جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

امام علي (ع) ۽ حضرت فاطمه (س) جي شادي ۽ اسان جون ذميداريون

انسان هڪ موجودِ اجتماعي آهي، يعني هڪ گڏجي زندگي گذارڻ جو عادي آهي ان ڪري گھڻو وقت انسان جو پنهنجن سان گذاري ٿو مثال: ٻار، زال، والدين، دوست ۽ مٽ مائٽ وغيره، بهترين زندگي گذارڻ جي لاءِ يعني جيئن زندگي پريشانين، مصيبتن، ۽ پيش ايندڙ حادثن کان بچي پوي ۽ سٺي، ڪامياب زندگي گذاري سگھي شادي کان پوءِ انسان طلاق ۽ جدائي جي مصيبتن کان بچي پوي ۽ انهن جي اچڻ واري نسلون به مڙني مشڪلن کان بچي پون، ان جي ڪري انسان جي لاءِ ضروري آهي ته انسان پنهنجي ازدواجي زندگي لاءِ هڪ سٺي زندگي گذارڻ واري طريقي کان آگاهي حاصل ڪجي ته جيئن هن انسان جي زندگي ڪامياب گذري سگھي.

۽ بهترين نموني عمل انسان جي زندگي جي لاءِ ۽ بهترين زندگي گذارڻ لاءِ حضرت امام علي(ع) ۽ بيبي فاطمه زهرا (س) جن جي ذات آهي ٻئي معصوم آهن جيڪڏهن انهن جي زندگي جو مطالعو ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته انهن جي زندگي ۾ سندن غلطي ته ڇا پر انهن کان ڪڏهن  ڀُل به نه ٿي هئي ۽ پنهنجي هڪ ڪامياب زندگي گذاري ۽ پنهنجي اولاد جي تربيت ڪيائون جو اڄ تائين دنيا ۾ اهڙي خاندان جي ٻي مثال نظر نه ايندي.

 

بس ان جي ڪري جيڪڏهن انسان چاهي ته کيس سعادت ملي ۽ ڪاميابي ملي ته انهن کي گھرجي ته انسان انهن ٻنهي معصومن (ع) جي زندگي جو مطالعو ڪري ۽ انهن جهڙي زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ انهن جي اصولن ته جيئن انهن جي نور جي وجود کان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري سگھجي.

شادي جو فلسفو

 الف: الله سائين انسان لاءِ بهترين نعمتون پيدا ڪيون آهن ۽ انسان جي لاءِ بهترين رستا ٻڌايا آهن ته جيئن انسان گناھ جي رستي ڏانهن نه وڃي ۽ اهڙي طرح  الله سائين انسانن (مرد ۽ عورت) ۾ ڪجھ خاصيتون رکيون آهن ته جيئن انسان هڪ ٻئي تي جذب ٿي سگھي ۽ انهن ۾ جنسي حرڪت اچي جنهن جي سبب انسان جي نسل ۾ واڌ ٿئي ٿي ۽ انسان کي الله سائين ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ انسان کي نڪاح جو رستو ٻڌايو آهي ته جيئن انسان هڪ گناھ واري رستي کان بچي سگھي ۽ ٻي نظر سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انسان جي لاءِ جيڪو شادي جو فلسفو رکيو ويو آهي ان ۾ انسان جي لاءِ صرف جنسي لذّت نه آهي بلڪه ان جا گھڻا ئي فائدا آهن جن مان هڪ سڪون ۽ اولاد جو وڌڻ ۽ آرام واري زندگي آهي.

۽ جيڪڏهن الله سائين انسان ۾ اهي شيون نه رکي  ها (لذت) ته شايد انسان هڪ ٻئي ڏانهن راغب نه ٿين ها ۽ اهڙي طريقي سان نسل به وجود ۾ نه اچي سگھندو.

اهڙي طرح امام جعفر صادق(ع) جن فرمائن ٿا ته: (لما فيه من دوام النسل وبقائه) شادي جو فلسفو انسان جي نسل جي بقاء ۽ دوام جو سبب آهي .

ان باري ۾ پاڪ رسول (ص) جو به فرمان آهي ته: (ثلاثة حقٗ على الله تعالى عونهم...... والنڪاح الذي يريد العفاف.) ٽي گروھ اهڙا آهن جن جي لاءِ خدا تي لازم آهي ته انهن جي مدد ڪري انهن مان هڪ اهو گروھ آهي جيڪو گناهن کان پاڻ کي شادي جي ذريعي بچائي ٿو.

امام علي(ع) ۽ بيبي فاطمه(س) جن جي شادي جو هدف بقاءِ نسلِ انساني ۽ انهن جي شادي جو ٻيو هدف اهو هو ته اولاد جي تربيت ڪيئن ڪبي آهي؟ ۽ انهن پنهنجي اولاد منجھان انسان ذات لاءِ ٻه بينظير ٻه فرزندا اهڙا ڏنا جو انهن جي مثال اڄ به دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ نه ملندي، ۽ انهن جي باري امام علي رضا(ع) جن فرمائن ٿا ته: جڏهن بيبي فاطمه(س) ۽ امام علي(ع) جن جي شادي تي زمين وارن نه بلڪه سندن شادي تي آسمان وارن به خوشي ڪئي هئي ۽ کين بشارت ڏني ويئي هئي ته بيبي(س) کان ٻه پٽ پيدا ٿيندا جيڪي جنت جي جوانن جا سردار هوندا. ۽ انهن جي وجود جي ذريعي جنت کي زينت ڏني ويندي.

بس معلوم ٿيو ته اسلام ۾ جيڪو شادي لاءِ هدف بيان ڪيو آهي اهو انسان جي بقاٻ جوسبب آهي۽ بيبي فاطمه(س) جي زندگي جي مطالعي منجھان جيڪا شيءِ معلوم ٿئي ٿي ته انسان جي شادي جا اهداف هڪ ته بقاء انسانيت آهي ۽ ٻيو انسانيت جي تربيت ڪرڻ آهي ۽ معاشري کي اڳتي هلائڻ آهي ته جيئن انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ٿي سگھي.

مهم ترين جيڪا انسان جي معاشري ۾ مشڪل آهي ته اسان جي جوانن جو مناسب عمر ۾ شادي نه ڪرڻ آهي اڄ ڪالھ انسان نوڪري، تعليم ۽ ٻين مشڪلن جي ڪري ان طرف توجھ تمام گھٽائي ڇڏي آهي ۽ اسان جا جوان شادي نه هجڻ جي ڪري جسماني، روحاني، ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا، هڪ عورت کي جي باري ۾ ڏٺو وڃي ته اها مڙهائي جو بهانو ڪري ۽ چون ٿا ته ان جي شادي جو وقت اڃا نه آيو آهي اهڙي نموني هڪ ڇوڪرو به نوڪري نه هجڻ جي ڪري يا مالي مشڪلن جي ڪري شادي نه ٿو ڪري ته اسان جي هي جوان نسل اسان جي اڳيان گمراهي جي پاسي وڃي رهي آهي، جوان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ گمراهي جو رستو اختيار ڪن ٿا. جڏهن انسان جي ڪاميابي ان جو ايمان ۽ اخلاق آهي ان جي باري ۾ پاڪ رسول (ص) جن فرمائن ٿا ته:

 اذا جاءَکم من ترضون خلقه ودينه فزوّجوه و الا تفعلوه تکن فتنة في الارض و فساد قريب

جيڪڏهن ڪو به توهان وٽ توهان جي نياڻي جو رشتو وٺڻ اچي ته جيڪڏهن اوهان ان جي اخلاق ۽ دين کان راضي آهيو ته پنهنجي ڌيءُ کيس نڪاح ۾ ڏيئي ڇڏيو جيڪڏهن ائين نه ڪندؤُ ته زمين ۾ فساد ٿي پوندو.

ب: شادي جو ٻيو هدف اهو آهي ته شيطان جي وسوسن ۾ اچي ڪري انسان الله سائين جي معصيت نه ڪندو جنهن جي باري ۾ نبي ڪريم(ص) جن فرمائن ٿا ته:

جنهن انسان پنهنجي مناسب عمر ۾ شادي ڪئي ته شطان به ائين چوندو آهي ته هن انسان پنهنجو دين بچائي ورتو.

شادي ڪرڻ جا فائدا

دوستي ۽ محبت:

وَمِنْ آيَاتِهِ أَنْ خَلَقَ لَكُم مِّنْ أَنفُسِكُمْ أَزْوَاجًا لِّتَسْكُنُوا إِلَيْهَا وَجَعَلَ بَيْنَكُم مَّوَدَّةً وَرَحْمَةً إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ.[1]

۽ سندس نشانين مان ھيءُ (به) آھي جو اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ته انھن سان آرام وٺو ۽ اوھان جي وچ ۾ پيار ۽ ٻاجھ پيدا ڪيائين، بيشڪ ھن ۾ اُنھيءَ قوم لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان رکندا آھن.

ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جڏهن انسان شادي جهڙي مقدس رشتي ۾ جڙجي وڃي ٿو ته اهو محبت جو بنياد آهي ڇو جو اها محبت ئي ته آهي جو انسان شادي کان پوءِ وڏين مشڪلن کي منهن ڏيئي وڃي ٿو اسان کي ان ڏانهن به توجھ ڪرڻ گھرجي ته اسان کي محبت ۽ دوستي جو به اظهارڪرڻ گھرجي، مڙس ۽ زال جي زندگي کي خوب ۽ تمام سهڻو ڪري ٿو.

حُسنِ معاشرت:

زندگي جي اصولن مان مهم ترين اصول هي به آهي ته شادي کان پوءِ زال ۽ مڙس جي لاءِ ضروري آهي ته پاڻ ۾ حسي معاشرت ڪن، هڪ ٻئي سان سٺي نموني پيش اچن ۽ سٺو اخلاق اختيار ڪن، ان سان انهن جي زندگي آرام ۽ سڪون سان گذرندي، قرآن ۾ به ان جي باري ۾ تمام گڻي تاڪيد سان آيل آهي ته:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ لاَ يَحِلُّ لَكُمْ أَن تَرِثُواْ النِّسَاء كَرْهًا وَلاَ تَعْضُلُوهُنَّ لِتَذْهَبُواْ بِبَعْضِ مَا آتَيْتُمُوهُنَّ إِلاَّ أَن يَأْتِينَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ وَعَاشِرُوهُنَّ بِالْمَعْرُوفِ فَإِن كَرِهْتُمُوهُنَّ فَعَسَى أَن تَكْرَهُواْ شَيْئًا وَيَجْعَلَ اللّهُ فِيهِ خَيْرًا كَثِيرًا .[2]

اي ايمان وارؤ! اوھان کي زالن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نه آھي، ۽ نڪي سندن پڌري گناہ ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو ته جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ ورائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نه وڻن ته (ڌيرج ڪريو ڇوته) جا شي اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ٿيڻي آھي ته الله گھڻي چڱائي ڪري.

جهڙي طرح امام خميني(رح) جن به ترمام گھڻيون مشڪلات ڏٺيون پر ڪڏهن به پنهنجي همسفر سان غلط رويو اختيار نه ڪيو ۽ هميشه انهن سان سٺي اخلاق سان پيش آيا.

احترام متقابل:

زال ۽ مڙس جي لاءِ ضروري آهي ته پنهنجون حرڪتون ، دوستي، عشق، محبت تواضَع جي دائري ۾ هجڻ گھرجي.

عورت جي حقيقت کي ڏسجي ته کيس خلقت لطيف، نفيس، منبع عشق ۽ حيا و شرم تي ٿيل آهي تنهن ڪري مڙس کي گھرجي ته پنهنجي زال سان اخلاق ۽ پيار محبت سان پيش اچي ۽ زال کي به اهو خيال رکڻ گھرجي ته مرد  قوي آهي ۽ پنهنجي زال نه بلڪه گھر جون تمام ذميداريون ان جي ڪلهن تي آهن بس تنهن ڪري انهن ٻنهي کي گھرجي ته هڪ ٻئي سان اخلاق محبت ۽ سٺي رويي سان پيش اچن ته جيئن هن دنيا ۾ به سٺي زندگي گذارن ۽ آخرت جو به ثواب حاصل ڪري سگھن.

رعايت ۽ آراستگي:

نبي پاڪ (ص) جن فرمائن ٿا ته: جهڙي نموني هڪ عورت لاءِ لازمي آهي ته اُها پنهنجي مڙس جي لاءِ هر وقت تيار رکي ائين ئي مرد جي لاءِ به ضروري آهي ته هو به ان جي لاءِ هر وقت تيار رهي.

ته پوءِ اهي ٻئي پاڻ کي هڪ ٻئي جي لاءِ تيار ۽ خوبصورت رکن ٻئي خوشبوءِ هڻن.

 ۽ انهن ڳالهين کي هلڪو نه سمجھيو وڃي ان جي اسلام ۾ وڏي عظمت ۽ فضيلت آهي ايتري قدر جو عورت تي واجب آهي ته هو گھر جو هر لحاظ کان خيال رکي جيڪڏهن همسفر انهن ڳالهين جو خيال نه رکندا ته ڪڏهن به هڪ ٻئي جي اهميت جا قائل نه ٿيندا.

هر مشڪل تي صبر ڪرڻ:

هڪ مرد ۽ عورت جي لاءِ ضروري آهي ته شادي کان پوءِ جيڪڏهن ڪا مشڪل پيش اچي ته ان تي ٻئي صبر ڪن ۽ ان مشڪل کي ٻئي ملي ڪري حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، شڪايت يا بهاني بازي ڪرڻ اهي ٻئي شيون انسان جي اعتبار کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. ان جي ڪري عورت جي لاءِ ضروري آهي ته اها صبور (صبر ڪرڻ واري) هجي ڪنهن به ڪم ۾ جلدي فيصلو نه ڪري مثال جي طور جڏهن مڙس گھر اچي ته ان کي چوي ته تون ڪا به مسئوليت صحيح طور تي انجام نه ڏئين ٿو ۽ گھر ۾ سامان نه آهي ان عورت کي گھرجي ته پنهنجي شوهر سان اخلاق سان پيش اچي پنهنجي پوري مشڪل بيان ڪري ۽ صبر ڪري ۽ ڪنهن به ڪم ۾ جلد بازي منجھان ڪم نه وٺي.

هڪ ٻئي کي اهميت ڏيڻ:

پاڻ سڳورن(ص) جن فرمائن ٿا ته: هڪ انسان جو پنهنجي همسفر سان گڏ ويهڻ منهنجي نظر ۾ اعتڪاف ۾ ويهڻ کان وڌيڪ ثواب آهي.

معلوم ٿي ويو ته شادي ڪرڻ ۽ پنهنجي همسفر سان پنهنجي پوري زندگي گذارڻ جي اسلام گھڻي کان گھڻي تاڪيد ڪئي آهي ته هڪ ٻئي جي چاهتن کي به اهميت ڏيڻ کپي تڏهن ته انسان جي زندگي امام علي(ع) ۽ بيبي فاطمه(س) جن جي اصولن مطابق گذرندي.

آخر ۾ ڌڻي در اها دعا آهي ته الله سائين اسان کي انهن جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ انهن جي زندگي منجھان درس حاصل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

والسّلام

 

[1]_ سورت روم آيت 21

[2]_ سورت النّساء آيت 19

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي