اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

انساني اهنج ،ايذاءُ ۽ قرآن(1)

انساني زندگي ڏکن ۽ سکن جو مجموعو آهي، هي دنيا لاهين ۽ چاڙهين جي دنيا آهي، هتي ڏکن ۽ مشڪلاتن کان سواءِ زندگي جو ڪو تصور نه آهي. مصيبتون ۽ مشڪلاتون ئي اهي لاها چاڙها آهن جيڪي زندگي کي هڪ خاص معنى ڏين ٿا. پر ڪيترائي ماڻهو ڇو جو مصيبتن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ذميواري کي نٿا ڄاڻن،

مصيبتن جي اچڻ ۾ پنهنجي ڪم ڪارن، ڪردار وغيره جي ڪارائتي هجڻ کان نا واقف آهن تنهنڪري مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو اصلي ڪارڻ خدا کي سمجهن ٿا تنهن ڪري رب پاڪ جي عدالت تي اعتراض ڪندي ان ۾ شڪ ۽ شبهو پيدا ڪن ٿا. وري ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالھ اتي وڃي پهچي ٿي جو معاشري جي طبقاتي نظام يا فطري آفتن ۽ بلائن کي ڏسي اصل الله جي وجود جا انڪاري بڻجي ويهي رهن ٿا، سندن دليل اهو هوندو آهي ته جيڪڏهن ڪو پالڻهار هجي ها ته ائين نه هجي ها جو ڪنهن وٽ ايترو هجي جو ان کي ڳڻڻ جي به ڪا فرصت نه هجي ۽ ڪو ويچارو وري داڻي داڻي لاءِ سڪندو رهي! ڀلا اهي زلزلا، طوفان ٻوڏ اچن ئي ڇو ٿا جو ملڪن جا ملڪ يا شهرن جا شهر تباھ ۽ برباد ٿيو وڃن ۽ زندگي پنهنجي خوبصورتي هٿان وڃايو ويهي.
اسان پنهنجي هن لکت ۾ قرآن جي نظر ۾ مصيبتن جي حڪمت ۽ فلسفي کي وائکي ڪرڻ کان علاوه اهو به ذڪر ڪنداسين ته انهن مصيبتن جي وجود جي اچڻ ۾ الله سائين سان گڏ انساني ارادي جو به عمل دخل آهي. اميد ته مصيبتن ۽ مشڪلاتن بابت صحيح ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪرڻ سان دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. پر سڀني کان اڳ ڪجھ ڳالهين تي ڌيان ڌرڻ ۽ انهن کي سمجهڻ  سان بحث کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي تنهنڪري اسان پهريان انهن کي بيان ڪندا هلون:
1.    ٿوري علم ۽ گهٽ ڄاڻ ڪري صحيح فيصلو نه ڪري سگهڻ
جيڪڏهن دنيا جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن بابت فيصلو ڪرڻو آهي ته سڀني کان اڳ اسان کي اهو اقرار ڪرڻو پوندو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان جو ڪنهن شي کي مصيبت، آفت يا بلا سمجهڻ جو ڪارڻ اسان جو گهٽ علم ۽ تنگ نظري هوندي آهي
آيت الله مڪارم شيرازي لکن ٿا: عام طور تي اسان ڪنهن به شيءِ بابت فيصلي ڪرڻ يا ڪنهن نموني کي پرکڻ لاءِ پنهنجي معلومات کي ئي ڪافي سمجهندا آهيون. چڱائي مدائي، فائديمند هجڻ يا نقصان ڪار هجڻ لاءِ به اسان ائين ئي ڪندا آهيون؛ مثال طور تي جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ مينهن وسي ته اسان اهو ناهيون ڏسندا ته علائقي وارن جو ڪهڙو فائدو آهي، مجموعي طور تي ان مينهن جا پوري علائقي ۾ ڪهڙا اثر مرتب ٿيندا، پر اسان ته صرف اهو ڏسندا آهيون ته اسان جي گهر ۽ منهنجي ذات کي ڪهڙو فائدو يا نقصان پهچي ٿو، انهيءَ بنياد تي فيصلو ڪري ان کي چڱو يا برو چوندا آهيون. جنهن جي نتيجي ۾ اسان ان کي نعمت يا مصيبت ۽ بلا سمجهندا آهيون.
 اڳتي لکن ٿا: علمي ترقي جي ڪري ڪيتريون ئي شيون جن کي اسان اڳي مصيبت يا بلا سمجهندا هئاسين هاڻ انهن جي فائدي کي سمجهڻ جي ڪري کين ڀلو سمجهون ٿا. مثال طو تي اڳي ٻار جي روئڻ کي سندس پنهنجي ۽ ٻين جي لاءِ آزار سمجهندا هئا جڏهن ته اڄڪلھ ثابت ٿي ويو آهي ته ٻار جو روئڻ ان جي لاءِ بهترين ورزش آهي، ۽ جيڪڏهن سندس اهو روڄ راڙو نه هجي ته ان جي پنهنجي تندرستي بحال نه رهندي. اهو روئڻ ئي آهي جيڪو سندس ساھ کڻڻ جي سسٽم ۽ نظام کي بهتر بڻائي ٿو. جنهن سان رت سندس رڳن ۾ سهڻي نموني سان جاري ٿئي ٿو ۽ تمام لڱن کي غذا ۽ کاڌ خوراڪ رسائي ٿو. لڱ زور وٺن ٿا ۽ هڏا مضبوط ٿين ٿا.(1)
ان بنياد تي جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته فيصلي ڪرڻ ۽ حڪم لڳائڻ ۾ ڪا ڀل چڪ نه ڪريون، اسان کي گهرجي ته ان ڪم يا شي جي سڀني رخن ۽ پهلوئن تي نگاھ وجهون ۽ چڱي ريت سوچ ويچار ڪري فيصلو ڪريون. هي اسان جي تنگ ڪجھ نظري ۽ ڪم علمي آهي
جنهن جي ڪري اسان الله جي مخلوق ۽ واقعن بابت صحيح فيصلو نه ٿا ڪري سگهون پوءِ وري انهن کي پنهنجي لاءِ مصيبت يا بلا سمجهي پاڪ پالڻهار جي عدالت يا حڪمت تي اعتراض ڪريون ٿا.
قرآن مجيد ان حقيقت کي هن لفظن ۾ وائکو ڪيو آهي: «و ما اوتيتم من العلم الا قليلا»؛ (سورت اسراء، آيت 85) توهان کي تمام گهٽ علم ڏنو ويو آهي (ان گهٽ علم ۽ ڪم علمي جي بنياد تي تڪڙو فيصلو نه ڪرڻ گهرجي. (2)
ڪجھ ماڻهو انهن واقعن ۽ حادثن بابت چوندا آهن ته نيٺ الله سائين انهن کي پيدا ئي ڇو ڪيو آهي؟ پر ڳالھ اها آهي ته ڌڻي سڳورو حڪيم ذات آهي ۽ حڪيم ڪڏهن به ڪو فضول يا بيڪار ڪم انجام نه ڏيندو آهي. پر سندس هر ڪم ۾ ڪا نه ڪا مصلحت يا راز ضرور هوندو آهي.
2.    شر مطلق جي نسبت الله سائين ڏانهن نٿي ڏئي سگهجي
اهڙين ڳالهين جي نسبت الله سائين ڏانهن ڏيڻ بلڪل به درست نه آهي، مثال طور بيماري جي حقيقت ”تندرستي ۽ سلامتي جو نه هجڻ“ آهي مطلب ته هڪ شيءِ جو نه هجڻ يا آهي جنهن جي ڌڻي تعالى ڏانهن نسبت ڏيڻ درست نه آهي.
هڪ ٻيءَ شي جنهن جي به الله سائين ڏانهن نسبت نٿي ڏئي سگهجي اها ”شر مطلق“ آهي، پاڪ پالڻهار پاڻ کي انهن شين کان وڌيڪ بلند ۽ بزرگ ڄاڻايو آهي. پر جيڪڏهن ڪا شيءِ ڪافي لحاظن کان ڀلي هجي پر ڪنهن هڪ رخ سان ان ۾ نقصان يا خسارو پاتو وڃي ته ان کي شر مطلق نه چئبو؛ ان شي جو مثال هڪ آپريشن وانگر آهي جيڪو تڪليف ته رسائيندو آهي پر ان جا فائدا به تمام گهڻا هوندا آهن.:«أَنَّ اللَّهَ ليسَ بِظَلاَّمٍ لِلْعَبيد»؛ (3) خدا ته ڪڏهن به پنهنجي (بندن) تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.
3.    مصيبتن جا قسم
مصيبتن جا مخلتف قسم جيڪي قرآن مجيد ۾ بيان ٿيا آهن انهن کي ان نموني ترتيب ڏئي سگهجي ٿو.
1.ڪجھ اهڙيون مصيبتون يا بلائون آهن جيڪي انساني فطرت سان ڳنڊيل آهن ۽ انهن ۾ انسان جي ارادي ۽ اختيار جو ڪو عمل دخل نه آهي جيئن موت يا ٻيا فطري حادثا جهڙوڪ ٻوڏ، زلزلا وغيره. قرآن مجيد انهن کي مصيبت جي نالي سان ڪوٺيو آهي: «..أَصابَتْكمْ مُصيبَةُ الْمَوْت (سورت مائده، آيه 106.)
اوهان کي موت جي مصيبت پهچي.
۽ انهن جي حتمي هجڻ بابت ارشاد فرمايو آهي:
أَينَما تَكونُوا يدْرِككمُ الْمَوْتُ وَ لَوْ كنْتُمْ في  بُرُوجٍ مُشَيدَة (سورت نساء، آيه 78.)
اوهين چاهي ڪٿي به هجو موت توهان کي اچي پڪڙيندو جيتوڻيڪ ڪهڙن ئي مضبوط محلن گنبدن ۾ ڇو نه وڃي لڪو.
2.ڪي وري اهڙيون مصيبتون آهن جن ۾ انسان جي ارادي ۽ اختيار جو ڪافي حد تائين عمل دخل آهي جيئن جنگ وغيره مان ٿيڻ وارا نقصان يا ڪنهن ايڪسيڊنٽ وغيره: قرآن شريف اهڙين مصيبتن خاص طور تي جنگ احد بابت فرمايو آهي: أَوَ لَمَّا أَصابَتكمْ مُصيبَةٌ قَدْ أَصَبْتُمْ مِثْلَيها قُلْتُمْ أَنَّى هذا قُلْ هُوَ مِنْ عِنْدِ أَنْفُسِكم (سورت آل عمران، آيه 165.)
مسلمانو! ڇا جڏهن اوهان کي (جنگ احد ۾) اهڙي مصيبت پهتي جنهن کان ٻيڻي (مصيبت بدر ۾ دشمنن کي) پهچائي چڪا آهيو ته اوهان چيو ته هيءَ ڪٿان (آئي) آهي؟ (اي رسول کين) چئو اها ته خود توهان جي طرف کان آهي
جن مصيبتن ۾ انساني ارادي ۽ اختيار جو عمل دخل آهي انهن کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو: ڪي اهڙيون مصيبتون آهن جيڪي شخصي ۽ انفرادي عمل جو نتيجو هونديون آهن؛ جهڙوڪ الله سائين منافقن جي لاءِ ارشاد فرمايو آهي:
«فَكيفَ إِذا أَصابَتْهُمْ مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَتْ أَيديهِمْ ثُمَّ جاؤُك (سورت نساء، آيه62.)
پوءِ جڏهن سندن ڪڌن ڪرتوتن ڪري مٿن ڪا مصيبت پوي ٿي، پوءِ ته ڪيئن نه تو وٽ خدا جا قسم کائيندا اچن ٿا
 ٻيون اهڙيون مصيبتون آهن جيڪي معاشري ۾ ٿيندڙ اجتماعي عملن جو نتيجو هونديون آهن. قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
 «ظَهَرَ الْفِسادُ فِى الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ بِما كسَبَتْ أَيدِي النَّاسِ لِيُذِيقَهُمْ بَعْضَ الَّذِي عَمِلُوا لَعَلَّهُمْ يرْجِعُونَ»، (سورت روم، آيه 41) خود ماڻهن جي ئي هٿن جي ڪمن ڪري خشڪيءَ ۽ تريءَ ۾ فساد ظاهر ٿيو، انهيءَ ڪري ته جيڪي اهي ماڻهو ڪري چڪا تن مان ڪن ڪرتوتن جو خدا کين مزو چکائي ته من اهي ماڻهو (اڃا به) باز اچن
هتي هن مان مراد مصيبتون ۽ مشڪلات آهن جڏهن ته الناس جو لفظ ان جي عام هجڻ کي چٽو ڪري ٿو.
علامه طباطبائي لکن ٿا: هي ۽ هن جهڙيون ٻيون آيتون بيان ڪن ٿيون ته انساني عمل ۽ ڪائنات جي تڪويني نظام ۾ اونهو رابطو آهي. ان ڪري جيڪڏهن انسان تخليق ۽ فطرت جي قانون مطابق زندگي گذاري ته رب پاڪ جي رحمت مٿس نازل ٿيندي رهندي پر جيڪڏهن انهن جي خلاف ورزي ڪري ته سندن زندگي به خراب ٿي ويندي.
«بِمَا کَسَبَت اَیدِی النَّاس...» مان مراد مصيبتون ۽ مشڪلاتون آهن جڏهن ته لفظ «الناس»ان جي عمومي هجڻ کي بيان ڪري ٿو. سورت رعد جي آيت آهي ته:
«اِنَّ اللهَ لايغَيرُ ما بِقَوْمٍ حَتّى  يغَيرُوا ما بِأَنْفُسِهِمْ» (سورت رعد، آيه11)
بيشڪ الله ڪنهن قوم جي حالت نه ٿو بدلائي جيستائين پنهنجو پاڻ نه بدلائين.
ان تقسيم مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪجھ مصيبتون اسان جي پنهنجي انفرادي يا اجتماعي عملن جو نتيجو آهن، ظاهر آهي ته انهن جي نسبت رب پاڪ ڏانهن نٿي ڏئي سگهجي. ان ڪري عقلمند انسان کي الله سائين تي اعتراض ڪرڻ کان اڳ اهو سوچڻ گهرجي ته ان جي مصيبت ۾ ان جو پنهنجو هٿ ته نه آهي، سندس پنهنجي ڪوتاهي ۽ سستي ۽ ناداني جي ڪري ته ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار نه ٿيو آهي. هاڻ جيڪڏهن ان جي پنهنجي ڪوتاهي هجي ته ان جي رب پاڪ ڏانهن نسبت ڏيڻ صحيح نه هوندي تنهن ڪري ان کي گهرجي ته پنهنجي پاڻ کي ملامت ڪري.
آيت الله سبحاني ان حوالي سان لکن ٿا: هيءَ ڪائنات خاص طور تي مادي جهان اسباب ۽ مسببات جي دنيا آهي، تضاد ۽ ٽڪراءُ ان جي فطرت ۾ سمايل آهي، اهڙي دنيا جي اميد رکڻ جنهن ۾ ڪو ڏک، بيماري ۽ موت نه هجي حقيقت ۾ اهڙي شينهن جي اميد رکڻ آهي جنهن ۾ درندگي نه هجي، جنهن جا پنجا نه هجن ۽ جيڪو حملو نه ڪري سگهي. واضح آهي ته جٿي به باھ هوندي ساڙيندي توڙي مسجد يا ڪعبة الله ۾ هجي يا ڪنهن گهر يا دڪان ۾ هجي.(4)

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي