جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

اسلام ۽ قرآن ۾ غلامي کان آجپي جو حل

اسلام جي اچڻ کان پهرين پوري دنيا ۾ خاص طور تي جزيرة العرب جي سرزمين تي ڪجھ اهڙيون ريتون ۽ رسمون رائج هيون جن جو انسانيت جي اصولن سان دور جو واسطو به ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو انهن ريتن ۽ رسمن مان غلامي جي چڪي ۾ بي وس انسانن جي پيسجندڙ زندگين جا به انوکا داستان ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

جيتوڻيڪ اسلامي نقطه نظر مطابق الله تعالى هر انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي، تنهن ڪري ڪنهن به انسان کي اهو حق حاصل ناهي، جو ڪنهن ٻئي انسان جي آزادي کسي پنهنجو غلام بڻائي. پر ان جي باوجود ماضي قريب ۾ جڏهن کان حقوق بشر جي عنوان سان علمي معاشري ۾ ڪجھ مسئلن تي بحثون شروع ٿيون، ته اسلامي نقطه نظر کي خاص طور تي نشانو بڻائي مختلف قسمن جون غلط فهميون پيدا ڪيون ويون ۽ غلامن ۽ ڪنيزن جي حوالي سان اسلام جو منفي چهرو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. زير نظر مقالي ۾ اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا، ته اسلام جو غلامن ۽ ڪنيزن جي حوالي سان جيڪو نظريوآهي، اهو تمام سنجيدگي تي مشتمل آهي، اسلام نه رڳو ڪنهن آزاد انسان کي غلام بڻائڻ جهڙي رواج جي مخالفت ڪئي آهي، پر انهن جي آزادي لاءِ هر قسم جي حيلي جي سکيا پڻ ڏني آهي، البته معاشري ۾ رائج ٻين رسمن وانگر هن رسم کي به مرحلي وار ختم ڪرڻ جا دستور جاري ڪيا ته جيئن معاشرو ڪنهن خطرناڪ مرحلي کان محفوظ رهي سگهي.

هتي غلامي جي سلسلي ۾ قرآن ۽ اسلام جو نقطه نظر پيش ڪرڻ کان پهرين هڪ ٻن بحثن کي مختصر طور روشني وجهنداسين.

الف: قديم زماني ۾ غلام بڻائڻ جو طريقو

قديم زماني ۾ غلام جو مطلب اهو هوندو هو ته هڪ انسان کي ٻئي انسان جي مالڪيت ۾ ورتو ويندو هو ۽ ان جا تمام اختيارات، چاهي انهن جو تعلق سندس جان سان هجي، چاهي سندس اولاد سان هجي، سندس مال سان توڙي سندس عقيدي سان هجي، اهي سڀئي مالڪ جي قبضي هيٺ ئي سمجهيا ويندا هئا.  قرآن مجيد ۾ اهڙي قسم جي غلامي ڏانهن هن ريت اشارو ڪيو ويو آهي: ”ضَرَبَ اللّهُ مَثَلاً عَبْدًا مَّمْلُوكًا لاَّ يَقْدِرُ عَلَى شَيْءٍ “ (سورت نحل، آيت 75)

الله خريد ٿيل ٻانهي جو مثال ڏنو آهي، جيڪو ڪنهن به شيءِ تي قدرت نه ٿو رکي.

ان وقت اهو تصور ڪيو ويندو هو ته غلام جانور جي مثال هوندو آهي، جيڪو پنهنجي مالڪ جي اختيار ۾ هوندو آهي، ايستائين جو سندن مالڪ کين قتل ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا ۽ انهن لاءِ ڪنهن حق جا قائل نه هئا. عام طور تي غلام جنگ ۾ قيدي ڪري هٿ ڪيا ويندا هئا يا وري اهي مقروض ماڻهو جيڪي پنهنجو قرض لاهڻ جي سگھ نه رکندا هئا، تن کي غلام بڻايو ويندو هو.

اهڙي قسم جي غلامي جي اهم خاصيت اها هئي ته انسان کي انسانيت جي مرحلي مان ڪڍي حيوانيت جي درجي تي پهچائي ڇڏيندي هئي. قديم زماني ۾ ڪٿي ڪٿي غلام،

غلامي کان علاوھ پنهنجي مالڪ جو پوڄاري به ليکيو ويندو هو، اهي غلام پنهنجي مالڪن جي پوڄا به ڪندا هئا، قرآن مجيد ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڪندي، اهو ذڪر ڪري ٿو ته فرعون جا پيروڪار بني اسرائيل کي پنهنجي غلامي ۾ وٺندا هيا. جيئن ارشاد ٿئي ٿو ته:” وَتِلْكَ نِعْمَةٌ تَمُنُّهَا عَلَيَّ أَنْ عَبَّدتَّ بَنِي إِسْرَائِيلَ“ (سورت شعراء، آيت 22) يعني: ۽ ڇا هيءَ اها نعمت آهي، جنهن جو مون تي احسان جتايو اٿئي ته بني اسرائيل کي ٻانهو بڻايو اٿئي.

ب: جديد دور ۾ غلامي جو طريقو

اڄ ڪلھ جي جديد دور ۾ ظاهري طور تي غلامي جو طريقو پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي، پر هڪ نئين انداز ۾ غلامي جو راڄ وري به برقرار آهي. جديد غلامي جو بنياد دوکي دولاب ۽ ٺڳي تي ٻڌل آهي، قديم زماني ۾ هلندڙ غلامي جي برخلاف جنهن جو بنياد قدرت ۽ تسلط تي بيٺل هو. پر اڄ ڪلھ جي جديد دور ۾ غلامي جي طريقن ۾ ثقافتي ۽ اقتصادي يلغار، ڪميونسٽ حڪومتن جي قدرتمندي، جنسي وحشت جو شڪار ٿيڻ وغيره جهڙا مثال شامل آهن. ان قسم جي غلامي ۾ ظاهري طور تي ماڻهو آزاد هوندا آهن، پر ڪنهن معمولي اجرت جي عيوض ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته بغير اجرت جي ٻين جي قبضي هيٺ اچي ويندا آهن ۽ ايستائين جو غير رسمي طور تي مختلف مرڪزن ۾ انهن جي خريد ۽ فروخت ٿيندي رهي ٿي.

قرآن ۽ اسلام جو نقطه نظر

انسان هڪ اهڙي مخلوق آهي جنهن کي  پالڻهار جي ذات فطري طور تي آزاد خلق ڪيو آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته انسان رڳو پنهنجي پالڻهار جو ئي بندو ٿي رهي ۽ ٻين جي قيد ۽ بند کان آزاد هجي، ان ڪري قرآن مجيد نبين جو وظيفو اهو ڄاڻائي ٿو ته اهي انسانن جي آزادي جو ئي پيغام ڏيندا رهيا آهن.”الَّذِينَ يَتَّبِعُونَ الرَّسُولَ النَّبِيَّ الأُمِّيَّ الَّذِي يَجِدُونَهُ مَكْتُوبًا عِندَهُمْ فِي التَّوْرَاةِ وَالإِنْجِيلِ يَأْمُرُهُم بِالْمَعْرُوفِ وَيَنْهَاهُمْ عَنِ الْمُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبَاتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ الْخَبَآئِثَ وَيَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَالأَغْلاَلَ الَّتِي كَانَتْ عَلَيْهِمْ فَالَّذِينَ آمَنُواْ بِهِ وَعَزَّرُوهُ وَنَصَرُوهُ وَاتَّبَعُواْ النُّورَ الَّذِيَ أُنزِلَ مَعَهُ أُوْلَـئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ.“ (سورت اعراف، آيه 157)

جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪن ٿا، جنھن جون وصفون وٽن موجود توريت ۽ انجيل ۾ لکيل پائن ٿا (اُھو) کين چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ برن ڪمن کان کين روڪيندو آھي ۽ پاڪيزه شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي زنجيرون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي، سندس مدد ڪيائون ۽ انھيءَ نور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڪامياب آھن.

پيغمبر اسلام  غلامي جي زنجيرن کي ماڻهن جي گردنن مان لاهي ٿو، پاڻ جهالت ۽ ناداني جي زنجيرن کي علم ۽ بصيرت جي طرف دعوت ڏيڻ ذريعي، بت پرستي ۽ خرافات جي زنجيرن کي توحيد ڏانهن سڏڻ ۽ طبقاتي نظام کي اسلامي ڀائيچاري ۽ قانون جي مقابلي ۾ برابري جي طرف دعوت ڏئي ٽوڙيو.(1)

ائمه معصومينعجي روايتن ۾ پڻ ان ڳالھ کي چٽي نموني واضح ڪيو ويو آهي ته انسان کي آزاد پيدا ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري کيس ڪنهن جو غلام نه ٿيڻ گهرجي، امام علي عليه السلام جن فرمائن ٿا: ”لاتكن عبد غيرك وقد جعلكَ الله حرا“(2) يعني: ٻين جو غلام نه ٿي جڏهن ته الله سائين توکي آزاد پيدا ڪيو آهي.

فقه ۾ هڪ قاعدو رائج آهي، جنهن جو عنوان آهي:”الناس مسلطون على انفسهم و اموالهم“ يعني ماڻهو پنهنجي جانين ۽ مالن مٿان مڪمل حق رکن ٿا. جيڪو قاعدو پڻ ائمه معصومينع جي روايتن جو مضمون آهي، اهڙي قسم جا قاعدا به ان ڳالھ کي سمجهائن ٿا ته انسان آزاد آهي، ڇاڪاڻ ته ذاتي طور جيڪو پنهنجي پاڻ تي مسلط هوندو آهي ته ٻيا ان مٿان ڪو به حق نه ٿا رکن. البته انسان جي فطرت به غلامي سان سازگاري نه ٿي رکي، ڇاڪاڻ ته انسان کي انسانيت جي مرحلي کان هيٺ ڪيرائي ڇڏي ٿي ۽ عقل به ان کي پسند نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته غلامي انسان جي ڪمال ۽ سندس صلاحيتن جي اجاگر ٿيڻ کان رڪاوٽ بڻجي ٿي.

قرآن ۾ غلامي جي حوالي سان ذڪر ٿيل آيتون

قرآن مجيد ۾ غلامي جي حوالي سان ذڪر ٿيل آيتن جو تعداد مجموعي طور تي 22 آهي.

1_اهي آيتون جن ۾ ”عبد“ يا ان جا مشتق لفظ ڪتب آيا آهن، جيڪي 5 (پنجن) جڳهن تي ذڪر ٿيا آهن.(3)

2_اهي آيتون جن ۾ ”رقبه“ جو لفظ ڪم آيو آهي(4)

3_ اهي آيتون جن ۾ غلامن جي ملڪيت جو ذڪر ٿيو آهي.(5)

اسلام پاران غلامن جي آزادي لاءِ پيش ڪيل راھ حل.

اسلام غلامن جي آزادي جي لاءِ مختلف طريقا اپنائي کين سڪون جي زندگي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون راهون هموار ڪيون. قرآن مجيد جي مختلف آيتن ۾ ذڪر ٿيل طريقن کي مختلف حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.

1_غلامن جي حقن کي قانوني حيثيت ڏيڻ.

ذڪر ٿيل عنوان جي ذيل ۾ هيٺيان مثال قرآن مجيد جي روشني ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا.

الف: کين شادي ڪرڻ جو حق آهي.

جهڙي ريت ارشاد ٿئي ٿو: ”وَأَنكِحُوا الْأَيَامَى مِنكُمْ وَالصَّالِحِينَ مِنْ عِبَادِكُمْ وَإِمَائِكُمْ إِن يَكُونُوا فُقَرَاء يُغْنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضْلِهِ وَاللَّهُ وَاسِعٌ عَلِيمٌ “ (سورت نور، آيت 32.)

۽ توهان مان بغير شوهرن واري عورتن ۽ بغير زالن واري شوهرن کي پرڻايو ۽ پنھنجن ٻانھن ۽ پنھنجين ٻانھين مان نيڪن کي (به پرڻايو)، جيڪڏھن (ھو) غريب ھوندا ته الله پنھنجي فضل سان کين بي نياز ڪندو، ۽ الله ڪشادگيءَ ڪندڙ، آگاھ آھي

ب: ڪنيزن کي حق مهر ڏيڻ جو دستور

ان سلسلي ۾ قرآن مجيد ۾ هن ريت ارشاد ٿئي ٿو:

 ” فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ “ (سورت نساء، آيت 25)

ج: انهن لاءِ قصاص (بدلي) جو حق رکيو ويو آهي.

قرآن مجيد جي هيءَ  آيت ان مطلب کي بيان ڪري ٿي. ”يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ كُتِبَ عَلَيْكُمُ الْقِصَاصُ فِي الْقَتْلَى الْحُرُّ بِالْحُرِّ وَالْعَبْدُ بِالْعَبْدِ“ (سورت بقره، آيت 178)  اي ايمان وارؤ! خون ٿيڻ ۾ توهان تي قصاص (بدلو) لکيو ويو آهي، آزاد جي بدلي آزاد ۽ ٻانهي جي بدلي ٻانهو.

2_ ڪنيزن سان بدرفتاري سان پيش اچڻ کان روڪٿام

ان سلسلي ۾ آيل حڪمن کي به هيٺين ريت تقسيم ڪري سگهجي ٿو

الف: ٻانهين کي پاڪدامني جي خلاف ڪم تي مجبور نه ڪيو.

”وَلَا تُكْرِهُوا فَتَيَاتِكُمْ عَلَى الْبِغَاء إِنْ أَرَدْنَ تَحَصُّنًا“ (سورت نور، آيت 33)

اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن پاڪدامني جو ارادو ڪن ته کين بري ڪم تي مجبور نه ڪيو.

ب: ٻانهين جو نڪاح سندن اهل جي اجازت کان بغير نه هجي.”فَانكِحُوهُنَّ بِإِذْنِ أَهْلِهِنَّ“ (سورت نساء، آيت25)

پوءِ کين پنهنجي مالڪن جي اجازت سان پرڻايو.

3_سزا ۾ گهٽتائي:

ان سلسلي ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

”فَإِذَا أُحْصِنَّ فَإِنْ أَتَيْنَ بِفَاحِشَةٍ فَعَلَيْهِنَّ نِصْفُ مَا عَلَى الْمُحْصَنَاتِ مِنَ الْعَذَابِ“(سورت نساء، آيت 25) پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي. 

4_ سندن آزادي جي لاءِ مختلف حيلا پيش ڪرڻ

قرآن مجيد غلامن جي آزادي لاءِ مختلف حيلا پيش ڪيا ته جيئن ان ذريعي غلامي جي زنجيرن مان آزاد ٿي هڪ آزاد انسان جي حيثيت سان معاشري ۾ زندگي گذاري سگهن. انهن حيلن کي هيٺين ريت تقسيم ڪري بيان ڪري سگهجي ٿو:

الف: مڪاتبو، جنهن جو مطلب آهي ته ٻانهي ۽ سندس مالڪ جي درميان قراردادبندي سان کيس آزاد ڪيو وڃي. الله سائين جو ارشاد ٿئي ٿو: ”وَالَّذِينَ يَبْتَغُونَ الْكِتَابَ مِمَّا مَلَكَتْ أَيْمَانُكُمْ فَكَاتِبُوهُمْ إِنْ عَلِمْتُمْ فِيهِمْ خَيْرًا وَآتُوهُم مِّن مَّالِ اللّهِ الَّذِي آتَاكُمْ“ (سورت نور، آيت 32)

۽ اوھان جي ٻانھن مان جيڪي (آزاديءَ لاءِ عوض ڏيڻ جو) لکيل انجام گھرن تن ۾ جيڪڏھن ڪا چڱائي ڄاڻو ته کين لکيل انجام ڏيو، ۽ جيڪو مال الله اوھان کي ڏنو آھي تنھن مان کين ڏيو.

ب: غلامن جي آزادي کي غلطي ۾ قتل ٿي وڃڻ جو ڪفارو قرار ڏنو ويو آهي” وَمَن قَتَلَ مُؤْمِنًا خَطَئًا فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ مُّؤْمِنَةٍ“ (سورت نساءِ، آيت 92)

۽ جيڪو ڪنهن مؤمن کي ڀُل چُڪ سان قتل ڪري ته (ھڪ) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري

ج: غلامن جي آزادي کي قسم جو ڪفارو قرار ڏيڻ. الله سائين جو ارشاد آهي.

”لاَ يُؤَاخِذُكُمُ اللّهُ بِاللَّغْوِ فِي أَيْمَانِكُمْ وَلَـكِن يُؤَاخِذُكُم بِمَا عَقَّدتُّمُ الأَيْمَانَ فَكَفَّارَتُهُ إِطْعَامُ عَشَرَةِ مَسَاكِينَ مِنْ أَوْسَطِ مَا تُطْعِمُونَ أَهْلِيكُمْ أَوْ كِسْوَتُهُمْ أَوْ تَحْرِيرُ رَقَبَةٍ“ (سورت  مائده، آيت 89.)

الله اوھان جي اجاين قسمن کڻڻ ۾ اوھان کي سزا نه ڏيندو، پر جيڪي قسم اوھان پڪي نيت سان کنيا تنھن اوھان کي پڪڙيندو، پوءِ ان جو ڪفارو وچٿرو (کاڌو) جيڪي پنھنجي عيال کي کارائيندا آھيو تنھن مان ڏھن مسڪينن کي کاڌو ڏيڻ آھي، يا کين ويس پارائڻ، يا ٻانھون آزاد ڪرڻ آهي.

د: غلامن جي آزادي کي ظهار جو ڪفارو قرار ڏيڻ. الله سائين جو ارشاد آهي.” وَالَّذِينَ يُظَاهِرُونَ مِن نِّسَائِهِمْ ثُمَّ يَعُودُونَ لِمَا قَالُوا فَتَحْرِيرُ رَقَبَةٍ“ (سورت مجادله، آيت 3.)

جيڪي پنهنجي گهر وارين کي ظهار ڪن ٿا، پوءِ پنهنجي چئي کان واپس موٽن ته کين گهرجي ته هڪٻئي کي ڇُهڻ (جماع ڪرڻ) کان پهرين هڪ ٻانهي کي آزاد ڪن.

ھ: غلامن جي آزادي هڪ قسم جي نيڪي شمار ٿئي ٿي ۽ ان ۾ ثواب آهي. جيئن ته سوره بقره جي آيت نمبر 19 ۾ اهڙي قسم جو حڪم آيو آهي.

و: مفت ۾ يا وري عيوض جي ادائيگي سان قيدين جي آزادي جو حڪم:  جيئن ارشاد ٿئي ٿو ته: ” فَإِذا لَقِيتُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا فَضَرْبَ الرِّقَابِ حَتَّى إِذَا أَثْخَنتُمُوهُمْ فَشُدُّوا الْوَثَاقَ فَإِمَّا مَنًّا بَعْدُ وَإِمَّا فِدَاء حَتَّى تَضَعَ الْحَرْبُ أَوْزَارَهَا“ (سورت محمد، آيت4.)

پوءِ جڏھن اوھين ڪافرن سان جنگ ڪريو تڏھن (انھن جون) گردنون ڪٽيو، ايستائين جو جڏھن چڱي طرح ماري وٺو، تڏھن مضبوطيءَ سان قيد ڪيو وري (قيد کان) پوءِ يا ته احسان ڪرڻ (سان آزاد ڪيو)  يا ڏنڊ وٺو،  ايستائين جو جنگ پنهنجو سنگين بار ڇڏي.

البته اهو ڏنڊ ڏوھ جيڪو مسلمانن جي اڳواڻن جي طرفان مقرر ڪيو ويندو آهي، اهوهڪ جنگي ڏنڊ هو ۽ قرآن مجيد جي ان دستور سان وري ٻيهر غلامن جي پيدا ٿيڻ جي اصلي سرچشمي کي بلڪل بند ڪري ڇڏيو. آيت الله مڪارم شيرازي، ذڪر ٿيل آيتن جي ذيل ۾ لکن ٿا: ”جيتوڻيڪ قرآن مجيد ۾ جنگي قيدين جي سلسلي ۾ استرقاق (غلامي ۾ وٺڻ) جو مسئلو هڪ حتمي دستور جي عنوان سان ذڪر نه ٿيو آهي. پر ان ڳالھ جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ٿو قرآن ۾ ان سلسلي ۾ ڪجھ احڪام ذڪر ٿيا آهن.(6)

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي