جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

خوشحال زندگي ۽خدا جوذڪر (1)

ڇا اهي انسان جيڪي خدا جي ذڪر کان منهن موڙين ٿا انهن جي زندگي خوشحال گذري ٿي؟

ان سلسلي ۾ قرآن مجيد ۾ الله سائين جو ارشاد ٿئي ٿو:

وَمَنْ أَعْرَضَ عَن ذِكْرِي فَإِنَّ لَهُ مَعِيشَةً ضَنكًا وَنَحْشُرُهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ أَعْمَى. (سورت طه. آيت 124.)

۽ جيڪو منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون.

 

پوء ڇو ڪجھه مومن ۽ ذڪر ڪرڻ وارا سختيءَ سان زندگي گذاري رهيا آهن . ۽ ٻئي طرف ڪافر ۽ الله کان غافل رهڻ وارا خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.؟

ان غلط فهمي جي جواب ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي ته سڀ کان پهريان بحث جي اصلي مفهومن جي وضاحت ڪئي وڃي ۽ ان کان پوء جواب ڏنو وڃي.

لفظ ذڪر جو مفهوم ۽ معنى

ذڪر اندر جو اهڙو حال آهي جيڪو انسان جي دل ۾ حاصل ٿيندو آهي پر ڪڏهن اهو ذڪر عمل ۽ فعل سان انسان جي عضون جي ذريعي ڪيو ويندو آهي جيئن ڪجهه الفاظ جيڪي انسان جي زبان تي جاري ٿيندا آهن يا جيئن رڪوع ۽ سجدي ۾ ذڪر ڪيو ويندو آهي. پر ڪڏهن اهو ذڪر انسان جي ظاهري عمل کي انجام ڏيڻ کان بغير انسان جي دل ۾ اچي ويندو آهي حقيقت ۾ ذڪر، خدا ڏانهن متوجه ٿيڻ واري حالت کي چيو ويندو آهي جيڪا حالت انسان جي دل ۾ پيدا ٿيندي آهي.

جهڙي طرح رب پاڪ قرآن ڪريم ۾ انسان جي ان ذڪر کي جيڪو هو دل ۽ جان سان ڪري ٿو. بيان ڪيو آهي .

وَاذْكُر رَّبَّكَ فِي نَفْسِكَ تَضَرُّعاً وَخِيفَةً وَدُونَ الْجَهْرِ مِنَ الْقَوْلِ بِالْغُدُوِّ وَالآصَالِ وَلاَ تَكُن مِّنَ الْغَافِلِينَ. (سورت اعراف/ 205.)

خدا کي پنهنجي دل ۾ عاجزي، خوف ۽ آواز کان بغير صبح ۽ رات جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نه ٿيءُ.

تنهن جو مطلب ته ماڻهو ذڪر ڪرڻ ۾ مشغول هوندا آهن پر انهن جون دليون خدا ڏانهن متوجھ نه هونديون آهن بلڪه پنهنجي ذاتي فڪرن ۾ ٻڏل هوندا آهن بس چوڻو پوندو ته اهي انسان اهڙي حالت ۾ اهل ذڪر نه آهن.

ان بابت امام عليA فرمايو آهي ته:

لا تذكر الله سبحانه ساهيا، تنسه لاهيا واذكره كاملا يوافق فيه قلبك لسانك، و يطابق اضمارك اعلانك ، ولن تذكره حقيقه الذكر حتي تنسي نفسك في ذكرك و تفقدها في امرك.

الله سائين کي غفلت واري حالت ۾ ياد نه ڪر ۽ ان کي نه وسار خدا جو ڪامل ۽ پورو ذڪر ڪر اهڙي طرح جو تنهنجي دل ۽زبان گڏ ۽ تنهنجو اندر ۽ ظاهر هڪ جهڙو هجي خدا جو حقيقي ذڪر تڏهن ڪندي جڏهن ذڪر ڪرڻ وقت پاڻ کي وساري ويهين ۽ آخرڪار پاڻ کي خدا ۾ گم ڪري ڇڏ.

۽ ٻئي طرف کان اهو تمام گهٽ آهي جو ڪجھ ماڻهو وڏي عرصي کان وٺي زباني ذڪر ۾ مشغول هئا ۽ سندن دليون نور سان روشن ۽ زندھ ٿي ويون ۽ زباني ذڪر چوڻ کان بغير سندن دليون خدا ڏانهن متوجھ ٿيون. پر خدا جو ذڪر ۽ ان جي ياد انسان جي رفتار ۽ گفتار تي اثر رکي ٿي. جهڙوڪ: الله جي ياد انسان کي خدا جو مطيع ۽ فرمان بردار ڪري ٿي ۽ تقوا ۽ اطاعت جي درجي کي مٿانهون ڪري ٿي جيستائين انسان ان مرحلي تائين نه پهچندو تيستائين حقيقت ۾ اهل ذڪر تائين ناهي پهتو ۽ اهل ذڪر ناهي ٿيو.

ذڪر جي تمام معنىئن کي بيان ڪرڻ لاء اوهان جي ذهنن کي امام صادقA جي روايت ڏانهن متوجھ ڪريون ٿا. (خدا جي تمام اهم فرضن مان هڪ فرض مخلوق تي هي آهي ته خدا کي تمام گهڻو ياد ڪن ۽ ان جو ذڪر ڪن ۽ خدا جو ذڪر ڪرڻ مان مراد سبحان الله والحمد لله ولا اله الا الله والله اكبر چوڻ ناهي. جيتوڻيڪ اهي شيون به الله جو ذڪر آهن پر خدا جو حقيقي ذڪر ۽ ياد حلال ۽ حرام سان سامهون ٿيڻ وقت، خدا کي ياد ڪرڻ آهي جيڪڏهن خدا جي اطاعت ۽ فرمانبرداري هجي ته ان کي انجام ڏئي ۽ جيڪڏهن خدا جي نافرماني هجي ته ان کي انجام نه ڏئي. (1)

اعراض (منهن موڙڻ):

اعراض منهن موڙڻ ۽ ڪنهن شي کي ڇڏي ڏيڻ جي معنى ۾ آهي. (2)

خدا جي ذڪر کان اعراض ۽ منهن موڙڻ جي معنى هي آهي ته انسان رب پاڪ کي وساري ڇڏي ۽ انسان جي دل خدا جي ياد کان منهن موڙي ڇڏي. جيئن انسان ڪڏهن پنهنجي عمل ۾ ذڪر جي مصداقن کان جهڙوڪ نماز يا قرآن جي تلاوت وغيره کان پاڻ کي روڪي ٿو اهي ذڪر کان منهن موڙڻ جا ظاهري ۽ پڌرا نمونا آهن. ۽ ڪڏهن وري انسان ظاهري طور تي نمازي آهي پر ان جي نماز ۽ عبادت، خدا جي ياد ۽ روحاني حضور کان خالي هوندي آهي اهڙا ماڻهو انهن منجهان آهن جيڪي خدا جي ياد کان منهن موڙين ٿا ۽ خدا جي ياد کان منهن موڙڻ جي ڪري ڪجھ مشڪلن ۾ گرفتار ٿي وڃن ٿا.

(مَعِيشَةً ضَنڪًا) مان ڇا مراد آهي؟

انسان جي روزانو جي مادي ۽ دنياوي زندگي ۽ اهڙي ريت انسان جي مادي ۽ دنياوي فائدن ۽ نفعن کي ”معيشت“ چئبو آهي. (3)

”ضَنكًا“ سختي ۽ مصيبت جي معنى ۾ آهي. (4)

ڪهڙي طرح خدا جي ياد کان اعراض ۽ منهن موڙڻ، زندگي جي سختيءَ جو سبب ٿئي ٿو؟

هتي مختلف نظريا آهن.

هن سوال جي جواب ۾ قرآن جي مفسرن ڪجھ نظريا پيش ڪيا آهن انهن مان علامه طباطبائي فرمائي ٿو:

جيڪڏهن خدا فرمايو آهي ته جيڪو به منهنجي ذڪر کان منهن موڙيندو ته ان جي زندگي سخت ٿيندس، اهو ان ڪري آهي جو جيڪو خدا کي وساري ڇڏي ۽ خدا سان پنهنجي رابطي کي ڪٽي ڇڏي ان جي لاء دنيا کان علاوه ڪابه شي ناهي رهندي جو ان سان لئهُ لڳائي ۽ ان کي ئي پنهنجو مطلوب ۽ مقصد قرار ڏئي، نتيجي ۾ پنهنجي سمورين ڪوششن کي ان مادي دنيا ۾ ئي محدود ڪري مادي زندگي جي اصلاح ڪرڻ ۾لڳي ويندو آهي ۽ هر روز ۽ ڏينهون ڏينهن ان کي وڌائڻ ۽ ان جي مزي ماڻڻ ۾ لڳو رهندو آهي جنهن جي ڪري اها معيشيت هن کي آرام ناهي بخشيندي توڙي گهٽ هجي يا وڌيڪ، ان ڪري جو جيڪو ڪجھ حاصل ڪيو اٿس ان تي قناعت ناهي ڪندو ۽ ان تي راضي نه ٿيندو آهي ۽ هميشه دنيا جي مال ۽ متاع جي وڌائڻ ۾ اکيون هونديون اٿس ۽ اهو ان جو حرص ۽ لالچ کٽڻ وارا نه هوندا آهي. تنهن ڪري اهڙو ماڻهوسدائين فقيري ۽ سختي ۾ زندگي گھاريندو آهي ۽ سدائين ان جي دل ان شئ کي چاهيندي آهي جيڪا هن وٽ ناهي هوندي. اهڙو انسان حاسدن جي شر کان ۽ دشمنن جي دوکي کان پريشان رهي ٿو ۽ هميشه پوريون نه ٿيندڙ اميدن جي فراق ۽ وڇوڙي ۾ زندگي گذاريندو آهي. پر جيڪڏهن هو پالڻهار جو مقام سڃاڻي ها، ان جي ياد ۾ هجي ها ۽ کيس نه وساري ها ۽ اهو يقين ۽ ڀروسو ڪري ها ته پنهنجي پروردگار وٽ کيس اهڙي زندگي ۽ حياتي نصيب ٿيندي جنهن کي موت ناهي اچڻو ۽ اهڙي بادشاهي ملندس جنهن کي زوال نه ايندو ۽ اهڙي عزت جو مالڪ آهي جنهن سان ذلت ۽ خواري ناهي هوندي ۽ اهڙي خوشحالي، سرور، بلندي ۽ ڪرامت پلئه پوندس جو ڪو به اوزار ۽ وسيلو هن جي اندازي کي معين نٿو ڪري سگهي، نه وري ڪا به مشڪل هن کي ختم نٿي ڪري سگهي ۽ اهو يقين ڪري ته دنيا مجازي گهر آهي ۽ دنيا جي زندگي آخرت جي مقابلي ۾ مڇر جي پر برابر آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن هو انهن مڙني شين کي ڄاڻي ته هن جي دل خدا جي مقرر ڪيل تقدير تي راضي ٿي ويندي ۽ هن جي معيشيت جيئن به هجي پر هن جي لاء وسيع ۽ ڪشادي ٿي ويندي آهي . پوءِ هو پنهنجي زندگي ۾ سختي جو منهن به ناهي ڏسندو. (5)

ان ئي سلسلي ۾ تفسير نمونه ۾ آهي ته ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو انسان جي لاء زندگي جا سمورا در ۽ رستا بند ٿي ويندا آهن هر ڪوشش ۽ تلاش جي باوجود به هن جا در ۽ رستا بند هوندا آهن ۽ ڪڏهن وري ان جي ابتڙ هوندو آهي جتي به ويندو آهي هن جي لاء رستا کليل هوندا آهن ۽ ڪابه مشڪل ڏسڻ ۾ نه ايندي اٿس ۽ ڪا رڪاوٽ هن لاء ناهي هوندي. ان حالت کي خوشحال زندگي چيو ويندو آهي ۽ پهرين حالت کي سختيءَ واري زندگي ڪوٺبو آهي ۽ قرآني آيتن ۾ ”معيشة ضنکاً“ مان مراد به اها آهي. ڪڏهن زندگي جي سختي جو مطلب اهو ناهي هوندو ته آمدني گهٽ اٿس، بلڪه ٿي سگهي ٿو ته هن جي آمدني تمام گهڻي هجي پر بخل، حرص ۽ لالچ هن جي زندگي ۾ سختي پيدا ڪري ڇڏي. هو ناهي چاهيندو ته گهر جو دروازو کليل هجي ۽ ٻيا ان جي زندگي مان استفادو ۽ فائدوحاصل ڪن. حضرت علي A جي قول مطابق فقيرن وانگر زندگي گذاري ٿو ۽ اميرن ۽ دولتمندن وانگر لوڙي ٿو. سچ پچ ڇو انسان انهن سختين ۾ گرفتار ٿيو وڃي!!! قرآن چوي ٿو: انهن سختين جو اصلي ڪارڻ خدا جي ياد کان اعراض ۽ منهن موڙڻ آهي.

سبب آهي ۽ خدا کي وسارڻ پريشاني ۽ خوف ۽ نگراني جو ڪارڻ آهي. جڏهن انسان پنهنجي ذميوارين کي خدا کي ياد نه ڪرڻ جي ڪري ڀلائي ڇڏي ٿو ته ان وقت شهوتن، حرص ۽ لالچ ۾ غرق ٿي ويندو آهي، معلوم آهي ته ان وقت سختيءَ واري زندگي هن کي نصيب ٿيندي ڇاڪاڻ ته ان وٽ قناعت نه هوندي آهي جيڪا هن جي دل ۽ روح کي مالا مال ڪري ۽ نه وري معنويت ڏانهن متوجھ هوندو آهي جو هن جي روح کي بي نياز ڪري ۽ نه وري اهڙو اخلاق هوندو اٿس جو هن کي شهوتن جي طوفانن کان بچائي سگهي حقيقت ۾ زندگي جي سختي گهڻو ڪري معنوي ۽ روحاني عيب ۽ نقص جي ڪري هوندي آهي ۽ اڳتي جي لاء اطمينان جي نه هجڻ ۽ موجود امڪانات جي تباھ ٿيڻ جي خوف ۽ هن مادي جهان کي حد کان وڌيڪ چاهڻ جي ڪري زندگي سخت ٿي ويندي آهي. پر اهڙو انسان جنهن خدا تي ايمان آندو آهي ۽ خدا جي پاڪ ذات سان لٽئون لڳايو اٿس ۽ ان تي ئي ڀروسو ڪيو اٿس انهن سڀني پريشانين ۽ سختين کان امن ۽ پناھ ۾ هوندو آهي.(6)

آيت الله مطهريؒ ذڪر ٿيل سوال جو هن ريت جواب ڏين ٿا ته: انسان هر شئ کي حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي انسان جڏهن ڪنهن شئ جي ڳولها ۾ وڃي ٿو ۽ جڏهن هن کي اها شئ ملي وڃي ٿي ته هن جو شوق ۽ ذوق ختم ٿي وڃي ٿو بلڪه حالت بيزاري واري اٿس ۽ ان شئ کان دل ٽٽي پوندي اٿس ڇا اها شيءَ ان ڳالهه تي دليل ناهي ته جنهن شئ کي انسان دل جي گهراين سان چاهي پيو اها هيءَ شيءِ ناهي؟ ( خيال پيو ڪري ته هيءَ اها آهي پر حقيقت ۾ ڪا ٻي شئ آهي) ٻين لفظن ۾، انسان مطلق ڪمال (جنهن ڪمال ۾ ڪو عيب ۽ کوٽ نه هجي) کي ٿو چاهي ۽ انسان پنهنجي ڪمال جي پٺيان آهي اهو به محدود ڪمال نه، انسان ان محدود ڪمال کان جنهن ۾ نقص ۽ عيب ۽ اڻ هون هجي بيزار هوندو آهي.

هڪ عورت جي پٺيان لڳي ٿو خيال ڪري ٿو ته مطلوب ۽ هن جي حقيقي گم ٿيل شئ اها آهي جڏهن ان تائين پهچي ٿو هن کي پنهنجي چاهت کان گهٽ محسوس ڪري ٿو وري ڪنهن ٻي شئ جي پٺيان وڃي ٿو ڇو جو پهريان کان ئي هن جي چاهت ڪامل هئي ان شيء جي بنسبت جنهن جي هو پٺيان هو، جيڪڏهن انسان پنهنجي مطلق ڪمال تائين (يعني جيڪو هن جي فطرت ۾ رکيو ويو آهي) پهچي ته اتي هن کي آرام ۽ سڪون ملندو آهي ۽ نفرت ۽ بيزاري به ناهي ڪندو ۽ ان ۾ ڪا تبديلي به ناهي چاهيندو.

قرآن چوي ٿو: الَّذِينَ آمَنُواْ وَتَطْمَئِنُّ قُلُوبُهُم بِذِكْرِ اللّهِ أَلاَ بِذِكْرِ اللّهِ تَطْمَئِنُّ الْقُلُوبُ. (سورت رعد. آيت28.)

اهي جن ايمان آندو آهي ۽ جن جون دليون خدا جي ذڪر سان سڪون ۽ آرام ٿيون پائن. آگاهه رهو ته فقط خدا جي ذڪر سان دلين کي آرام ۽ سڪون ملي ٿو.

(هن آيت ۾ لفظ ”اله“ قيد آهي ۽ ”بذڪر الله“ نحوي اصطلاح ۾ جار ۽ مجروور آهي ۽ پنهنجي متعلق کان پهريان ذڪر ٿيو آهي اهو انحصار ۽ حصر جو فائدو ڏئي ٿو) يعني فقط دلين کي خدا جي ياد سان ئي آرام ۽ سڪون ملي ٿو.

مَنْ أَعْرَضَ عَن ذِكْرِي فَإِنَّ لَهُ مَعِيشَةً ضَنكًا جيڪو اسان جي ياد کان منهن موڙي ٿو ان جي معيشيت ۽ زندگي سخت ٿي ويندي . ان جي باوجود جو خدا کي ياد نه ڪرڻ جو اهو مطلب نه آهي ته انسان وٽ مادي زندگي جا وسيلا نه هجن بلڪه انسان روحي ۽ اندروني حساب سان سختيءَ ۾ اچي ويندو آهي. ڇو جو ان انسان وٺ اهڙي شئ هوندي آهي جيڪا هن جو حقيقي مطلوب نه هوندي آهي. انسان هر اميد کي حاصل ڪرڻ کان پوء ٻي اميد جي قيد ۾ ڦاٿل هوندو آهي هڪ سرزمين تي پهچڻ کان پوءِ وري ٻي سرزمين جي چڪر ۾ هوندو آهي انسان غلط رستي جو انتخاب ڪندو آهي هڪ سرزمين کان ٻي سرزمين تائين پهچي پنهنجي پاڻ کي ڀرڻ چاهي ٿو. اها طاقت جيڪا هن کي اميد ڏياري اهڙي حقيقت تائين پڄائي ٿي جنهن حقيقت ۾ ڪا به محدوديت، نقص ۽ عيب نه هوندو آهي ۽ جيڪو ڪمال مطلق آهي.(7)

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي