اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

وحدت اسلامي جي ضرورت (1)

وحدت، اتحاد، ايڪو ۽ ٻڌي انهن لفظن منجهان آهن جن کي تمام گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي، هر عقلمند انسان انهن جي اهميت کان واقف آهي، ڪنهن ديواني کانسواءِ ڪوبه ان جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهي. عام چوڻي آهي ته” ٻه ته ٻارنهن“. ڪو به عظيم مقصد ٻڌي کانسواءِ حاصل نٿو ڪري سگهجي،

ڪا به اقليت جيڪڏهن اتحاد ۽ ٻڌي جي ڌاڳي ۾ پوئجي ڪنهن اڪثريت جي مقابلي ۾ اچي ته ڇڙوڇڙ اڪثريت کي آسانيءَ سان شڪست ڏئي سگهي ٿي ۽ پاڻ کي دنيا ۾ مڃرائي سگهي ٿي. جنهن جو واضح ۽ روشن مثال اسلام جي آغاز جو عظيم دور آهي، ان دور ۾ ڪئين مقصد تي ايمان، رهبر جي اطاعت ۽ مثالي ايڪتا ۽ ٻڌي وسيلي 313 مسلمان جيڪي جنگي ساز ۽ سامان کان خالي لشڪر ،مڪمل تيار ٿي ايندڙ هزار جي مسلح لشڪر کي شڪست ڏني.

اتحاد، ايڪتا ۽ ٻڌي جي انهيءَ اهميت جي ڪري ئي قرآن مجيد ڪيترين ئي آيتن ۾ ان جو حڪم ڏنو آهي، ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان روڪيو آهي. ٻڌي جي فائدن کي بيان ڪيو آهي جن مان هڪ هي آهي ته ايڪو الله سائين جي خاص نعمت آهي. جنهن جو بيان الله سائين پنهنجي معجزاتي ڪلام ۾ فرمايو آهي سندس ارشاد آهي: وَ اذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ كُنْتُمْ أَعْداءً فَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِكُمْ فَأَصْبَحْتُمْ‏ بِنِعْمَتِهِ إِخْواناً وَ كُنْتُمْ عَلى‏ شَفا حُفْرَةٍ مِنَ النَّارِ فَأَنْقَذَكُمْ مِنْها كَذلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمْ آياتِهِ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ[1] ۽ پاڻ تي خدا جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهين (هڪ ٻئي جا دشمن هئا. پوءِ اوهان جي دلين ۾ محبت وڌائين. پوءِ اوهين سندس نعمت جي ڪري ڀائر ٿي پيا، ۽ اوهين (ڄڻ ته) باھ جي هڪ بٺي (دوزخ) جي ڪناري تي (بيٺا) هئا ۽ ڪرڻ تي هئا ته خدا اوهان کي بچائي ورتو اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا کليل حڪم بيان فرمائي ٿو (ته) من هدايت وارا ٿيو.

ها! دلين کي ڳنڍڻ ۽ سيني کي ساڙ کان پاڪ ڪري محبت سان ڀرڻ خدا جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو جنهن کي ڪنهن به قيمت تي انجام نٿو ڏئي سگهجي. وَ أَلَّفَ‏ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ لَوْ أَنْفَقْتَ ما فِي الْأَرْضِ جَميعاً ما أَلَّفْتَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ وَ لكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ‏ بَيْنَهُمْ إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ؛ [2] ۽ انهيءَ انهن (مسلمانن) جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا ڪئي جو جيڪڏهن جيڪي زمين آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته تڏهين به انهن جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا نه ڪري سگهين ها. پر اهو خدا ئي هو جنهن انهن ۾ الفت پيدا ڪئي. بيشڪ اهو زبردست حڪمت وارو آهي.

دين جا ڪيترائي حڪم ان ايڪتا ۽ وحدت کي ايجاد ڪرڻ لاءِ فرض ڪيا ويا آهن جهڙوڪ هڪ زبان ۾ الله جي عبادت ڪرڻ، يا حج جنهن جي لاءِ مولا علي عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا: الحج تقوية للدين، حج دين جي مضبوطي جو وسيلو آهي.

اسلام جي تعريف

هڪ اهم سوال هي آهي ته آخر اسلام جو معيار ڇا آهي؟ اها ڪهڙي ترازو آهي جنهن جي بنياد تي اسان ڪنهن کي مسلمان ۽ غير مسلمان چئي سگهون ٿا.

ان حوالي سان بخاري رسول خدا کان نقل ڪري ٿو: من شهد لا اله الا اللّه و استقبل قبلتنا و صلی صلاتنا و اکل ذبیحتنا فذلک المـسلم...[3] جيڪو به اها گواهي ڏئي ته الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، اسان جي قبلي ڏانهن منهن ڪري، اسان واري نماز پڙهي، اسان جو ڪٺل جانور کائي اهو مسلمان آهي.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام ظاهر تي لاڳو ٿئي ٿو، شهادتين وسيلي ڪو به مسلمان ٿئي ٿو ته انهن جي ئي انڪار سان اسلام مان خارج ٿيندو. ابن حجر عسقلاني ان حديث جي وضاحت ۾ لکي ٿو: :«و فیه دلیل علی قبول الأعمال‌ الظاهرة‌ و الحـکمبما‌ یـقتضیه‌ الظاهر‌؛[4] ان ۾ دليل آهي ته ظاهري عمل قبول آهي ۽ ظاهر مطابق ئي حڪم لڳايو ويندو.

اسامه جو چوڻ آهي ته: رسول الله اسان کي ڪنهن جنگ لاءِ موڪليو اسان صبح جو ساجهر حرقات رستي جهنيه قبيلي وٽ پهتاسين. مون ڪنهن ماڻهو کي ڏٺو جنهن لا اله الا الله چيو پر وري به مون نيزو هڻي ماري ڇڏيو. پوءِ اچي خيال آيو ڪٿي مون غلط ته نه ڪيو آهي. جڏهن واپس آياسين ته مون رسول اڪرم کي سڄي داستان ٻڌائي، حضرت فرمايو: ڇا ان ڪلمو پڙهيو پوءِ به تو ان کي ماري ڇڏيو. مون عرض ڪيو: الله جا رسول! ان اسلحي جي ڊڄ کان ڪلمو پڙهيو هوندو، حضرت فرمايو: ڇا ان جو دل نه ڦاڙي ته جئين تو کي ڄاڻ ملي ها ته ان به ڪلمو پڙهيو يا نه؟ پاڻ سڳورن اها ڳالھ ايترا ڀيرا ورجائي جو مان تمنا ڪرڻ لڳس ته ڪاش ان ڏينهن مسلمان ٿيان ها،[5] (مطلب ته اسلام جي حالت ۾ اهڙو عمل نه ڪريان ها)

نووي ان جي وضاحت ان ريت ڪئي آهي ته: ان حديث جي معنى اها آهي ته انسان کي ظاهر تي عمل ڪرڻو آهي، زبان تي اعتبار ڪرڻو آهي؛ ڇو جو دل جي ڳالھ کان ڪو به آگاھ ۽ واقف نه آهي. رسول جن ان کي ان ڪري ٽوڪيو جو ان زبان جي اظهار تي عمل نه ڪيو هو. [6]

امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: الْإِسْلَامُ شَهَادَةُ أَنْ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَ التَّصْدِيقُ بِرَسُولِ اللَّهِ (ص) بِهِ حُقِنَت الدِّمَاء وَ عَلَيْه جَرَت الْمَنَاكِح وَ الْمَوَارِيث وَ عَلَى ظَاهِرِهِ جَمَاعَةُ النَّاسِ وَ الْإِيمَانُ الْهُدَى وَ مَا يَثْبُتُ فِي الْقُلُوبِ مِنْ صِفَةِ الْإِسْلَامِ و مَا ظَهَرَ مِنَ الْعَمَلِ بِه؛[7] اسلام هي گواهي ڏيڻ آهي ته الله کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، ۽ رسول الله جي تصديق ڪجي، ان وسيلي ئي جان محفوظ ٿي ويندي، نڪاح ۽ ميراث ثابت ٿئي ٿي، ماڻهن جو اتفاق ان جي ظاهر تي ئي آهي. 

تڪفير جو حرام هجڻ

دين مبين اسلام اسلامي ڀائيڇاري لاءِ مسلمان کي مسلمان جو ڀاءُ ڄاڻايو آهي، ان بنياد تي ڪنهن به مسلمان کي نٿو جڳائي ته هو ڪنهن مسلمان کي ڪافر چوي، قرآن مجيد ان کي تمام وڏو گناھ ڪوٺيو آهي.

یا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِذَا ضَرَبْتُمْ فِي سَبِيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنُوا وَ لاَ تَقُولُوا لِمَنْ أَلْقَى إِلَيْكُمُ السَّلاَمَ لَسْتَ مُؤْمِناً تَبْتَغُونَ عَرَضَ الْحَيَاةِ الدُّنْيَا فَعِنْدَ اللَّهِ مَغَانِمُ كَثِيرَةٌ كَذلِكَ كُنْتُمْ مِنْ قَبْلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيْكُمْ فَتَبَيَّنُوا إِنَّ اللَّهَ كَانَ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرا[8] اي ايمان وارو! جڏهن اوهان خدا جي راھ ۾ (جهاد ڪرڻ لاءِ) سفر ڪيو ته (ڪنهن جي قتل ڪرڻ ۾ جلدي نه ڪندا ڪريو) (پر) چڱي طرح جاچ ڪندا ڪيو ۽ جو (شخص اسلام ظاهر ڪرڻ لاءِ) اوهان کي سلام ڪري ته اوهين بنا سوچ ويڇار جي هينئين نه چوندا ڪريو ته تون ايماندار نه آهين. (ان مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته اوهين دنيا ميڙڻ جي تمنا رکو ٿا (ته ان بهاني ڪهي ۽ سندس مال ڦريون ۽ هي نٿا خيال ڪن) ته ائين آهي ته خدا وٽ ڪيئي مال غنيمت جا آهن (مسلمانو!) شروع ۾ توهان به ته اهڙا هئا پوءِ خدا اوهان تي احسان ڪيو جو (بنا کٽڪي مسلمان ٿيا) مطلب ته چڱي طرح سوچي سمجهي (قسم کڻندا) ڪريو بيشڪ خدا اوهان جي هر هڪ ڳالھ کان خبردار آهي.

علامه طبرسي ان جي تفسير ۾ لکن ٿا: «وَ لا تَقُولُوا لِمَنْ أَلْقى‏ إِلَيْكُمُ السَّلامَ جيڪو به ملسمانن وانگر اوهان مٿان سلام ڪري، ان کي ائين نه چئو ته تو ايمان نه آندو آهي.

بنيادي طور تي تڪفير جي هجڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ ناهي پر ڪجھ ماڻهو اسلام جي تعريف اهڙي ته تنگ ڪن ٿا جو ٻيا مسلمان ئي نه ٿي سگهن، تنهن ڪري اهو چون ٿا ته اهي ته اسلام ۾ داخل ئي نه ٿيا آهن، انهن کي ڪافر چوڻ حرام ٿوري آهي. پر حقيقت ۾ اهو پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي.

صحيح بخاري جي ڪتاب فتن ۾ روايت آندي آهي ته رسول اڪرم جن فرمايو: « لاترجعوا بعدی کفارا یضرب بعضکم رقاب بعض مون کان پوءِ ڪافر نه ٿجو جو هڪٻئي کي ڪهندا وتو.

محمد ناصر الباني لکي ٿو: تڪفير جو مسئلو عام طور تي رڳو حاڪمن لاءِ نه بلڪ رعيت لاءِ به تمام وڏو فتنو آهي، جنهن کي هڪ تمام قديمي فرقي قبوليو آهي جيڪي خوارج جي نالي سان مشهور آهن. اهي پاڻ کان سواءِ ڪنهن کي به مسلمان نٿا سمجهن.[9]

اسلامي وحدت جي معنى ۽ مفهوم

اسان مان هر هڪ کي خبر آهي ته مسلمانن جا ڪيترا ئي مذهب ۽ فرقا آهن، پنهنجي جاءِ تي هر ڪو اها ئي دعوى ڪري ٿو ته اسان ئي حق تي آهيون. الله ۽ رسول جو سچو دين اسان وٽ آهي، اسلام جا حقيقي نمائندا ۽ ترجمان اسان ئي آهيون. دين اسلام جي فڪري سرچشمن قرآن ۽ سنت کي صحيح نموني اسان ئي سمجهيو آهي وغيره.

پر اسان جڏهن وحدت ۽ اتحاد جي ڳالھ ڪريون ٿا ته ان مان اها مراد نه آهي ته مسلمان گڏجي ڪري ڪنهن مذهب يا فرقي کي حق سمجهي سڀئي ان جا پيروڪار بڻجي وڃن؛ ڇو جو نظرياتي اختلاف ختم ٿيڻ وارا نه آهن . اصل برائي ته فرقيوارانه تعصب، طاقت جي ناجائز استعمال، ٻين خلاف غير اخلاقي زبان استعمال ڪرڻ، بلڪ ٻين کي مرڳو دين مان ئي خارج سمجهڻ ۾ آهي. اسلام جهڙي آفاقي دين کي پنهنجي فڪر ۾ منحصر ڄاڻڻ تنگ نظري ۽ ناداني کانسواءِ ڪجھ به ناهي.اصل ۾ دين پاڻ ديندار ۽ مسلمان هجڻ جا بنيادي اصول بيان ڪيا آهن، دين پاڻ تاڪيد ڪيو آهي ته فرعي، جزوي ۽ معمولي اختلاف دين مان خارج ٿيڻ جو سبب نٿا ٿين. بلڪ جنهن به انهن بنيادي عقيدن جو اظهار ڪيو اهو مسلمان آهي ۽ ان مٿان اسلام جي حڪم لاڳو ٿيندا، کيس مسلمان جوڳي عزت ڏني ويندي.

اسلام جي مفڪر استاد شهيد مطهري لکيو آهي ته : اسلامي وحدت مان مراد ڇا آهي؟ ڇا هيءَ مراد آهي ته اسلامي مذهبن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪئي وڃي ۽ ٻين کي ختم ڪيو وڃي؟ يا هي مراد آهي ته سڀني مذهبن ۽ فڪري مڪتبن جا مشترڪ اصول ورتا وڃن ۽ اختلافي مسئلن کي پاسي تي رکيو وڃي ۽ نئون مذهب اهڙي نموني ٺاهيو وڃي جو موجودھ ڪنهن به مذهب وانگر نه هجي؟ يا مراد هي آهي ته اسلامي مذهب اختلاف جي باوجود ڌارين جي مقابلي ۾ هڪ ٿين. اسلامي وحدت جا مخالف، اسلامي وحدت کي غير منطقي ۽ ناقابل عمل ڄاڻائڻ لاءِ ان جي مذهبي وحدت جي نالي سان توجيھ ڪن ٿا جيئن پهرين مرحلي ۾ ئي شڪست کائي.[10]

اڄ مسلمانن جي آبادي هڪ ارب کان به مٿي آهي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ سندن حڪومت آهي، دنيا جي پاڻي جا وڏا ذخيرا مسلمانن وٽ آهن، اهم معدني وسيلا الله سائين مسلمانن کي عطا ڪيا آهن پر دشمن انهن کي ڦٻائڻ لاءِ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ چاهي ٿو. انهن جي ته اها ڪوشش آهي ته هڪ مسلمان، ٻئي کي مسلمان ئي نه سمجهي، مسلمان کي ڪافر سمجهي، ان جي رت کي حلال سمجهي، ان جي ناموس کي حلال سمجهي، مسلمان اسلام جي نالي تي مسلمان خلاف جهاد ڪري. افسوس جي ڳالھ آهي ته اڄوڪي دور ۾ اهي سڀ ڳالهيون عملي ٿيندي ڏسون پيا. اڄ مسلمانن جي هٿان مسلمانن جو رت وهايو پيو وڃي.

اسلامي وحدت ۾ رڪاوٽون

هاڻي سوال هي آهي ته دين جي ايتري تاڪيد، وحدت جي ايتري اهميت کان پوءِ به اسان ڇڙوڇڙ ڇو آهيون؟ اسان هڪ ٻئي کي برداشت ڇو نٿا ڪريون، هڪ ٻئي کي ڀائر سمجهي هڪٻئي جي مسئلن کي پنهنجو مسئلو ڇو نٿا سمجهون، ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. پر ڇو جو ان کان به وڌيڪ اهميت راھ حل جي آهي ۽ اسان ان تي گهڻو بحث ڪنداسون تنهنڪري رڪاوٽن کي رڳو ناليوار ذڪر ڪري بحث کي اڳتي وڌائينداسون.

1.عالمي استڪبار ۽ ٻاهرين طاقتن جون سازشون

مسلمانن جي اختلاف، رواداري جي نه هجڻ جو بنيادي سبب دشمنن جو سازشون آهن. اڄ انهيءَ فارمولي تي عمل ٿو ڪيو وڃي ته ويڙاهيو ۽ حڪومت ڪريو، مسلمانن کي هڪٻئي جو ويري بڻائي انهن جي عظيم ذخيرن تي قبضو ڪري سگهجي ٿو.

2. هڪٻئي خلاف بدگماني

هڪٻئي خلاف بدگماني، نفرت، ساڙ ۽ انتقامي ڪارواين جو باعث ٿئي ٿي. ۽ اسان کان انصاف جي سگھ کسي وٺي ٿي جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ٻين جون سچيون ڳالهيون ۽ سهڻا عقيدا به اسان کي برا لڳن ٿا.

3.نيم ملن جي جاکوڙ

مشهور چوڻي آهي ته نيم حڪيم مان جان جو خطرو ته نيم ملان مان ايمان جو خطرو هوندو آهي. اهي نيم ملا پنهنجي ماني ٽڪر لاءِ ٻين جون ڪجھ معمولي ڳالهيون کڻي انهن ۾ لوڻ مرچ وجهي اهڙي نموني پيش ڪن ٿا جو ٻڌڻ وارن جا دل نفرت مان ڀرجي وڃن ٿا. اهي هر ننڍي وڏي فرعي ۽ جزئي مسئلي کي ايمان ۽ ڪفر جو مسئلو بڻائي ڇڏين ٿا.

4.سهپ ۽ رواداري جو فقدان

نظرياتي اختلاف کي فتني فساد ۾ تبديل ڪرڻ جو اهم ڪارڻ سهپ ۽ برداشت جي مادي جو نه هجڻ آهي. اسان ايترا ته تنگ نظر بڻجي ويا آهيون جو ٻيو ڪو اسان کي نظر ئي نٿو اچي، ڪنهن ٻئي جي ڳالھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار ئي ناهيون. اسان نظرياتي اختلاف تي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ٿا.

هلندڙ...........

 

[1] سورت آل عمران، آيت103.

[2] سورت انفال، آيت63.

[3] صحيح بخاري، ج1، ص109، باب فضل استقبال القبله

[4] فتح الباري، ج1، ص77.

[5] صحيح بخاري، کتاب الايمان.

[6] شرح صحيح مسلم، ج2، ص104.

[7]

[8] سورت نساءَ، آيت94.

[9] فتنة التکفير، ص14.

[10] شش مقاله، ص212.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي