وقتي نڪاح کي ٻئين خليفي حرام ڪيو، جڏهن ته ڪنهن کي به الله جي حڪم کي حرام ڪرڻ جو حق ناهي، جيڪڏهن اهو وقتي نڪاح حرام نه ڪيو وڃي ها ته، نهايت نامراد ماڻهن کانسواءِ ڪوبه زنا نه ڪري ها جهڙيءَ ريت اها ڳالهه روايتن ۾ پڻ بيان ٿيل آهي[1].

وقتي نڪاح هڪ نهايت، عمده تدبير ۽ رٿ آهي، اڄڪلهه ان وقتي نڪاح جي نه هئڻ ڪري سماج ۾ زنا جو انگ وڌندو پيو وڃي.

وقتي نڪاح سماج جي هڪ ضرورت آهي، اهل سنت جي روايتن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پراڻي زماني ۾ جنگين ۽ لڙائين جي ڪري گهر بار کان دوري ٿيندي هئي تنهن ڪري متعه جو حڪم نازل ٿيو.

اسان پڇون ٿا ڇا اڄ  به اهڙيون حالتون پيش ناهن اينديون؟

رب پاڪ متعه واري روپ ۾ ان سماجي بگاڙ جي روڪ ٿام، ڪئي ۽ پڻ اهو حڪم قيامت تائين باقي آهي (ڪنهن کي به حق نه آهي جو رب پاڪ جي مقرر ڪيل حدن کي اورانگي).

ڪن ناعاقبت انديش، دانشورن جي مڃتا آهي ته قرآن ۾ عدت، ميراث ۽ حفظ فروج جو تعلق، نڪاح سان ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته متعه ۽ وقتي نڪاح، اصل نڪاح ڪونهي.

اسان سندن جواب طور عرض ڪريون ٿا ته: پهرئين ڳالهه: نڪاح کي عربي ٻولي ۾ ” متعه“ جي نالي سان به ڪوٺيو ويندو آهي.

ٻي ڳالهه: وقتي نڪاح ( متعه) ۾ به عدت آهي رڳو ميراث وارو قانون لاڳو ناهي (مرد ۽ زائفان ٻنهي لاءِ برابر طور ميراث نه آهي.)

باقي اولاد جي حقن ۽ ميراث ۾ ساڳو دائمي نڪاح وارو قانون لاڳو آهي.

سوال: وقتي نڪاح ۽ زنا ۾ ڪهڙو فرق؟ ڳالهه مڙئي ساڳي آهي.

جواب: ائين نه آهي ٻنهي ۾ ڏينهن رات کان وڌيڪ وڇوٽي آهي.

ڇاڪاڻ ته: (الف) وقتي نڪاح ۾ عورت صرف هڪ مرد جي هٿ اختيار آهي.

(ب) گهٽ ۾ گهٽ ”45“ ڏينهن وقت ختم ٿيڻ کانپوءِ عدت واجب آهي.

(ج) متعه مان ٿيل ٻار ساڳو دائمي نڪاح مان ٿيل ٻار وانگر آهي.

سوال: ڇا حوس پرست ماڻهو ان قانون جو مِس يوز (Miss use)نه ڪندا؟

جواب: نامراد ماڻهو ته هر قانون جو غلط استعمال ڪري سگهن ٿا ڇا ماڻهو انگور جو غلط استعمال ڪري شراب نٿا ٺاهن؟ ڇا ڪئي حاجي حج جو بهانو ڪري غلط ڪم نٿا ڪن؟ ته ڇا پوءِ اسان انگور ۽ حج کي به حرام ڪري ڇڏيون؟



[1] _ تفسير ڪبير امام رازي مذڪوره آيت جي ذيل ۾.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي