جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

اسلام ۽ قرآن ۾ غلامي کان آجپي جو حل2

ائمه معصومين (ع) ۽ غلامن سان سهڻي سلوڪ جا مثال
ائمه معصومين ع جيڪي ناطق قرآن جي حيثيت رکن ٿا ۽ سندن هر عمل قرآن مجيد جي تعليمات جي عڪاسي ڪندي نظر ايندو آهي، تن جي زندگيءَ ۾ ڏسون ٿا ته پاڻ غلامن جي سلسلي ۾ قرآن مجيد جي ڏنل دستورن کي مختلف موقعن تي عملي جامو پهرائيندا رهندا هئا، جنهن جا ڪجھ مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:

1_حضرت امام زين العابدين عجي هڪ ڪنيز جيڪا امام علاءِ وضو جو پاڻي مهيا ڪري رهي هئي ته اچانڪ ان جي هٿ مان ٿانو ڇڏائي ويو جنهن جي ڪري امام عجو هٿ مبارڪ زخمي ٿي پيو، پاڻ تنبيه واري انداز ۾ هن ڏانهن نگاھ ڪئي، ته ان وقت سندن ڪنيز چوڻ لڳي ته الله تعالى قرآن ۾ فرمائي ٿو: ”وَالْكَاظِمِينَ الْغَيْظَ“ (سورت آل عمران، آيت 134.) ۽ جيڪي پنهنجي ڪاوڙي پي وڃن ٿا. ته امام عجواب ۾ فرمايو: مون پنهنجي ڪاوڙ پي ڇڏي، ان ڪنيز وري آيت جو اڳيون حصو پنهنجي زبان تي جاري ڪيو: ”وَالْعَافِينَ عَنِ النَّاسِ“ يعني: ۽ جيڪي ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏين ٿا. ته پاڻ فرمايائون: الله سائين توکي بخش ڪري، پوءِ وري آيت جو آخري حصو تلاوت ڪيائين. وَاللّهُ يُحِبُّ الْمُحْسِنِينَ يعني: ۽ الله نيڪي ڪندڙن کي پسند ڪري ٿو، ته پاڻ جواب ۾ فرمايائون: ”اذهبي فانت حرة لوجه الله“ يعني: تون وڃ، تون الله جي خاطر آزاد آهين.(7)
2_ هڪ روايت ۾ آيو آهي ته امام محمد باقر عوٽ هڪ غلام هو ۽ ان ڪو نيڪ ڪم انجام ڏنو هو، ته امام عسندس ڪم کي ساراهيو، ان کان پوءِ فرمايائون: ”فاذهب فانت حر فاني اكره ان استخدم رجلا من اهل الجنة“ تون وڃ، ڇاڪاڻ ته مون کي اهو پسند ناهي ته آئون ڪنهن بهشتي ماڻهو کان ڪو ڪم وٺان.(8)
3_امام جعفر صادق عکان هڪ روايت آهي ته پاڻ فرمايائون: ”من اعتق نسمة صالحة لوجه الله كفر الله عنه مكان كل عضو منه عضوا من النار“ يعني: جيڪو ماڻهو ڪنهن نيڪ ڪنيز کي الله جي خاطر آزاد ڪندو ته الله تعالى سندس هر عضوي جي عيوض سندس بدن جي عضوي کي جهنم جي باھ کان بچائيندو.(9)
4_غلامي جي غلط رسم کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي معاشري ۾ سڪون ۽ چين بخشڻ جو طريقو اهو آهي ته انهن کي مختلف بهانن سان آزاد ڪيو وڃي، جنهن لاءِ قرآن ۽ اسلام جيڪي طريقا ٻڌايا آهن، انهن مان هڪ بهترين طريقو اهو پڻ بيان ڪيو آهي ته ستن سالن کان پوءِ غلام خود بخود آزاد ٿي ويندو آهي. جيئن ته امام جعفر صادق عفرمائن ٿا: ”من كان مؤمنا فقد عتق بعد سبع سنين اعتقه صاحبه ام لم يعتقه لا يحل خدمة من كان مؤمنا بعد سبع سنين“ يعني: جيڪو شخص مومن آهي، ته اهو ستن سالن کان پوءِ آزاد ٿي وڃي ٿو، چاهي سندس مالڪ کيس آزاد ڪري چاهي نه، ستن سالن کان پوءِ ڪنهن مومن (غلام) کان ڪم وٺڻ جائز ناهي.
غلامن سان چڱي نموني پيش اچڻ.
اسلام ۾ غلامن سان مهرباني ۽ نرم رفتار سان پيش اچڻ لاءِ ڪيترائي دستور ذڪر ٿيا آهن، ايستائين جو اسلام کين پنهنجي مالڪن جي زندگيءَ ۾ برابر جو شريڪ قرار ڏنو آهي. پيغمبر اسلام  جن فرمائن ٿا: جنهن وٽ ڪو (غلام) ڀاءُ هجي. کيس گهرجي ته جيڪو پاڻ کائي ٿو ان کي به کارائي، جيڪو پاڻ پائي ٿو ان کي به پارائي، سندس طاقت کان وڌيڪ کيس ذميواري نه سونپي.(10)
حضرت علي عپنهنجي غلام قنبر کي فرمايو: ”مون کي پنهنجي خدا کان شرم ٿو ٿئي ته تنهنجي لباس کان ڀلو لباس پايان، ڇاڪاڻ رسول خدا  جن فرمايو: جيڪو لباس پاڻ پايو ٿا، سو کين پارايو، جيڪو کاڌو پاڻ کائو ٿا، سو کين کارايو. (11)
امام جعفر صادق عجن فرمائن ٿا: جڏهن والد محترم ڪنهن غلام کي ڪم چوندا هيا، ته ڏسندا هيا، ته جيڪڏهن ڪم سخت آهي ته پاڻ بسم الله چئي ڪم ۾ مشغول ٿي ويندا هئا ۽ سندس خدمت ڪندا هئا.(12)
آزاد انسان جو وڪرو، اسلام جي نظر ۾ تمام نفرت انگيز معاملو
بنيادي طور تي اسلام جي نظر ۾ غلامن جي خريد ۽ فروخت هڪ تمام نفرت انگيز معاملو شمار ٿئي ٿو، جيئن پاڻ سڳورن  جن فرمايو: ”شرالناس من باع الناس“ يعني: سڀني کان برو ماڻهو آهو آهي، جيڪو ماڻهن کي وڪڻي.(13). نه فقط ايترو پر اسلام جي نظر ۾ اهو گناھ جيڪو ڪڏهن بخشجي نه ٿوسگهجي انهن مان هڪ انسان جي آزادي کي کسڻ وارو عمل آهي. هڪ حديث ۾ پيغمبر اسلام  جن کان نقل ڪيو ويو آهي ته پاڻ فرمايائون: ”ان الله تعالى غافر
كل ذنب الا من جحد مهرا او اغتصب اجيرا اجره او باع رجلا حرا“ يعني: الله تعالى هر گناھ کي بخش ڪري ڇڏيندو، سواءِ ٽن گناهن جي، جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر واري جي حق مهر جو انڪار ڪري، يا مزدور جي اجرت غصب ڪري يا وري ڪنهن آزاد انسان کي وڪڻي.
غلامن جي آزادي ۾ مرحلي وار دستورن جي اچڻ جو راز
هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن اسلام انسان جي آزادي جو حامي آهي ۽ ان ڳالھ کي بيان ڪندو رهي ٿو ته انسان کي آزاد پيدا ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري کيس ڪنهن جي غلامي ۾ زندگي گذارڻ نه ٿي جڳائي، ته پوءِ هڪ ئي دفعو غلامي جي رسم و رواج کي ڇو ختم نه ڪيو ويو؟
ان سوال جي جواب ۾ عرض ڪنداسين ته اسلامي احڪام ۽ تعليمات انسانن جي علم، آگاهي ۽ سوچ جي مناسبت سان ئي ايندا رهيا آهن، جيڪي آهسته آهسته جاري ٿيندا رهن ٿا، يعني: پهرئين مرحلي ۾ اسلام سڀني کي مڪمل آگاهي ڏئي ٿو ۽ ان جي مڪمل طور تي رهنمائي ڪندو آهي، ان کان پوءِ کين اطاعت ۽عمل جي طرف دعوت ڏيندو آهي. اسلامي حڪمن جي جاري ٿيڻ جو اهو ئي طريقو رهيو آهي، خاص طور تي غلط رسم ۽ رواج جي ڪري وجود ۾ آيل ڪارنامن سان مقابلي ڪرڻ ۾ اسلام جو طريقو اهو ئي رهيو آهي.غلامي جو مسئلو به انهن مسئلن منجهان هڪ شمار ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ انساني معاشري جي تقريبا اڌ آبادي ظالم ۽ جابر انسانن جي چنبي ۾ غلامي جي زندگي گذاري رهي هئي، ته ان وقت جيڪڏهن اسلام هڪ ئي دفعو غلامن جي آزادي جو دستور ڏئي ها ته ڪيترا مسئلا وجود ۾ اچن ها. هڪ ئي دفعو آزادي ڏيڻ سان جيڪي مسئلا پيش اچن ها، انهن کي هيٺين ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:
1_اسلام جي اچڻ وقت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جن منجهان جزيرة العرب به هڪ شمار ٿئي ٿو، غلامن جي ڏي وٺ داخلي توڙي خارجي لحاظ سان هڪ اهم معاملو شمار ٿيندو هو، جيڪڏهن اسلام ان نظام کي هڪ ئي دفعو ختم ڪري ها، ته معاشري جا ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي ملڪيت جو هڪ وڏو حصو هٿن مان وڃائي ويهن ها، ته هيءُ مسئلو هڪ طرف کان ان ڳالھ جو سبب ٿئي ها جو معاشرو اقتصادي لحاظ کان تمام وڏي بحران جو شڪار ٿي وڃي ها ته ٻئي طرف ماڻهن جي اسلام طرف اچڻ ۾ گهٽتائي جو سبب ٿئي ها، ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيترا اسلام قبول ڪرڻ جي ڪري پنهنجي ملڪيت جو تمام وڏو حصو هٿن مان وڃائي ويهن ها، جنهن جي ڪري اقتصادي لحاظ سان مفلوج ٿي وڃن ها. (14)
2_ جيڪڏهن اسلام عمومي طور تي اهو دستور جاري ڪري ها ته ان زماني جا ماڻهو سڀني غلامن کي آزاد ڪن، ته انهن مان ڪيترا ئي وڏي پريشاني جو شڪار ٿي وڃن ها، ڇاڪاڻ ته ڪٿي ڪٿي ته معاشري جو اڌواڌ حصو غلامن تي ٻڌل هوندو هو، انهن وٽ نه ڪو مستقل ڌنڌو هوندو هو۽ نه وري زندگي گذارڻ لاءِ وٽن ڪو گهر هوندو هو ۽ نه ئي ڪو وسيلو هوندو هو. جيڪڏهن هڪ ئي وقت آزاد ٿين ها، ته معاشري جو هڪ وڏو حصو انهن آزاد ٿيل غلامن جو هجي ها، جيڪي زندگي گذارڻ ۾ تمام گهڻي خطرناڪ مرحلي مان گذري رهيا هئا، ته وري اهو به ممڪن هو جو معاشري جي نظم ۽ ضبط ۾ وڏو خلل اچي وڃي ها.(15)
3_غلامن پنهنجي بي رحم مالڪن جي طرفان ڪيتريون تڪليفون ۽ اذيتون ڏٺيون هيون، جيڪڏهن اسلام هڪ ئي دفعو کين آزاد ڪري ها، ته اهو ٿي سگهيو پئي ته اهي ظلم جي چڪي ۾ پيسجندڙ غلام جن جون دليون پنهنجي مالڪن جي لاءِ ڪيني ۽ بغض سان ڀريل هيون، سندن مالڪن خلاف وڏو ڪو خوني انقلاب برپا ڪري وٺن ها، ۽ انهن جو تمام سخت انداز ۾ انتقام وٺن ها، جنهن ڪري معاشري جي امنيت کي وڏو ڇيهو پهچي ها.(16)
حوالا
1. تفسير نمونه، آيت الله مڪارم شيرازي، ج6، ذڪر ٿيل آيت جي ذيل ۾
2. بحارالانوار، ج74، ص215
3. سورت بقره، آيت، 178 ۽ 221، سورت نور، آيت 75 ۽ سورت شعراء، آيت 22
4. سورت نساء، آيت،92، سورت مائده، آيت، 89، سورت مجادله، آيت 3 ۽ سورت بلد، آيت13.
5. سورت نساء، آيت 3، 24، 25 ۽ 36، سورت نحل آيت71، سورت مومنون، آيت 6، سورت نور آيت 31 ۽ 33، سورت روم، آيت 28، سورت احزاب، آيت 50، 52 ۽ 55 ۽ سورت معارج، آيت 30.
6. تفسير نمونه، ج21، ص431.
7. تفسير نور الثقلين، ج1، ص390، مجمع البيان، ج2، ص505
8. وسائل الشيعه، ج16، ص32.
9. ساڳيو حوالو.
10. بحارالانوار، ج74، ص141.
11. ساڳيو حوالو، ص143.
12. ساڳيو حوالو.
13. مستدرک الوسائل، ج13، ص95 ۽96
14. حقوق و سياست در قرآن، آيت الله محمد تقي مصباح يزدي.
15. تفسير نمونه، ج21، ص416
16. اسلام و حقوق بشر، ص 209

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي