جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

ڪٽنب واري ڪورٽ (قسط 11)

 

وَ إِنْ خِفْتُمْ شِقَاقَ بَيْنهِِمَا فَابْعَثُواْ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِ وَ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَا إِن يُرِيدَا إِصْلَاحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَيْنهَُمَا إِنَّ اللَّهَ كاَنَ عَلِيمًا خَبِيرًا

جيڪڏهن اوهان کي زال، مڙس ۾ اڻبڻت جو انديشو هجي ته مرد جي ڪٽنب مان هڪ امين مقرر ڪيو ۽ هڪ امين زال جي ڪٽنب مان، جيڪڏهن ٻنهي جي ٺاهه واري نيت هوندي، ته الله انهن ۾ ٺاھ پيدا ڪندو، ڇاڪاڻ ته الله (هڙني نيتن) کان با خب

ر (۽) آگاهه آهي. 

تفسير: مذڪوره آيت زال، مڙس وچ ۾ اڻبڻت کي ختم ڪرڻ ۽ طلاق جي روڪ ٿام لاءِ، ڪٽنب جي اندر پنهنجي ڪورٽ ۽ عدالت قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي، ان داخلي ڪورٽ ۽ عدالت جون هيٺيون خاصيتون آهن.

·ٽياڪڙ، پنهنجي خاندان مان هجن، ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان معامرو (معاملو) خير سلهه سان پڄاڻي تي پهچندو.

·ان ڪورٽ لاءِ بجيٽ جي به لوڙ ڪانهي.

·ان ڪورٽ ۾ مذڪوره ڪيس، جلدي ۽ سستو گهمڻ گهيرن کانسواءِ ئي نبيرجي ويندو.

·ان ڪورٽ جا راز غيرن تائين نه پهچندا، بلڪه اختلافي مسئلا پاڻت ۾ ئي حل ٿي ويندا.

·ٽياڪڙ، پنهنجي ئي قانون منجهان آهن، سو مٿن ڀروسو وڌيڪ ڪري سگهجي ٿو.

امام صادق (ع) کان فابعثو حکيماً جي باري م سوال ڪيو ويو، پاڻ فرمايائون: ٽياڪر طلاق جو حڪم نٿا ڏئي سگهن البته پنهنجي ڌرين جي راضپي سان طلاق جو حڪم ڏئي سگهن ٿا.

آيت جا اَمَرَ پيغام:

1.فتني ٿيڻ کان پهريان ئي علاج جو بندوبست ڪجي، جيتوڻيڪ زال، مڙس جي الڳ ٿيڻ جو انديشو به هجي ته، ضروري اپاءَ ورتا وڃن. (ان خفتم)

2.زال، مڙس جي ڦڏي کان پهريان ئي اجائي دخالت نه ڪجي. (ان خفتم)

3.زال، مڙس هڪ پيڪر ۽ جسم جا ٻه روح آهن، ڇاڪاڻ ته لفظ شقاق تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن هڪ شيءَ جي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪجي.

4.طلاق ۽ جدائي ڀؤ جهڙي ڳالهه آهي ( خفتم شقاق).

5.زال، مڙس جي ٺاهه لاءِ جلد اپاءَ ورتا وڃن، ”فا“ جو حرف ”فابعثوا“ ۾ جلدي ڪرڻ جو مفهوم بيان ڪري ٿو.

6.خاندان جي اختلاف، بابت سماج جي به مسئوليت آهي، سماج بي طرف نٿو رهي سگهي (وَ إِنْ خِفْتُمْ شِقَاقَ بَيْنهِِمَا فَابْعَثُواْ).

7.مٽ مائٽ خانداني اختلاف ۾ سڀني کان وڌيڪ مسئوليت رکن ٿا.

8.زال مڙس ٽياڪڙ جي انتخاب ۾ خود مختيار آهن. (حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِ وَ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَا)

9.پنهجي معاشري ۽ سماج جي ماڻهن تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو. (فَابْعَثُواْ حَكَمًا .........)

10.ماڻهن جا مسئلا، انهن جي وسيلي ئي حل ڪرڻ گهرجن (فَابْعَثُواْ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِ)

11.زال مڙس جي صلح ۽ ٺاهه ڪرائڻ کان نا اميد نه ٿئجي.

12.. اجايو رائي جو پهاڙ نه ٺاهيون، هڪ هڪ ٽياڪڙ ڪافي آهي. (حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِ وَ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَا)

13.اسلام صحتمند ۽ صحيح مشوري ۽ جرڳي جي اهميت جو قائل آهي (البته انجو مقصد اهو ناهي ته ناحق ۽ غلط جرڳا صحيح آهن جهڙوڪ گهڻي ڀاڱي اسان جي ملڪ ۾ رائج جرڳا ناحق آهن. (حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَا).

14.هڙئي مسئلا، ڪورٽ ڪچهرين ۾ نه کڻي وڃجن بلڪه ڪي مسئلا پاڻ ۾ به نبيرجن. (فَابْعَثُواْ حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهِ)

15.جتي به حق ۽ حقوق جي ڳالهه آهي، پنهنجي ڌرين کي هجڻ گهرجي. (حَكَمًا مِّنْ أَهْلِهَا).

16.ٻنهي ڌرين کي ٽياڪڙن جو فيصلو مڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٽياڪڙ جي انتخاب جو لازمي نتيجو انجي ڳالهه مڃڻ آهي.

17.امين ۽ ٽياڪڙ جي انتخاب ۾، ان جي مهارت، رازداري ۽ اصلاح طلب هجڻ ضروري آهي. (ان يريد اصلاحاً).

18.جتي به نيڪ نيتي چڱن ڀلائي هوندي، اتي رب پاڪ جي امداد به ايندي ( يوفق الله)

19.دليون ربّ پاڪ جي هٿ آهن (يوفق الله بينهما)

20.رڳو پنهجي ڏاهپ ۽ تدبير تي مغرور نه ٿيڻ گهرجي، توفيق رب پاڪ کان ئي گهرڻ گهرجي. (يوفق الله)

21.ان داخلي ڪورٽ جي تدبير جي اصل ۽ بنياد ،رب پاڪ جي حڪمت ۽ دانائي آهي. (عليماً خبيراً)

22.ڀلي نيت هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته الله سائين نيتن کان به آگاهه آهي. ِنَّ اللَّهَ كاَنَ عَلِيمًا خَبِيرًا)

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي