جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

رمضان شريف قرآن جي نازل ٿيڻ جو مهينو

ان ۾ڪو به شڪ نه آهي ته ڪائنات ۾ جيڪي به شيون آهن، انهن جومالڪ خدا آهي هر شي خدا جي ملڪيت آهي، ليڪن ڪڏهن ڪنهن شي جي عظمت ۽ فضيلت جي ڪري ان جي نسبت خدا ڏانهن ڏني وڃي ٿي جيڪا عظمت، فضيلت ٻين ۾ناهي هوندي جيئن جناب رسالتماب 4 جن فرمائن ٿا: ته خداوند عالم پنهنجي مخلوق مان ڪجھ شين جي پاڻ ڏانهن نسبت ڏني آهي

انهن کي عظمت ۽ فضيلت ڏني اٿس جيئن خانه ڪعبة الله کي پنهنجو گھر بڻايو اٿس مڪي، مدينيءِ، بيت المقدس کي ٻين مقامن کان وڌيڪ عظمت ۽ فضيلت ڏني اٿس ۽ زمان منجھان جُمعي جي ڏينهن کي، راتين منجھان قدر واري رات کي، مهينن منجھان رمضان جي مهيني کي، انسانن منجھان نبين کي پاڻ ڏانهن ڏني اٿس.(1)

بس ان حديث شريف مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪڏهن به ڪنهن شي جي خدا ڏانهن خاص نسبت بغير سبب جي ناهي هوندي.

سڀني سببن کي بيان ڪرڻ سان موضوع وسيع ٿي ويندو ان ڪري مُختصر طور فقط رمضان جي عظمت ۽ فضيلت کي ڪجھ حصن ۾ بيان ڪجي ٿو جن سبب جي ڪري رمضان شريف کي ٻين مهينن تي فضيلت حاصل آهي:

الف: برڪتن جومهينو

هن مهيني ۾الله جي طرفان پنهنجن بندن تي ايتريون ته برڪتون نازل ٿين ٿيون جو پاڻ سڳورا4 فرمائن ٿا: لويعلم العباد مافي رمضان لتمّنت ان يكون رمضان سنه (2)

جيڪڏهن انسان انهن برڪتن کي پرکي وٺي ته الله کان اها ئي تمنا ڪري ها ته ڪاش پورو سال رمضان هجي ها!

اهڙي طرح امام عليA جناب رسول خدا4 کان نقل ڪندي فرمائن ٿا ته: ايُّها النّاس، انّه قد اقبل اليكم شهراللّه بالبركة و الرحمة والمغفرة

اي انسانو بيشڪ اوھان ڏانهن الله جو مهينو برڪتن، رحمتن ۽ مغفرت سان اچي رهيو آهي هي مهينو الله جي نزديڪ سڀني مهينن کان وڌيڪ فضيلت رکندڙ آهي هن جا ڏينهن ٻين ڏينهن کان وڌيڪ فضيلت وارا هن جون راتيون ٻين راتين کان افضل ۽ هن جون گهڙيون ٻين گهڙين کان وڌيڪ فضيلت رکندڙ آهن.

ب :مغفرت جومهينو

جناب رسول خدا 4 فرمائن ٿا: انّما سمّي الرمضان؛ لِانّه يُرمِضُ الذُنوب (3)

يعني؛ رمضان کي رمضان ان ڪري چيو وڃي ٿو جو اهو مهينو گُناهن کي ساڙي ڇڏي ٿوـ

رسول خدا 4 کان جڏهن عائشه رمضان جي باري ۾ سوال ڪيو ته رمضان جي فضيلت ڇا آهي؟ ته جواب ۾ رسول خدا4 فرمايو: ارمض اللهُ فيه ذُنوب المُومِنين وغفرها لهم

الله سائين هن مهيني ۾ مؤمنن جي گُناهن کي ساڙي ۽ معاف ڪري ٿو.(4)

۽ وري فرمايائون: من صام رمضان و قامهُ ايمانا و احتسابا غُفِر لهُ ماتقدّم من ذنبه

يعني: جيڪو خدا تي ايمان رکي ۽ خدا خاطر روزو رکي ته ان جا ڪيل گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا.(5)

هن مهيني ۾جنّت جا دروازا کليل ۽جھنّم بند ۽ شيطان قيد

جناب رسالتماب 4 فرمائن ٿا ته: اذا طلع هِلالُ شهرِ رمضان غُلّت مَرَدَتُ الشّياطين، وفُتّحَ ابوابُ السّمآءِ وَ ابواب الجِنان وَ ابواب الرّحمه وَ غلّقت ابوابُ النّارِ.

جڏهن رمضان جوچنڊ ڏسجي ٿو ته شيطانن کي ٻڌو ويندو آهي ۽ آسمانن جا دروازا، جنت جا دروازا ۽ رحمتن جا دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ جھنم جا در بند ڪيا وڃن ٿا ـ(6)

ج: آزادي جومهينو

جناب رسالتماب 4 فرمائن ٿا ته: إنَّ اللّه‏ تَعالى في كُلِّ لَيلَةٍ مِن رَمَضانَ سِتَّمِئَةِ ألفِ عَتيقٍ مِنَ النّارِ

بيشڪ الله تعاليٰ رمضان مهيني جي هر رات ۾ 6 ڇهه لک گنهگارن کي جھنم مان آزاد ڪندو آهي.(7)

د:خداجي مهماني جومهينو

هتي هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو ته جڏهن به ڪو ماڻهو ڪنهن جي دعوت ڪري ٿو ته ان لاءِ ميزبان سُٺي کاڌي جو انتظام ڪري ٿو ليڪن خُدا جي عجيب مهماني آهي، دعوت مهماني جي ڪري ٿو ۽ کائڻ به کان منع ڪري ٿو۽حڪم ڪري ٿو ته هن مهيني ۾ صبح جي اذان کان شام جي اذان تائين توهان تي کائڻ پيئڻ حرام آهي؟

جواب ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان جي حقيقت کي سمجھيو وڃي ته انسان جي حقيقت ڇا آهي ؟

انسان جو وجود ٻن شين مان ٺاهيو ويو آهي جسم مان ۽ روح مان ٻنهي کي غذا جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي کي غذا الله ڏي ٿو جسم کي جنهن غذا جي ضرورت آهي ان کي مادي ۽ ظاهري غذا چئبو آهي جيئن کائڻ پيڻ جون شيون ۽ هي غذا عام آهي جيڪا هر انسان کي الله سائين ڏي ٿو اهڙي طرح روح کي به غذا جي ضرورت آهي ان کي معنوي غذا چئبو آهي ۽ هي غذا خاص ۽ مادي غذا کان بهتر آهي اهڙي وضاحت کان پوءِ مٿئين سوال جو جواب واضح ٿئي ٿو ته هي خاص غذا آهي جيڪا الله سائين پنهنجي خاص بندن کي عطا ڪري ٿو ان ڪري هن مهيني ۾جيڪا الله جي طرفان مهماني جي دعوت آهي روح کي دعوت آهي يعني معنوي غذا جي دعوت آهي جيڪا دعوت ڪن خاص مومنن کي آهي جيئن جناب رسالتماب 4 فرمائن ٿا:

هُوَشهرُرمضان دُعيتم فيه اليِ ضيا فت اللّه وجُعِلتم فيه مِن اهلِ كرامَة الله انفاسُكُم فيه تسبيح و نومُكم فيه عِبادة وعملُكم فيه مقبول و دُعاءُكُم فيه مستجابُ

يعني رمضان اهو مهينو آهي جنهن ۾ توهان کي الله سائين جي مهماني ڏانهن دعوت ڏني ويئي آهي، هن مهيني ۾اوهان کي اهل ڪرامت قرار ڏنو ويو آهي، هن مهيني ۾اوهان جو ساه کڻڻ تسبيح آهي، اوهان جي ننڊ عبادت آهي، اوهان جا عمل قبول ڪيا وڃن ٿا، ۽ دُعائون اگهائجن ٿيون. (8)          

هه:قدرجي رات وارو مهينو

قُرآن ۽ حديث ۾ قدر جي رات جي تمام گھڻي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي: جيئن قرآن ۾ هڪ پوري سورت ”قدر“ جي نالي سان مشهور آهي هن سورت ۾ قدر واري رات جي فضيلت ۽ اهميّت ايتري قدر   بيان ٿيل آهي جو هن جي برابر ڪا به رات نه آهي ۽ هن کي هزار مهينن جي راتين کان وڌيڪ فضيلت وارو بڻايو ويو آهي ۽ هن رات ۾ آسمان جا ملائڪ الله جي طرفان سندس خاص بندن تي نازل ٿين ٿا، پاڻ سڳورا 4 فرمائن ٿا:

قد جآءَ كم شهرُ رَمَضَانَ شهرُ مبارك.... فيه ليلتُ القدر خيرُ مّن الفِ شهر من حُرِمَها فقد حُرِمَ.(9)

توهان وٽ رمضان جو مهينو اچي ويو آهي جيڪو برڪت ڀريو آهي جنهن ۾ قدر واري رات آهي جيڪا هزار مهينن جي راتين کان وڌيڪ بهتر ۽ فضيلت واري آهي، محروم اهو شخص آهي جيڪو هن رات کان محروم رهجي وڃي. تنهنڪري هن بابرڪت رات مان مومنن کي فيض پرائڻ وٺڻ گھرجي ۽ دُعائن جي ڪتابن جهڙوڪ مفاتيح الجنان وغيره ۾ جيڪي مخصوص عمل هن رات لاءِ ٻڌايا ويا آهن، انجام ڏيڻ گھرجن. هتي هڪ سوال ٿئي ٿو ته ڇا قدر جي رات حضرت رسول خدا4 جي زماني تائين هُئي يا قيامت تائين هلندي رهندي ؟

هن سوال جو جواب اهو سوال جناب رسول خدا 4 کان به ڪيو ويو ته پاڻ 4 فرمايائون:

قال بل هِيَ الي يومِ القيامةِ :

اها رات قيامت تائين آهي ۽ ٻيو سوال پيغمبر4کان ڪيو ويو ته اها رات ڪهڙي مهيني ۾ آهي؟

جناب پيغمبراسلام4 فرمايو:

بل هِيَ في رَمَضَان يعني اها رات رمضان مهيني ۾آهي.(10)

آخر ۾ هي سوال ته هن مهيني ۾ اها ڪهڙي رات آهي؟

جواب: هن ۾ عُلمائن جا مختلف قول آهن مشهور قول 23 رمضان جي رات آهي.(11)

ز: قرآن جي نازل ٿيڻ جو مهينو:

هيءُ اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله سائين پنهنجي ڪلام قُرآن مجيد کي نازل ڪيو آهي جيئن سورت بقره جي 185 نمبر آيت ۾ خُداوند عالم جو ارشاد ٿئي ٿو:

الّذي اُنزل فيه القُرآن هدى للناس..... يعني هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ انسانن جي هدايت لاءِ قُرآن پاڪ کي نازل ڪيو ويو آهي

باقي هن موضوع تي به ڪجهه سوال ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا ته:

قرآن پاڪ ڪهڙي رات ۾نازل ٿيو؟

ڪيئن نازل ٿيو؟

جڏهن ته رسول خدا4 23 سال دين جي تبليغ ڪئي ۽ ان دوران مختلف مقامن ۽ مختلف وقتن ۾ قُرآن نازل ٿيندو رهيو؟

انهن سوالن جي جوابن ۾ تفصيل تمام گھڻي آهي ان ڪري مختصر جواب پيش ڪجن ٿا:

پهرئين سوال جي جواب ۾ جناب رسالتمآب4 فرمائن ٿا:

اُنزِلَ القُرآن في ثلاثِ و عشرين مِن شهر رمضان قرآن رمضان مهيني جي23 تاريخ نازل ڪيو ويو.(12)

باقي ٻئي سوال جي جواب ۾ امام جعفر صادقA جي روايت پيش ڪجي ٿي، پاڻ فرمائن ٿا:

نَزَل آلقُرآن جُملةً واحِدةً في شهرِ رمضان الي البيت المعمور ثُمّ نزل في طولِ عشرين سنة ـ

پوري قُرآن کي هڪئي دفعي رمضان مهيني ۾ بيت معمور تي نازل ڪيو ويو، پوء ويهن (20) سالن جي عرصي دوران نازل ٿيندو رهيو.(13)

 حوالا

  • بحار الانوار، جلد96، ص373.
  • بحار الانوار، جلد96، ص364.
  • ڪنزُالعُمّال، ص61_77
  • الدُّر منثور، ج1، ص444، نقلاً عن ابن مردويه والاصبهاني
  • امالي طوسي، 150/247
  • الڪافي جلد 4 ، ص 67
  • فضائل الاوقات ص44
  • ماه خدا، مُحمدي ري شهري، ص 41
  • تهذيب الاحڪام، جلد 4، ص 152
  • مسند احمد ابن حنبل جلد 8 ص117
  • عُلُوم قُران
  • الکافي جلد2 ص629.
  • الڪافي جلد 2، ص628

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي