جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

انساني اهنج ،ايذاءُ ۽ قرآن(2)

4 ارادي جو مصيبتن ۾ عمل دخل

هينئر سوال هيءُ آهي ته انسان يا خدا جي ارادي جي انساني زندگي جي مشڪلات ۾ ڪيتو عمل دخل آهي. اسان هي بحث ٻن حصن ۾ پيش ڪنداسين.

الف) الله جي ارادي جو عمل دخل

 

قرآن مجيد ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون آيتون ملن ٿيون جن جو مضمون هيءُ آهي ته ڪا به مصيبت پالڻهار جي اجازت کان سواءِ نه ٿي اچي. هر مصيبت سندس مرضي ۽ راضپي سان ئي ڪنهن کي پهچي ٿي:

هن آيت ۾ سڀني مصيبتن کي پالڻهار جي اجازت سان ڳنڊيو ويو آهي جنهن جو مطلب هي آهي ته مصيبت صرف ۽ صرف الله جي مرضي سان ئي پهچي ٿي، مصيبتن جي رسڻ ۾ رڳو الله جو ارادي ئي بنيادي شي آهي. هاڻ وري اهو سوال اٿندو ته ڇا الله سائين انهن مصيبتن تي راضي آهي؟ ڇا الله سائين مهربان ۽ رحمدل نه آهي؟ ڇا انسانن جو پنهنجي عمل ۽ فعل ۾ ڪو وس نه آهي؟ «ما أَصابَ مِنْ مُصِيبَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ اللّهِ وَ مَنْ يؤْمِنْ بِاللّهِ يَهْدِ قَلْبَهُ وَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْ ءٍ عَلِيمٌ»؛ (سورت تغابن؛ آيت 11)

جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته خدا جي اذن سان ۽ جيڪو شخص خدا تي ايمان آڻي ٿو ته خدا ان جي دل جي هدايت ڪري ٿو ۽ خدا هر شي کان چڱي طرح آگاھ آهي.

هي ڳالھ ائين آهي جيئن چيو ويندو آهي ته پاڪ پالڻهار جي اجازت کان سواءِ ڪو پن به چرپر نٿو ڪري سگهي. شهيد مرتضي مطهري ان جي وضاحت ۾ لکن ٿا: ان ڳالھ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ته الله جو ارادو اسباب ۽ مسببات جي بنياد تي هوندو آهي، الله سائين جي سنت اها ئي آهي.

سلو تڏهن ئي سائو ٿيندو جڏهن ان جو ٻج بنجر زمين ۾ پوکيو وڃي. پر جيڪڏهن ڪو ٻج خشڪ زمين ۾ پوکيو وڃي ته اهو سائو نه ٿيندو. الله سائين جو اهو ئي طريقي ڪار آهي. مطلب ته ڌڻي سڳوري ڪائنات کي هلائڻ جو اهڙو ئي سسٽم بڻايو آهي.(5)

آيت الله مڪارم شيرازي مٿين آيت جي تفسير ۾ لکن ٿا: توحيد افعالي جي بنياد تي هن دنيا جو هر عمل ۽ هر تبديلي الله سائين جي اجازت کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي، هر ڪم يا هر چرپر ان جي راضپي سان ئي ٿي سگهندي آهي. پر جيڪڏهن قرآن مجيد ڪنهن مصيبت کي خاص طور تي تاڪيد ڪندي بيان ڪيو آهي ته ان جو راز هيءُ آهي ته مصيبتن تي ڪافر اعتراض ڪندا هئا ۽ انهن جي ئي بنياد تي پالڻهار جي عدالت جو انڪار ڪندا هئا. يا شايد ان جو سبب هي هجي ته ايمان ۽ نيڪ عمل جي رستي ۾ هميشه مصيبتون ۽ مشڪلاتون هونديون آهن جن جي مقابلي ڪرڻ کان سواءِ مومن ان مقام کي حاصل نٿو ڪري سگهي. (6)

الله سائين جو اهو ارادو سندس علم وانگر عام آهي.جهڙي نموني سندس علم هر شي کي گهيريل آهي، اهڙي نموني قرآن مجيد ۾ سڀني مصيبتن جي نسبت به رب پاڪ ڏانهن ڏني وئي آهي. جيئن ته ارشاد آهي:

«ما أَصابَ مِنْ مُصيبَةٍ فِي الْأَرْضِ وَ لا في  أَنْفُسِكُمْ إِلاَّ في  كتابٍ مِنْ قَبْلِ أَنْ نَبْرَأَها» (سورت حديد، آيت 22.)

جيتريون مصيبتون سموري زمين تي ۽ توهان تي اندر آهن (سي سڀ) اسان جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ئي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهن.

هر شيءِ جي لوح محفوظ ۾ لکيل هجڻ جو مطلب هي آهي ته اها شي الله سائين جي علم ۾ آهي، مطلب ته هو ڄاڻي ٿو ڪو به انسان پنهنجي اختيار ۽ ارادي سان ڪهڙا ڪم ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ هو پاڻ يا ٻيا سندس ڪي مٽ مائٽ وغيره مصيبت ۾ گرفتار ٿيندا. تنهنڪري انهن ۾ ڪنهن قسم جوڪو جبر يا زور نه آهي جو پاڪ پالڻهار تي اعتراض ڪجي.

بهرحال مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي حوالي سان ڌڻي سڳوري جو خاص ارادو به آهي ته اهو هيءُ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن الله سائين ڪنهن کي مقام ڏيڻ وغيره لاءِ به مصيبتن ۾ گرفتار ڪندو آهي.

ب) انساني مصيبتن ۾ انساني ارادي ۽ اختيار جو عمل دخل

انسان هڪ با اختيار مخلوق آهي، انسان پنهنجي ارادي ۽ اختيار سان پنهنجا ڪم ڪار انجام ڏئي ٿو. اها به الله سائين جي هڪ سنت آهي جو ان انسان کي عقل سان گڏوگڏ مستقبل جي رٿابندي جي صلاحيت عطا ڪئي آهي. انسان ۽ ڪائنات جي تڪويني نظام ۾ اونهو رابطو آهي.(7)

ان بنياد تي جيڪڏهن انسان فطرت ۽ تخليق جي قانون تي عمل ڪري ته الله سائين سندس زندگي ۾ برڪت عطا ڪندو نه ته زندگي بربادي جي ور چڙهي ويندي.

رسول اڪرم 4 جن امام علي A کي فرمائن ٿا: هيءَ آيت قرآن مجيد جي بهترين آيت آهي. اي علي! جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن ڪاٺي جي ڪا چوٽ لڳي ٿي يا انسان ڌڪو کائي ٿو اهو ان گناھ جي ڪري آهي جيڪو انسان کان ٿئي ٿو.(8)

جيئن قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته: «ما أَصابَكُمْ مِنْ مُصِيبَةٍ فَبِما كسَبَتْ أَيْدِيكُمْ» (سورت شوري، آيت27،28،30)

۽ جا مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سا اوهان جي پنهنجي هٿن جي ڪيل آهي.

ڪيترين ئي آيتن ۾ انساني مصيبتن ۽ سندن عملن ۾ گهر رابطي کي بيان ڪيو ويو آهي. مثال طور تي هي آيت: «ما أَصابَكَ مِنْ حَسَنَةٍ فَمِنَ اللّهِ وَ ما أَصابَكَ مِنْ سَيِّئَةٍ فَمِنْ نَفْسِكَ» (سورت نساء، آيت 79.)

جڏهن اوهان کي ڪا چڱائي پهچي ته سمجهو ته خدا جي طرف کان آهي ۽ جڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پهچي ته (ڄاڻو ته اها) خود توهان جي ڪرتوتن ڪري آهي.

الله سائين گذريل امتن جي سندن گناهن جي ڪري سزا کي بيان ڪرڻ کان پوءِ ارشاد فرمائي ٿو: ما كانَ اللَّهُ لِيَظْلِمَهُمْ وَ لكِنْ كانُوا أَنْفُسَهُمْ يَظْلِمُون (سورت عنکبوت، آيت 40)

۽ خدا ته مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پاڻ ظلم ڪندا هئا.

حديث جي ڪتابن ۾ ڪيتريون ئي روايتون آهن جيڪي ان ڳالھ کي بيان ڪن ٿيون ته انساني زندگي جون مشڪلاتون سندس ڪمن جو نتيجو آهن. اسان هتي نموني طور تي ڪجھ ڏانهن اشارو ڪريون ٿا: امام صادق A ارشاد فرمائن ٿا: جڏهن به الله سائين ڪنهن قوم تي ناراض ٿيندو آهي ۽ انهن تي عذاب نازل نه ڪرڻ گهرندو آهي ته انهن جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪندو آهي، سندن عمر گهٽ ٿي ويندي آهي، انهن جي وهنج واپار مان برڪت ختم ٿي ويندي آهي، سندن نهرن ۽ دريائن مان پاڻي کٽي ويندو آهي، مٿن برن انسانن کي حڪمران ڪندو آهي، ۽ پنهنجي رحمت (مينهن) کي بند ڪري ڇڏيندو آهي.

اغلى اسعارها، و قصّر اعمارها، و لم تربح تجّارها و لم تغزر انهارها، و سلّط عليها شرارها و حبس عليها امطارها(9)

امام علي عليه السلام فرمائن ٿا گناھ کان پاسو ڪريو ڇو جو ڪا مصيبت يا رزي روزي جي گهٽتائي گناھ سبب ئي پيش ايندي آهي. ما من بليّه و لانقص رزق الا بذنب (10)

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي