اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

انساني اهنج ،ايذاءُ ۽ قرآن(3)

مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي حڪمت
بغير ڪنهن شڪ جي حڪيم جو هر عمل حڪمت جي ئي بنياد تي هوندو آهي، توڙي اسان ان جي حڪمت جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون يا نه. ٻئي پاسي الله سائين ئي اسان جي زندگي ۾ مشڪلات پيدا ڪري ٿو، قرآن مجيد ۽ ائمه جي روايتن ۾ انهن جي ڪجھ حڪمت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. جن مان ڪجھ کي هتي پيش ڪجي ٿو:

1.    بندن جو امتحان
امتحان ۽ آزمائش الله سائين جي سنتن مان هڪ سنت آهي. جيئن ته الله سائين قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو: وَ لَنَبْلُوَنَّكمْ بِشَيْ ءٍ مِنَ الْخَوْفِ وَ الْجُوعِ وَ نَقْصٍ مِنَ الْأَمْوالِ وَ الْأَنْفُسِ وَ الثَّمَراتِ وَ بَشِّرِ الصَّابِرين (سورت بقره، آيت 155.)
۽ اسين اوهان کي ڪجھ ڊپ، بک، مالن ۽ جانين ۽ ميون جي نقصان سان آزمائينداسون. ۽ (اي رسول) اهڙي صبر ڪرڻ وارن کي خو شخبري ٻڌاءِ.
اهو امتحان ڪيترين ئي جاين تي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي صورت ۾ هوندو آهي، جن مان ڪجھ جو ذڪر ته خود آيت ۾ ئي ڪيو ويو آهي.
انبياء جي زندگي به امتحان جو عملي نمونو هو سندن سڄي زندگي مختلف امتحانن، مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ ئي گذري. مثال طور تي حضرت موسى جي زندگي ڄمڻ کان وٺي ئي مشڪلاتن جو شڪار رهي، پاڻ جيئن ئي فرعون جي ظلم خلاف بغاوت جو علم بلند ڪيو ته سندن زندگي جا سور اڃا وڌي ويا. حضرت ابراهيم  جي زندگي به امتحان جو اعلى نمونو آهي، سندن زندگي ۾ وڏا وڏا امتحان ورتا ويا، جن مان پنهنجي سرزمين مان هجرت، اولاد جي قرباني، اولاد کي بر بٽ بيابان ۾ ڇڏي اچڻ وغيره. سڀني نبين مان پاڻ سڳورن جي امتحانن جو نرالو ئي انداز آهي. اهي سڀ جا سڀ نمونا ان حقيقت جا روشن ۽ چٽا شاهد آهن. (11)
الله سائين ڪجھ آيتن ۾ مصيبتن ۽ مشڪلات جو راز مومنن جو منافقن کان جدا ٿيڻ ٻڌايو آهي. «وَ ما أَصابَكُمْ يَوْمَ الْتَقَى الْجَمْعانِ فَبِإِذْنِ اللّهِ وَ لِيَعْلَمَ الْمُؤْمِنينَ»؛ البت اهي امتحان انسان جي حقيقت کي پڌرو ڪرڻ جي لاءِ آهن ته جيئن قيامت جي ڏينهن ڪو به ڪنهن قسم جو اعتراض نه ڪري سگهي. جيڪڏهن مون کي مهلت ملي ها ته مان خبر ناهي ڇا ڇا ڪري سگهان ها. پاڪ پالڻهار هتي سڀني کي موقعو ڏنو آهي، هر انسان عملي زندگي جي مشڪلاتن کي برداشت ڪري(سورت آل عمران، آيت 166.)
2.    مومنن کي گناهن جي پليدي کان پاڪ ڪرڻ
هن دنياوي زندگي ۾ ڪٿي ڪٿي مومنن کان ڪي گناھ يا غلطيون ٿي وڃن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ اهي پالڻهار جي عذاب جا حقدار بڻجيو وڃن. پاڪ پالڻهار انهن کي جهنم جي انتهائي دردناڪ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب مان بچائڻ لاءِ سندن گناهن جي سزا هن دنيا ۾ ئي ڏئي ڇڏي ٿو ته جيئن اهي قيامت جي ڏينهن پاڪ پاڪيزه ٿي اٿن، مٿن ڪنهن قسم جو ڪو گناهه باقي نه رهي. امام صادق  جي هڪ حديث ۾ ملي ٿو ته: جڏهن ڪنهن ٻانهي جا گناھ وڌي وڃن ۽ ان وٽ ڪا اهڙي شي نه هجي جنهن سا ان جي گناهن جي تلافي ٿي سگهي ته الله سائين ان کي ڏکن ۾ گرفتار ڪري ٿو ته جيئن ان کي گناهن کان پاڪ ڪري.
انَّ العَبدَ اِذَا كَثُرَت ذُنُوبُه وَ لَم يَكُن عِندَهُ مِنَ العَمَلِ مَايُكَفِّرُهَا اِبتَلَأَهُ بِالحُزنِ لِيُكَفِّرُهَا(14)
ظاهر آهي ته اهڙين جاين تي مصيبتن جو فائدو خود انسان کي ئي آهي اهو به پاڪ پالڻهار جو هڪ احسان آهي جو انسان کي وڏي سزا کان بچائڻ لاءِ ننڍين ننڍين مصيبتن ۾ گرفتار ڪري ٿو ته جيئن هو آخرت ۾ وڏين نعمتن جو حقدار بڻجي سگهي.
3.    غفلت جي ننڊ مان سجاڳي
اسان سڀني جو مشاهدو آهي ته جڏهن به ڪي انسان نعمت ۾ غرق ٿي ويندا آهن ته هو تڪبر، وڏائي وغيره ۾ گرفتار ٿي ويندا آهن. ان جي نتيجي ۾ پنهنجي ذميوارين کان بي پرواھ ٿي ويندا آهن. جڏهن انساني زندگي سکن ۽ خوشحالي جو مجسمو هجي ته غفلت جي ننڊ کيس وڪوڙي سمهاري ڇڏيندي آهي، جيڪڏهن اها ئي حالت ڳج عرصي تائين باقي رهي ته اهو ان جي لاءِ انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو بلڪل ائين ئي جيئن بلڪل صاف سڌي طولاني ۽ ڊگهي رستي تي ڊرائيونگ خطرناڪ هوندي آهي ڇو جو رستي جي همواري ۽ بيهڪ ڪري انسان بي خطر ٿي ڊرائيونگ ڪندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪجھ وقت کان پوءِ کيس ننڊ جا جهوٽا اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. پر ان جي ابتڙ جيڪڏهن رستو لاهين چاڙهين موڙن وارو هجي ته ان ۾ ڊرائيور هوشيار ٿي ڊرائيونگ ڪندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هو وڏي حادثي کان محفوظ رهندو، زندگي جون مشڪلاتون به انهن لاهين چاڙهين وانگر آهن جيڪي انسان کي غفلت جي ننڊ کان سجاڳ رکنديون ۽ کيس حادثي کان بچائينديون آهن.
اسان جي چوڻ جو مطلب هي ناهي ته انسان هٿرادو مصيبتون ٺاهي بلڪه مطلب هيءُ آهي ته اهي شيون زندگي لاءِ لازم ته ملزوم آهن، جن جي ڪري انسان غفلت جي ننڊ جو شڪار نه ٿيندو.(13)
 آخري آسماني ڪتاب قرآن مجيد ۾ پاڪ پالڻهار جو ارشاد آهي ته:ليذيقهم بعض الذي عملوا لعلهم يرجعون (سورت روم، آيت 41.)
انهيءَ ڪري ته جيڪي اهي ماڻهو ڪري چڪا تن مان ڪن ڪرتوتن جو خدا کين مزو چکائي ته من اهي ماڻهو (اڃا به) باز اچن.
ٻئ جاءِ تي ارشاد آهي ته:لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ (سورت اعراف، آيت 26) من ماڻهو عبرت ۽ سبق حاصل ڪن.
الله سائين سڀني کان وڌيڪ مهربان آهي. ڪا به  مصيبت سجاڳي جي گهنٽي هوندي آهي. ان گهنٽي جو مقصد انسان کي سجاڳ ۽ هوشيار رکڻ آهي ته جيئن غفلت ۽ وڏائي وغيره ۾ گرفتار نه ٿئي. امام علي  جو فرمان آهي ته جڏهن انسان گناھ ڪندا آهن ته پاڪ پالڻهار انهن کي روزي جي گهٽتائي ۽ رحمت کان محرومي ۾ گرفتار ڪندو آهي ته جيئن  توبه ڪرڻ وارو توبه ڪري. (14)
4.    انسان جي تربيت ۽ ترقي مصيبتن جي آغوش ۾
زندگي جون مشڪلاتون ۽ مصيبتون جتي ڏک آهن، اتي انهن ۾ ڪيترائي تربيت جا راز ۽ پهلو به آهن. مثال طور جنگ ڪا سٺي شي نه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪا طولاني ويڙهه قوم جي تجربي کي وڌائي انهن جي صلاحيتن جي نکار جو سبب ٿيندي آهي. جنهن سان انهن جا ارادا پهاڙ وانگر پختا ٿي ويندا آهن.
هاءُ! ڪڏهن ڪڏهن ٿي سگهي ٿو جنگ ڪنهن جي تربيت بدران انهن کي اڃا وڌيڪ پٺ تي ڌڪي ڇڏي پر پوءِ به جن قومن يا افراد ۾ صلاحيت هجي مصيبتون ۽ مشڪلاتون انهن جي صلاحيتن کي اڀارڻ آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. اسان جيڪڏهن نابغه ۽ بي مثال انسانن جي زندگي جو مطالعو ڪريون ته اها ڳالھ آساني سان سمجھي سگهون ٿا ته انهن اهڙي ريت مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ زندگي گذاري ڇڏي جو اهي. مصيبتون ئي انهن جي صلاحيتن ۾ واڌاري جو سبب ٿيون آهن.(15)
 قرآن مجيد ۾ ملي ٿو ته: «عسى ان تكرهوا شئا و يجعل اللَّه فيه خيرا كثيرا (سورت نساء، آيت 19.)
شايد جنهن ڳالھ کي توهين پسند نه ڪريو خدا ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري.
استاد شهيد مرتضى مطهري لکن ٿا: جيڪڏهن اهنج، اذيت ۽ محنت ۽ ڪوشش نه هجي ته انسان تباھ ٿي ويندو، ڇو جو قرآن فرمائي ٿو ته انسان جي پيدائش ڏک ۾ ٿي آهي: لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنْسانَ في‏ كَبَدٍ اسان انسان کي مشقت ۾ (رهڻ وارو) ڪري پيدا ڪيو آهي.. (سورة بلد، آية 4)
انسان کي ڪوشش ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي ته جيئن پنهنجو حقيقي مقام ماڻي سگهي. ۽ اهي تضاد ۽ ڏک ئي صلاحيتن جي ظاهر ٿيڻ جو سبب آهن. تمام ساھ وارا موجودات ان قانون جا پابند آهن، سندن اوسر ۽ ترقي لاءِ کين جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي.
استاد اڳتي لکن ٿا:الله سائين انسانن جي تربيت لاءِ ٻن قسمن جا پروگرام ۽ احڪام بيان ڪيا آهن، تڪويني ۽ تشريعي. ٻنهي قسمن جي پروگرامن ۾ سختي سمايل آهي. تشريعي احڪام ۾ عبادت کي واجب ڪيو اٿس، تڪويني پروگرام ۾ مصيبتون ۽ مشڪلاتون آهن. روزو، جهاد، الله جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ ۽ انفاق وغيره ۾ سختي ته آهي ئي آهي، پر انهن ۾ استقامت ۽ ثابت قدمي انساني نفس ۾ اعلى صفتن جي پيدايش، سندس تربيت ۽ تڪامل جو سبب آهي(16)
5. سختين سهڻ تي اجر ۽ ثواب
چٽي ڳالھ آهي ته الله سائين ڪنهن تي به ظلم نه ڪندو آهي جيئن ته سندس ارشاد آهي: وَأَنَّ اللَّهَ لَيْسَ بِظَلاَّم سورت حج، آيت 10
بيشڪ خدا بندن تي ڪڏهن به ظلم نٿو ڪري.
 علم ڪلام جي هڪ بحث جو عنوان آهي ”اعواض آلام“ دنياوي سختين سهڻ تي آخرت ۾ انهن جي بدلي ۾ اجر ۽ ثواب ملندو ته جيئن انهن جو بدلو ٿي سگهن ۽ ڪنهن کي به پاڪ پالڻهار مٿان ڪنهن قسم جي گهر ۽ طلب نه رهي. روايت آهي ته عبد الله بن يعفور امام صادق عليه السلام جي آڏو شڪايت ۽ اعتراض ڪرڻ شروع ڪيو ته مان هميشه مصيبتن، مشڪلاتن ۽ بيمارين ۾ سوگهو آهيان. امام عليه السلام جواب ۾ ارشاد فرمايو: جيڪڏهن مومن کي خبر هجي ها ته مصيبتن تي کيس ڪيترو اجر ثواب ملي ٿو ته هو اها اميد ڪرڻ لڳي ها ته کيس قيچين سان چيريو وڃي. لَو يَعلَم المؤمنُ مِن مَا لَهُ مِنَ الأَجرِ فِي المَصائبِ لَتَمَنّي أنّهُ قَرَضَ بِالمَقاريض (17)
الله سائين قرآن مجيد ۾ مصيبتن تي صبر ڪرڻ وارن کي خوشخبري ڏني آهي، جيڪي مصيبت وقت چون ٿا ته: إِنَّا لِلَّهِ وَ إِنَّـآ إِلَيْهِ رَ جِعُونَ اهي اهي ئي آهن جن لاءِ الله سائين فرمائي ٿو: عَلَيهِمْ صَلَوَ تٌ مِّن رَّبِّهِمْ وَ رَحْمَةٌ وَ أُوْلَـئكَ هُمُ الْمُهْتَدُونَ (سورت بقره، آيات 155ـ157)
انهن تي سندن پالڻهار طرفان مهربانيون ۽ رحمت آهي ۽ اهي ئي هدايت يافته آهن.
ياد رکڻ گهرجي ته هيءُ جهان دنيا ۽ آخرت جو مجموعو آهي، دنيا آخرت جي ڀيٽ ۾ ڪجھ به نه آهي. (سورت نساء، آيت 77)
هاڻي جيڪڏهن آخرت ۾ مومنن کي ملندڙ نعمتن جو تصور ڪجي ته ان جي ڀيٽ ۾ دنيا جون سختيون ڪجھ به نه آهن.(18)
آخر ۾ دعا آهي ته پاڪ پالڻهار اسان سڀني کي قرآن جي نور سان نوراني فرمائي ۽ اسان کي سندس تعليمات تي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
حوالا
1)    پيام قرآن، ناصر مکارم، ج4، ص443.
2)    درس اصول عقائد براي جوانان، آيت الله مکارم شيرازي، ص 95
3)    اها عبارت قرآن مجيد ۾ مختلف جاين تي ملي ٿي، جهڙوڪ سورت آل عمران، آيه 182؛ سورت انفال، آيه 51 ؛ سورت حج، آيه 10؛ سورت فصلت، آيه 46 ؛ سورت ق، آيه 29.
4)    مدخل مسائل جديد در علم کلام، جعفر سبحاني، ص123، چ1، قم: مؤسسه امام صادق، 137
5)    شهيد مطهري، مجموعه‌ آثار، ج1، ص391.
6)    تفسير نمونه؛ آيت الله مڪارم شيرازي؛ ج 24، ص213.
7)    شهيد مطهري، مجموعه‌ آثار، ج1، ص391
8)    مجمع‌البيان في تفسير‌القرآن، چاپ بيروت، ج9، ص 53.
9)    بحارالنوار، ج70، ص35
10)    ميزان الحکمة، محمد ري‌شهري، ج 4 ص1900، حديث 6635،
11)    پيام امام اميرالمؤمنين عليه السلام، حضرت آيت الله مڪارم شيرازي، ج 7، ص 405
12)    اصول ڪافي، ڪليني، دارالڪتب الاسلاميه، ج 2، ص 444
13)    درس اصول عقائد براي جوانان، حضرت آيت الله مڪارم شيرازي، ص 97
14)    نهج البلاغة، الخطبة 143
15)    درس اصول عقائد براي جوانان، آيت الله مڪارم شيرازي، ص 101
16)     استاد مطهري، عدل الهي، انتشارات صدرا، چاپخانة علامة طباطبايي، چاپ سوم 1376، ص 178 ـ 179
17)     اصول کافي، ص 255، و بحارالأنوار، مجلسى، ج 64، ص 212
18)     نهج البلاغه، خطبه 32

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي