اڱارو, 19 نومبر 2019 - Tue 11 19 2019

منو

خوشحال زندگي ۽خدا جوذڪر (2)

جن مفهومن ۽ معنائن جي وضاحت ڪئي وئي ۽ جن نڪتن کي بيان ڪيو ويو انهن کي مد نظر رکندي هاڻ ذڪر ٿيل غلط فهمي جو جواب ڏيڻ طرف اچون ٿا.
ظاهري ڏيک ڏيندڙ اهل ذڪر

اهي نڪتا جيڪي ذڪر خدا جي سلسلي ۾ بيان ڪيا ويا انهن کي مد نظر رکندي عرض ڪريون ٿا ته ڪجھ ماڻهو ظاهري لحاظ کان اهل ذڪر هوندا آهن پر انهن جي دلين  ۽ سندن رفتار ۾ خدا جي ياد ۽ ذڪر جو ڪوبه اثر ناهي هوندو، ڪجھ وقت لاءِ ظاهري طور نماز پڙهن ٿا پر هنن جي دلين ۾ خدا جي ياد ناهي هوندي. حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو ڪنهن حد تائين خدا کي ڀلائڻ واري بيماري ۾ گرفتار هوندا آهن ان جي ڪري انهن جون زندگيون پڻ سختيءَ ۾ هونديون آهن اها شئ جيڪا اسان آيت مبارڪ ۾ پڙهي رهيا آهيون اها انهن جي لاء آهي جيڪي حقيقت ۾ پنهنجي دلين ۾ خدا کي ياد ڪندا آهن ائين نه جو ظاهر ۾ عبادت وارا عمل انجام ڏين  پر عبادت جي حقيقت جيڪا خدا جي ياد ۽ ان جي آڏو خضوع ۽ عاجزي سان حاضر ٿيڻ آهي، ان کي پنهنجي دلين ۾ نٿا رکن . ان ڪري انهن جي زندگي سختيءَ سان گذرندي  آهي ۽ ٻئي طرف کان ڪجھ ماڻهو ظاهر ۾ اهل ذڪر نه هوندا آهن پر دلين ۾ ۽ عملي طور تي خدا کي ياد ڪن ٿا ان جي ڪري هو خوشحال ۽ آسان زندگي رکندا آهن. اسان جي وڏي مشڪل هيءَ آهي جو اسان ماڻهن جو ظاهر ڏسي فيصلوڪندا آهيون.
خدا جي ياد  تقوا ۽ دليري جو
هر ثروتمند ۽ پيسي وارو خوشبخت ناهي هوندو
ڇا جيڪو مال ۽ ملڪيت وارو آهي ان جي زندگي سختي سان ناهي گذرندي ۽ اهو آسان ۽ خوشحال زندگي گھاريندو آهي؟
جيڪا سختي آيت مبارڪه ۾ بيان ٿيل آهي فقط مادي سختي ناهي  بلڪه هر قسم جي سختي آهي سختي جي ٻنهي قسمن مادي ۽ معنوي کي شامل آهي بلڪه چئي سگهي ٿو ته معنوي سختي هڪ روحاني ۽ نفسياتي مسئلو آهي جنهن جو سئو فيصد رابطو  جسماني سختي ۽ آساني سان  نه آهي بلڪه انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي جيڪي مادي ۽ جسماني لحاظ سان سک ۽ آساني ۾ آهن پر روحاني سختين ۽ ڏکن جي ڪري تمام گهڻي سختيءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن مثال طور اهو انسان جيڪو لالچ ۽ حرص جو شڪار ٿي ويو هجي.
بس اسان وٽ ٻن قسمن جا سُکَ آهن هڪ جو نالو (آرام) آهي ۽ ٻئي جو نالو (سهولت) آهي ممڪن آهي امير ماڻهو سهولت ۽ سک ۾ هجن پر جيڪڏهن خدا جي ياد کان غافل هوندا ته آرام ۽ سڪون کان محروم هوندا آهن ۽ سک جي مقابلي ۾ آرام جي اهميت سڀني کي معلوم آهي. (سک هجي پر آرام نه هجي ته اهو سک ڪهڙي ڪم جو؟) ها اهو امير ۽ دنيادار ماڻهو جيڪو حرص ۽ لالچ جو شڪار آهي ان جو مثال هڪ اهڙي ماڻهو وانگر آهي جنهن جي سامهون هڪ لوڻياٺو سمنڊ هجي جيترو به ان مان پاڻي پيئندو ان جي پياس وڌندي رهندي ۽ هميشه اهڙي پاڻي جي اميد ۾ هوندو آهي جيڪو هن جي اڃ کي ختم ڪري سگهي . ها اهو امير ۽ دنيادار ماڻهو جنهن خدا کان منهن موڙي ڇڏيو آهي.
ظاهري طور ان وٽ پاڻي آهي پر حقيقت ۾ هڪ پياس ۽ عذاب ۽ سدائين پريشاني ۾ هوندو آهي، پاڻ کان وڌيڪ دولت واري کي ڏسي هميشه غربت جو احساس ڪندو آهي ۽ سدائين پاڻ کي ان جي مقابلي ۾ هارايل سمجهندو آهي ۽ وڌيڪ ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان اڃ ۽ پياس ۾ پنهنجا رات ۽ ڏينهن گذاريندو آهي جهڙي طرح قرآن ڪريم ۾ پڙهون ٿا: فَلاَ تُعْجِبْكَ أَمْوَالُهُمْ وَلاَ أَوْلاَدُهُمْ إِنَّمَا يُرِيدُ اللّهُ لِيُعَذِّبَهُم بِهَا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا وَتَزْهَقَ أَنفُسُهُمْ وَهُمْ كَافِرُونَ (سورت توبه/ آيت55.)
هنن جي مال ۽ اولاد جي گهڻائي توکي تعجب ۾ نه وجهي خدا اهوئي ارادو ڪيو آهي ته مال ۽ اولاد جي ذريعي دنياوي زندگي ۾ هنن تي عذاب ڪري ۽ هو ڪفر جي حالت ۾ مري وڃن.
سڀ فقير به پڻ سختي ۾ ناهن ڪجھ اهڙا ماڻهو آهن جن سان خدا ايمان ۽ عبادت جي ڪري محبت رکي ٿو ۽ محبت جي ڪري هنن جي گھرج مطابق هنن کي روزي ۽ رزق عطا ڪري ٿو. جهڙي طرح روايتن ۾ رسول پاڪ کان نقل ٿيو آهي ته بهترين روزي اها آهي جيڪا انسان جي نياز ۽ گھرج  مطابق هجي. (8)
پر ان سان گڏوگڏ قناعت واري حالت جيڪا حرص ۽ لالچ جو مخالف پاسو آهي خدا هنن کي عنايت ڪندو آهي ان ئي ٿوري مال مان اهڙي لذت وٺندا آهن جو ايمان کان خالي امير ماڻهو گهڻي مال مان به اهڙي لذت ۽ مزو ناهن وٺندا. ان ڪري جو انهن جو مال هڪ بهترين مٺي پاڻي وانگر هوندو آهي جو اهڙي پاڻي جو هڪ ڍڪ به اڃ کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
تنهنڪري جيڪڏهن ان جي ڪنهن امير ۽ مالدار سان ڀيٽ ڪجي ته هو امير کان وڌيڪ سڪون ۾ هوندو آهي ۽ امير کان گهٽ پريشان هوندو آهي ۽ ان ٿوري مال مان تمام گهڻي لذت ۽ مزو ماڻيندو آهي.
 ڪڏهن سختيون خدا جي طرف کان خاص علاج جي صورت ۾ هونديون آهن. ڪڏهن اهل ايمان وارن جون سختيون انهن جي لاءِ امتحان، تربيت، مصلحت ۽ ترقي خاطر هونديون آهن هن جو مثال هڪ سون جي پٿر جيان آهي پٿر جي خالص ٿيڻ ۽ وڌيڪ قيمتي بڻجڻ لاء ضروري هوندو آهي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ باھ جي تپش ۾ تپندو رهي ته جيئن خالص، قيمتي ۽ ناياب موتي ٿي سگهي. پر غافل ماڻهو ڇو جو خدا جي خاص تربيت تحت ناهن اهڙن مرحلن کي طي ناهن ڪندا ۽ ڪجھ وقت لاء ظاهري سکن ۾ هوندا آهن انهن جو مثال هڪ لوڻ جي پٿر وانگر آهي جيڪو ڪا به قيمت نٿو رکي ڪو به هن کي نٿو چاهي ان ڪري باھ جي تپش به ناهي ڏسندو ۽ سدائين درمياني موسم ۾ هوندو آهي. جهڙي طرح سان ڪيترين ئي روايتن ۾ نقل ٿيو آهي ته جيترو انسان جو ايمان وڌنڌو،  الله ان جي تربيت لاء ان جي سختين ۽ مصيبتن کي وڌائيندو آهي جن جا مثال ۽ نمونا تمام گهڻا ملن ٿا. يا اهي سختيون ۽ مصيبتون درجي ۽ مقام کي وڌائڻ لاء اينديون آهن جيئن الله جا ولي ۽ نبي سڳورا مصيبتن ۽ سختين ۾ هوندا آهن.(9)
ڪيتريون ئي ثروتون عذاب جو ڪارڻ هونديون آهن .
ڪڏهن غافل ماڻهن کي جيڪي نعمتون ملنديون آهن اهي ان لاء هونديون آهن ته جيئن هنن کان بيداري ۽ توبھ جي توفيق کي کسيو وڃي جيئن قرآن مجيد ۾ آيو آهي. فَلَمَّا نَسُواْ مَا ذُكِّرُواْ بِهِ فَتَحْنَا عَلَيْهِمْ أَبْوَابَ كُلِّ شَيْءٍ حَتَّى إِذَا فَرِحُواْ بِمَا أُوتُواْ أَخَذْنَاهُم بَغْتَةً فَإِذَا هُم مُّبْلِسُونَ (سورت انعام/ آيت 44)
پوءِ جيڪا نصيحت ڏني وين سا جنھن مھل وساريائون (تنھن مھل) مٿن ھر شيء جا دروازا کولياسون، ايتري قدر جو جيڪي ڏنو وين تنھن سان جڏھن (چڱي طرح) خوش ٿيا (ته) کين اوچتو پڪڙيوسون پوءِ اُھي اُنھيءَ مھل نا اُميد ٿيا..
هڪ اهم نڪتو: ڪيترائي حادثا جن لاءِ اسان جي سوچ اها آهي ته اهي شر ۽ برا آهن ديني حوالي سان اهي خير ۽ نعمتون هوندا آهن اهڙي طريقي سان ان جي ابتڙ به آهي قرآن ڪريم فرمائي ٿو : خدا جي راھ ۾ جهاد اوهان لاء مقرر ڪيو ويو پر اوهان جهاد کي سٺو نٿا سمجهو ڪڏهن توهان هڪ شئ  کان بيزار هوندا آهيو پر ان ۾ ئي اوهان لاء خير ۽ برڪت هوندي آهي ۽ ڪڏهن وري هڪ شئ کي دوست رکندا آهيو پر ان ۾ اوهان لاء شر ۽ برائي هوندي آهي ۽ خدا کي ان شئ جي خبر آهي پر اوهان نٿا ڄاڻيو.
(سورت بقره/ آيت216.)
آزاريندڙ سوال
اهل ذڪر  ماڻهو جيڪي سدائين خدا جو ذڪر ڪندا رهن ٿا_ چاهي فقير هجن يا امير_ ڇو جو زندگي جي معنى ۽ حقيقت کي ڄاڻن ٿا ۽ انهن ديني تعليمات ذريعي زندگي جي اصل مقصد کي سمجهيو آهي. ان ڪري زندگئ مان مزو ماڻيندا آهن ۽ ان کي بيڪار ناهن سمجهندا هو سمجهندا آهن ته ڇا جي لاء پيدا ٿيا آهن ۽ کين ڪيڏانهن وڃڻو آهي  ان جي ڪري زندگي جي سختين کي آساني سان برداشت ڪندا آهن ايتري قدر جو ان سختين ڀري زندگي مان لذت ۽ مزو پڻ وٺندا آهن جهڙي طرح قرآن مجيد ۾ پڙهون ٿا ته جڏهن به هنن تي سختي ۽ مشڪل ايندي آهي عارفاڻي آواز ۾ _ انا للّه و انا اليه راجعون_ (سورت بقره/ 156.) چوندا آهن. يعني بيشڪ اسان خدا جي طرف کان آهيون ۽ بيشڪ سان فقط ان ئي ڏانهن موٽنداسون.
۽ جيڪي سختيون خدا طرفان اينديون آهن انهن کي جان ۽ دل سان قبوليندا ۽ ان مان لذت پرائيندا آهن. پر خدا کان غافل ماڻهو پنهنجي زندگي جي فلسفي جي باري سدائين آزاريندڙ سوالن جي سامهون هوندا آهن ۽ اڪيلائي ۾ اهڙن سوالن جي ڪري سختي ۽ عذاب ۾ هوندا آهن جن جو ڪو جواب ئي ناهي هوندو. خاص طور تي جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو آهي تيئن پاڻ کي موت جي سختين آڏو ڏسندا آهن. مال ۽ دولت رکن ٿا پر اها سوچ ته هو ڪجھ ڏينهن کان پوء هر شئ کي پنهنجي هٿن مان وڃائي ويهندا ۽ موت جي حوالي ٿي ويندا ۽ اها سوچ هڪ مرض بڻجي هنن جي روح ۾ ايندي آهي ۽ زندگي جي لذت ۽ مزي کي هنن کان ختم ڪري ڇڏيندي آهي توڙي جو معاشري ۾ پاڻ کي خوشبخت ۽ خوشحال ظاهر ڪندا آهن.
آرام ۽ سڪون لاءِ صرف مال ۽ دولت شرط نه آهي
آرام، سڪون، خوشحالي ۽ خوشبختي جي لاء تمام گهڻا شرط آهن انهن مان هڪ شرط مال ۽ دولت جو هجڻ آهي پر هر آرام دولت ۾ نه آهي جهڙي طرح امام صادق  فرمايو: خمس لم تكن فيه لم يتهن بالعيش، الصحة والامن والغني والقناعة والانيس الموافق.(10)
پنج شيون اهڙيون آهن جيڪڏهن ڪنهن ۾ نه هجن ته هو پنهنجي زندگي ۾ خوشبختي جو احساس ناهي ڪندو. سلامتي، امنيت، بي نيازي، قناعت، ۽ همفڪر دوست.
ٿي سگهي ته ڪجھ ماڻهو مالدار هجن پر ڪنهن موذي بيماري ۾ جڪڙيل هجن يا وٽن اهڙي گھرواري يا اولاد هجين جيڪي کين تڪليف ڏيندا هجن يا زندگي ۾ قناعت نه ڪندا هجن يا خدا تي توڪل ڪندي امنيت جو احساس نٿا ڪن ۽ سدائين پنهنجي ملڪيت جي هٿن مان  وڃڻ جو ڊڄ ۽ خوف هوندو اٿن ۽ پنهنجي زندگي کان راضي ۽ خوشبختي جو احساس نه ڪندا آهن توڙي جو اسان هنن جي ظاهري حالات کي ڏسندي کين خوشبخت ۽ خوشحال زندگي گذارڻ وارا سمجھندا آهيون.
جيڪڏهن مٿي ڪيل بحث تان هٿ کڻون ۽ اهو فرض ڪيون ته سڀ جا سڀ مالدار ماڻهو خوشبخت ۽ خوشحال آهن پوء به هيٺ ڏنل جوابن ۾ عرض ڪنداسون ته انسان جي زندگي ۾ مختلف قانون ۽ طور طريقا  آهن مثال طور جيڪو به خدا جي ياد کان غافل رهندو زندگي سختي سان گذاريندو اهو حق خدائي قانون ۽ سنت آهي پر هي اڪيلو هڪ قانون ۽ سنت نه آهي بلڪه انسان جي زندگي ۾ ٻيا ڪيترائي قانون ۽ طور طريقا حاڪم آهن مثال طور انسان لاء ڪوشش کانسواء ڪجھ به ناهي
وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَى.. (سورت نجم/ آيت39)
ان ڪري مثال طور هڪ سنت مطابق جيڪڏهن هن خدا کي وساري ڇڏيو آهي ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪري هو فقير ۽ محتاج ٿي وڃي.  پر ٻئي و ان مٿان  قانون جي ڪري جيڪا حاڪم آهي. مثال طور سهڻي اخلاق جو هجڻ روايتن ۾ آهي ته سهڻو اخلاق انسان جي رزق ۽ روزي کي وڌائيندو آهي.(11) ممڪن آهي ان قانون مطابق هو مالدار هجي.(12) پر اسان سڀني خدائي سنتن ڏانهن توجھ نٿا ڏيون ۽ خدا جي ٻانهن جي ڪردار ۽ عملن ۽ مختلف حالتن کان بي خبر آهيون، ان ڪري ماڻهن جي باري ۾ قضاوت ڪرڻ ۾ اشتباه ۽ غلطي جو شڪار ٿيون ٿا.
ڇاڪاڻ ته خدا عادل آهي ۽ عدالت جو مطلب هيءُ آهي ته بي ايمانن جي سٺن ڪمن تي جزا ڏني وڃي. ڪجھ مقامن تي خدا ڪافرن کي نعمتن سان نوازيندو آهي. اهو ان جي ڪري آهي ته هنن جيڪي نيڪ عمل ڪيا آهن ان جو پورائو ٿي وڃي ان جي مقابلي ۾ ڪڏهن مومن به سختين جو شڪار ٿيندو آهي. اهو مومن جي گناهن جو ڪفارو ٿيندو آهي ته جيئن جڏهن هن دنيا تان وڃي ته نه ڪافر خدا کان ڪنهن شئ جو مطالبو ڪري سگهي ۽ نه وري مومن جي لاء گناهن جي ڪري ڪا مشڪل ۽ رڪاوٽ پيش اچي، ان ڪري روايتن ۾آهي ته جڏهن موت جي باري ۾امام صادق  کان سوال ڪيو ويو ڇا جي ڪري ڪنهن مومنن جو سختي سان روح نڪري ٿو پر ڪجھ بي ايمان ماڻهو آساني سان مري وڃن ٿا؟ امام عليه السلام فرمايو: مومن جو روح سختي سان ڪڍيو ويندو آهي ته جيئن هو گناھ کان پاڪ ٿي وڃي ۽ اهڙي حالت ۾ قيامت جي ڏينهن الله سائين جي آڏو حاضر ٿئي جو ان لاء ڪابه مشڪل  نه هجي ايمان نه رکڻ وارا ڪافر ماڻهو آساني سان جان ڏيندا آهن هنن جو موت آسان ٿيندو آهي ته جيئن اهي نيڪ ڪم جيڪي هنن هن دنيا ۾ انجام ڏيندا آهن هن ئي دنيا ۾ ان جو اجر ڏسي وٺن ۽ قيامت ۾ اهڙي حالت ۾ اچن جو خدا کان ڪنهن شئ جو مطالبو نه ڪري سگهن آخرڪار هميشه لاءِ جهنم ۾ داخل ڪيا ويندا.(13)
گهڻا ماڻهو ظاهري طور اهل ذڪر ۽ خدا کي ياد ڪرڻ وارا هوندا آهن پر حقيقت ۾ اهل ذڪر ناهن ۽ هر پيسي وارو خوش نصيب نه آهي اهڙيءَ ريت هر فقير پڻ سختي ۾ نه آهي.
ڪڏهن سختيون خدا طرفان خاص علاج جي حيثيت رکنديون آهن. اڪثر ثروتون باعث عذاب هونديون آهن.
اڪثر مالدار ماڻهو آزار ۽ تڪليف ڏيندڙ سوالن ۾ گرفتار آهن.صرف دولت ۽ مال آرام جو سبب نه آهي.
انسان جي زندگي تي مختلف ڪو هڪ قانون ۽ طور طريقو نه پر ڪيترائي قانون ۽ طور ۽ طريقا حاڪم آهن، ڇو ته خدا عادل آهي ۽ عدالت جو مطلب هيءُ آهي ته ايمان نه آڻڻ وارن جا نيڪ ڪم به بغير اجر جي نه هجن.
اسان فقير ۽ امير جي ظاهري حال کي نه ڏسون بلڪه ڪير خوش قسمتي سان، آسان ۽ خوشحال زندگي رکي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته جسماني ۽ روحاني سڀني شرطن کي ڏسون. ۽ خوش نصيبيءَ کي محسوس ڪرڻ لاء مڙني شرطن کي  نظر ۾ رکيو وڃي ته جيئن آيت مبارڪ جي مفهوم ۽ معني جي سمجھ ۾ اسان کي ڪا مشڪل پيش نه اچي. ۽ ٻئي طرف کان خدا جي سڀني نشانين ۽ قانونن ۽ سنتن کي هڪ ٻئي سان گڏائي هڪ مجموعي ۽ ڪلي عنوان ڏئي ملاحظو ڪريون ته جيئن ڪنهن ڀل ۾ مبتلا نه ٿي وڃون جيڪڏهن ائين نه ڪنداسون ته قرآن شريف جون جدا جدا ۽ مختلف آيتن ۾ هميشه اهو خطرو آهي ته تناقض (ٽڪراءُ)، اشتباه ۽ غلط فهميءَ جو شڪار ٿي وڃون.
حوالا
1) ڪافي. ج 2. ص80.
2) لسان العرب. ج 6.ص 190.
3) المفردات في غريب القرآن. ص 596.
4) التبيان في تفسير القرآن. ج 7.ص 219.
5) ترجمو الميزان، ج 14.ص 316.
6)  تفسير نمونه. ج 13.ص 328.
7) مجموعه آثار شهيد مطهري ، ج 4.ص 653.
8) بحار الانوار، ج.77 ص 168.
9) بحار الانوار. ج 64.ص 196. باب 12.
10) امالي ، صدوق ، ص291 ؛ المحاسن، ج1، ص9
11) قال ابو عبد الله: حسن الخلق يزيد في الرزق. بحار.ج 68.ص 396. باب 92. حسن خلق.
12) روايات ۾ مختلف عوامل کي ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي انسان جي رزق کي وڌائيندا آهن. مثلا ٻين کي طعام کارائڻ . وضو سان رهڻ. صدقو ڏيڻ. زڪات ڏيڻ. و.... .. وڌيڪ تفصيل لاء مرجعو ڪيو وڃي. ميزان الحڪمه. ج 2. ص 442.
13) بحار الانوار.ج 6. ص 153. باب 6. حديث 6.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي