Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

وحدت اسلامي جي ضرورت (2)

حل

پالڻهار هر مسئلي جو حل به خلقيو آهي، جيڪڏهن بيماري آهي ته ان جو علاج به آهي، جتي جسماني بيمارين جا علاج ۽ نسخا آهن ته اتي معنوي ۽ روحاني بيمارين لاءِ به نسخا موجود آهن خاص طور تي قرآن مجيد ته آهي ئي معنوي بيمارين جي شفا.

 

1. هر مذهب کي ان جي اصلي مآخذن مان سمجهڻ

جيڪڏهن اسان مسلمان ايڪتو گهرون ٿا ته ان لاءِ اسان کي هڪٻئي جي عقيدن کي صحيح سمجهڻو پوندو، جيئن ڪنهن تي ڪا تهمت نه لڳي. انهن جي نظرئي خلاف ڪنهن شي جي انهن ڏانهن نسبت نه ڏني وڃي. ان سان ڪنهن به مذهب جي صحيح عقيدي جي ڄاڻ ملندي باقي جيڪڏهن ڪنهن شخص يا عالم بلڪ نيم عالم يا ملان جي ڳالھ کي دين ۽ مذهب جو عقيدو ڪوٺينداسين ته هڪٻئي لاءِ نفرتون ئي پيدا ٿينديون جنهن سان فاصلا وڌندا.

مثال طور تي تحريف قرآن جو عقيدو آهي، جنهن جي نسبت گهڻو ڪري شيعن ڏانهن ڏني ويندي آهي، ان مسئلي تي جيڪڏهن شيعه محققن ۽ عالمن جي بنيادي ڪتابن جو مطالعو ڪبو ته پروڙ پوندي ته شيعه عالمن جي اڪثريت ان عقيدي کي نٿي قبولي. بلڪ اهو ته هڪ بهتان ۽ ڪوڙ آهي. باقي جيڪڏهن ڪوئي چوي ته شيعن جي فلاڻي ڪتاب ۾ اهو عقيدو بيان ٿيو آهي ته اسان جو  عرض هي آهي ته شيعن کان وڌيڪ گهڻيون ڳالهيون اهل سنت جي ڪتابن ۾ آهن، هاڻي اهي ڪا نه ڪا تاويل ڪندا، سوال اهو آهي ته اهڙي ئي تاويل اسان ٻين مڪتب فڪرن لاءِ ڇو فرض نٿا ڪريون. جيڪڏهن پنهنجي فقھ يا ڪنهن عقيدتي ڪتاب ۾ ڪا ڳالھ عقيدي جي برخلاف هجي ته ان جي توجيھ يا تاويل ڪندا آهيون پر جيڪڏهن ٻين جي ڪتابن جي ڳالھ هجي ته ان کي وڌائي پيش ڪندا آهيون بلڪ انهن کي دين مان ئي خارج سمجهندا آهيون. اها ته تنگ نظري ئي شمار ٿيندي.

مصر ۾ ڇپجندڙ مشهور رسالي ”الڪتاب“  جو مدير عادل غصبان، الغدير جي ٽئين جلد جي مقدمي ۾ لکي ٿو: هي ڪتاب شيعن جي منطق کي چٽو ڪري ٿو، اهل سنت هن ڪتاب وسيلي شيعن کي صحيح سمجهي سگهن ٿا، شيعن جي صحيح سڃاڻپ سبب ٿيندي ته شيعه ۽ اهل سنت هڪٻئي جي ويجهو اچن ۽ گڏجي ڪري هڪ صف تشڪيل ڏين.[1]

2. هڪٻئي لاءِ مثبت ۽ هاڪاري سوچ ويچار

اسلامي مذهبن جا گهڻا مسئلا هڪٻئي کان بدگماني ڪري پيدا ٿيندا آهن، رڳو ٻڌل ڳالهين تي ڀروسو ڪرڻ ۽ ٻين کي برو ڀلو سمجهڻ وغيره جي ڪري.جڏهن ته قرآن مجيد بلڪل واضح ۽ يقيني انداز ۾ هڪٻئي لاءِ بري سوچڻ ۽ بدگماني ڪرڻ کان روڪيو آهي، ارشاد آهي ته: یـا أیـّها‌ الّذیـن‌ آمـنوا اجتنبوا کثیرا من الظّنّ إنّ بعض الظّنّ إثم[2]؛ اي ايمان وارو! گهڻو شڪ ڪرڻ کان پاڻ کي بچائيندا رهو ڇو ته ڪي بدگمانيون گناھ آهن.

رسول اڪرم جي حديث آهي ته: ایاکم و الظن؛فان الظن اکذب الحدیث،و لا تحسسوا و لا تجسسواو لا تناجشوا و لا تحاسدوا و لا تدابروا و لا تباغضوا‌،و کونوا‌ عباد اللّه اخوانا،و لا‌ یحل‌ لمسلم ان یهجر اخاه فوق ثلاثة ایام[3]؛

 هڪٻئي لاءِ بدگماني کان پاسو ڪريو، ڇو جو بدگماني سڀني کان وڌيڪ ڪوڙي ڳالھ آهي، برو نه سوچيو، جاسوسي نه ڪريو، هڪٻئي سان ساڙ نه ڪريو، هڪٻئي کي پٺ نه ڏيو، الله جا ٻانهؤ ڀائر ٿي رهو، ڪنهن مسلمان لاءِ جائز نه آهي ته پنهنجي ڀاءُ کان ٽي ڏينهن ڪاوڙيل ڪري.

امام صادق عليه السلام کان روايت آهي: المسلم اخو المسلم و هـو عـینه و مرآته و دلیله،لا یخونه و لا یخدعهو لا‌ ظـلمه و لا یـکذبه و لا یغتابه[4]؛

مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ ، اک، آئينو ۽ رهنما آهي، مسلمان ڪڏهن به مسلمان سان خيانت نه ڪندو، ان کي ڌوکو نه ڏيندو، ان سان ڪوڙ نه ڳالهائيندو، ان جي گلا غيبت نه ڪندو.

شهيد مطهري لکن ٿا: اسلام، مسلمانن کان وحدت جي گهر ڪئي آهي، هينئر اهو ڏسڻو پوندو ته وحدت ان ۾ آهي ته مسلمان هڪ فرقي جي پيروي ڪن ۽ فرقو فرقو ٿيڻ سندن وحدت ۾ هاڃيڪار آهي يا جيڪا شي وحدت ۾ رڪاوٽ وجهي ٿي اها هڪٻئي بابت بدگماني آهي؟ اسان جي خيال ۾ صحيح جواب ٻيو آهي.[5]

3.عقيدي جي لوازمات کي اڻ ڏٺو ڪرڻ

ڪنهن به عقيدي جا ڪي لوازمات هوندا آهن، هاڻي جيڪڏهن ڪنهن مذهب جو ڪو عقيدو آهي ته ان عقيدي جي لوازمات جو مٿن حڪم نٿو لڳائي سگهجي. وحدت ۽ ايڪتا لاءِ ضروري آهي ته لوازمات کي اڻ ڏٺو ڪري ڇڏجي. مثال طور تي اشاعره جو عقيدو آهي ته انسان مجبور آهي جڏهن ته اماميه جو عقيدو آهي ته انسان خود مختار آهي، هاڻي هتي ڪو به شيعو نٿو چئي سگهي ته جبر جو عقيدو، قرآن جي خلاف آهي ۽ جيڪو به عقيدو، قرآن جي خلاف هجي، اهو خدا ۽ رسول جي خلاف آهي، ۽ اهڙو عقيدو رکڻ ڪفر آهي. تنهنڪري اشاعره ڪافر آهن. ۽ ڪافر کي قتل ڪرڻ جائز آهي. نه! نه! هرگز نه! ان استدلال کي ڪو به قبول نه ڪندو. ائين ته پوءِ هر مذهب ته ڇا بلڪ هر انسان پنهنجي فڪر جي مخالف کي ڪافر ڪوٺيندو، ان سان ته نه شريعت باقي رهندي ۽ نه ئي ڪو مسلمان.

هڪ ٻئي مثال عرض ڪريون. نبي پاڪ جي نياڻن جي انگ اکر بابت اختلاف آهي، ڪجھ جو چوڻ آهي ته نبي پاڪ کي هڪ ئي نياڻي سائڻ فاطمه (ع) هئي جڏهن ته ڪجھ چار نياڻن جو نظريو رکن ٿا. هاڻي جيڪي چار نياڻن کي مڃين ٿا انهن مان ڪي صاحب، ان جي انڪار کي ڪفر جو موجب ڄاڻين ٿا. مفتي عبد الرحيم سڪندري ”التحرير المقبول في اخبار اولاد الرسول“ڪتاب جي تقريظ ۾ لکيو آهي: انهن جو انڪار ڪرڻ بدبختي جي علامت ۽ محبوب ڪريم کي ايذاءُ ڏيڻ جي مترادف آهي، حضور کي ايذائيندڙ لاءِ قرآن مجيد ۾ هي سزا مقرر ڪئي آهي پوءِ وري لعنت واري آيت آڻن ٿا.

ابن تيميه جو چوڻ آهي: :«فلازم المذهب لیـس بمذهب‌ الا‌ ان‌ یستلزمه صاحب المذهب...[6]؛ مذهب جو لازمو، مذهب جي عقيدن جو حصو نه آهي، سواءِ ان جي جو مذهب وارو پاڻ ان کي حصو سمجهي. پر جيڪڏهن هو ان جو انڪار ڪري ۽ نفي ڪري ته ان جي ان ڏانهن نسبت ڏيڻ نسورو ڪوڙ آهي.

4.غلو کان پرهيز ڪرڻ

ان ۾ شڪ نه آهي ته هر مذهب ۾ ڪي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ان جي فضيلت وغيره ۾ غلو ۽ واڌاءُ ڪندا آهن، اسان کي گهرجي ته اهڙن کان پاسو ڪريون. پر ان کان اڳ اسان کي غلو جا مصداق معين ڪرڻا پوندا ته جئين اجايو ڪنهن تي غلو جي تهمت نه هڻون.

اهل سنت جو برک عالم حسن بن فرحان جنهن جو تعلق مالڪي مسلڪ سان آهي، هو پنهنجي ”قرائة في التحولات السنيه للشيعة“ نالي مقالي ۾ لکي ٿو: جڏهن تيجاني شيعن ڏانهن وڃي ٿو ته سنين جا غالي چون ٿا ته شيعه مولا علي جي عبادت ڪندا آهن، انهن جو رايو آهي ته جبرائيل وحي پڄائڻ ۾ غلطي ڪئي، شيعه مذهب اسلام کي ڇيهو رسائڻ چاهي ٿو، انهن جو ڪو ٻيو الڳ قرآن آهي، اهي اسلام سان ساڙ رکن ٿا، انهن جون شاديون زنا جي حڪم ۾ آهن، يا اهڙيون ڪي ٻيون تهمتون. بلڪ ايتريون جو ڪڏهن ته نوجوانن کي اسان جي سچائي بابت شڪ ۾ وجهي ڇڏن ٿا. جڏهن انهن کي حقيقت جي خبر پوي ٿي ته پنهنجن عالمن ۽ محققن تان ويساھ کڄي وڃين ٿو.

اهل سنت ٽئين صدي کان اڄ تائين شيعن جي مقابلي ۾ صحابي صڳورن جي شان ۾ غلو ڪندا آيا آهن. انهن رڳو اهي ئي آيتون ۽ حديثون نقل ڪيون جن ۾ صحابين جو شان بيان ٿيو آهي. اهڙين آيتن ۽ روايتن کي ڪڏهن به ذڪر نه ڪيو جن ۾ صحابين جي مذمت هئي.[7]

امام رضا به غلو جي مذمت ڪندي فرمائن ٿا: اي پالڻهار مان تنهنجي پناھ ٿو گهران ۽ انهن کان بيزار آهيان جيڪي اسان جي باري ۾ دعوى ٿا ڪن جنهن جا اسان حقدار نه آهيون پالڻهار مان تنهنجي بارگاھ ۾ انهن کان بيزاري جو اعلان ٿو ڪريان جيڪي اسان جي باري ۾ اهو ڪجھ چون ٿا جيڪو اسان پاڻ پنهنجي باري ۾ نٿا چئون. الله سائين خلقڻ تنهنجو ڪم آهي، روزي تون ٿو عطا ڪرين، اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گھرون ٿا. پالڻهار تون ئي اسان جو ۽ اسان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پالڻهار آهين، پالڻهار رب هجڻ  تو کي ئي جڳائي ٿو. معبود جي قابليت تون ئي رکين ٿو.

اڳتي فرمائن ٿا: جيڪو به اسان کي رب سمجهي اسان ان کان بيزار آهيون.[8]

  1. ظاهر مطابق حڪم لڳائڻ

اسلام، مسلماني جو معيار ظاهر کي قرار ڏنو آهي. جيڪو به اسلام جو اظهار ڪري ڪنهن کي به حق نه آهي ته ان کي ڪافر چوي. امت جا وڏا وڏا برک ۽ هاڪارا عالم انهيءَ راءِ جا قائل آهن. ذهبي لکي ٿو ته: ابو الحسن اشعري جون جڏهن آخري گهڙيون هيون ته ان زاهد بن احمد سرخسي کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چيو: گواهي ڏجانءِ ته مون قبلي وارن مان ڪنهن کي به ڪافر ناهي چيو؛ ڇو جو سڀ جا سڀ هڪ ئي معبود ڏانهن اشارو ڪن ٿا. باقي اختلاف ته رڳو عبارتن ۽ لفظن جو آهي.

اهڙي نموني ابن تيميه به حياتي جي آخري پساهن ۾ چيو: مان امت مان ڪنهن کي ڪافر نٿو چوان: هو چوندو هو رسول اڪرم فرمايو آهي ته هميشه وضوءَ ۾ وارو مومن ئي ٿي سگهي ٿو تنهن ڪري جيڪو به وضو ڪري نماز پڙهندو رهي اهو مسلمان آهي.[9]

6.ٻين مذهبن جي مقدس شين جي توهين نه ڪرڻ

اسلامي مذهبن جي هڪ ٻئي کان پري ٿيڻ ۾ سڀني کان اهم ڪارڻ هڪ ٻئي جي عقيدن ۽ مذهبي رهنمائن جي توهين ڪرڻ آهي؛ ڇو جو جڏهن به ڪنهن مذهب جي مقدس شين جي توهين ٿيندي نتيجي ۾ انهن جا احساسات ۽ جذبات زخمي ٿيندا ۽ انتقامي ڪاروائي ڪندي اهي وري مد مقابل جي مقدسات جي توهين ڪندا جنهن سان مذهبي نفرت وڌندي، هڪ ٻئي خلاف منفي جذبا جنم وٺندا. الله سائين قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو: :{/«و لا‌ تسّبوا الّذین یدعون مـن دون اللّه فـیسّبوا اللّه عـدوا بغیر علم»/[10] ۽ اهي (مشرڪ) جن جي الله کانسواءِ (خدا ڄاڻي ڪري) عبادت ڪندا آهن، انهن کي تون برو نه چئو نه ته اهي بي علميءَ سبب دشمني ڪري برو ڀلو چئي وهندا.

7.اسلامي اخلاق جي پابندي ڪرڻ

اڄوڪي دور جي مسلمانن جي هڪ وڏي اهم خامي اها آهي ته انهن عقيدن تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي جڏهن ته اخلاق کي بلڪل پاسي تي رکي ڇڏيو اٿن. اسان جيڪڏهن ماضي جي تاريخ تي نظر وجهون ته خبر پوندي اسلام جي ڦهلاءُ ۾ وڏو اهم ڪردار مسلمانن جي  اسلامي اخلاق جو رهيو آهي. نبي پاڪ(ص) جن جي ان پاڪ اخلاق ڪافرن ۽ مشرڪن جي پٿر دل کي ميڻ بڻائي ڇڏيو ۽ انهن جي سينن مان ساڙ کي ڪڍي محبت ڀري ڇڏي.

معاويه بن وهب روايت ڪري ٿو ته مون امام صادق(ع) کي عرض ڪيو: اسان ٻين مذهب وارن سان ڪئين ورتاءُ ڪريون جيڪي اوهان جي ولايت کي قبول نٿا ڪن؟ امام جن فرمايو: قال:تنظرون الی ائمتکم الذین تقتدون بـهمفتصنعون مـا یصنعون،فو اللّه انهم لیعودون مرضاهم و یـشهدون جنائزهمو یقیمون الشهادة لهـم و عـلیهم و یؤدون الأمانة الیهم[11]؛

پنهنجي امامن کي ڏسو سندن پيروي ڪريو، انهن سان اهو ئي سلوڪ ڪيو جيڪو اوهان جا امام ساڻن ڪندا آهن. الله جو قسم! توهان جا امام ته انهن جي بيمارن جي عيادت لاءِ ويندا آهن، سندن جنازن ۾ شريڪ ٿيندا آهن انهن جي فائدي يا نقصان ۾ گواھ بڻجندا آهن، سندن امانت سلامت موٽائي ڏيندا آهن.

  1. اهم مسئلن تي زور ڏيڻ

وحدت ۽ ايڪي جو راز هي آهي ته اهم مسئلن تي زور ڏنو وڃي ۽ جزئي ۽ فرعي مسئلن کي پاسي تي رکيو وڃي. اڄ اسلام جي بنيادن کي خطرو آهي، مسلمانن جي جان، مال ۽ ناموس مسلمانن هٿان لٽجي ۽ غارت  ٿي رهي آهي اهو رڳو ان ڪري جو فرعي ۽ جزئي مسئلن کي اصلي مسئلن جي جاءِ تي آندو ويو آهي.

ها! مسئلن جي اهڙي هير ڦير مسلمانن ۾ زوال آندو ۽ انهن کي پٺ تي ڌڪي چڏيو آهي، هڪ ٻئي جو ويري بڻايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ مسلمان، ڪافرن، يهودين، اسرائيل ۽ آمريڪا سان  ته گڏجڻ ۽ اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر مخالف فڪر جي مسلمانن کي ڏسڻ به برداشت نٿا ڪن.

پالڻهار جي توحيد، رسول پاڪ جي ختم نبوت، هڪ ڪتاب، هڪ قبلو، روزو، نماز، حج، زڪات، ڏاڍ ۽ ظلم سان مقابلو ۽ ٻيا ڪيترائي اهم اهڙا مسئلا آهن جن مٿان سڀني جو عقيدو آهي ته پوءِ ننڍين وڌين ڳالهين ڪري پاڻ هڪ ٻئي جا دشمن ڇو ٿيون؟

ڊاڪٽر يوسف قرضاوي لکي ٿو ته: اها امانت ۾ خيانت شمار ٿيندي جو اسان امت کي فقهي فرعي مسئلن يا عقيدي جي حاشين جي ڦڏي ۾ ٻوڙي ڇڏيون جن ۾ گذريل عالم به اختلاف ڪندا آيا آهن ۽ اها اميد به نه آهي ته هن دور جا عالم ان تي اتفاق ڪندا جڏهن ته اسان امت جي انهن مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي وساري ٿا ويهون جن جو اسان پاڻ هڪ سبب آهيون.

دانشور معظم اڳتي لکن ٿا: اسان جي مشڪل اڄڪلھ انهن سان نه آهي جيڪي قرآن جي مخلوق هجڻ جا قائل آهن بلڪ انهن سان آهي جن جو چوڻ آهي قرآن الله جو ڪلام نه آهي بلڪه رسول جو ڪلام آهي مطلب ته قرآن کي بشري سمجهن ٿا.

اڳتي هلي زور ڀرن ٿا ته: مسلمان مفڪرن ۽ دانشورن کي گهرجي ته اهم مسئلن تي زور ڏين. هر مسلمان کي امت جو حصو تصور ڪن. جهڙي نموني اسلام دشمن ۽ ٻيا مذهب پاڻ ۾ نظرياتي، قومي، لساني، سياسي ۽ ملڪي وڏن اختلافن باوجود هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيا آهن.[12]

9. دشمن کي سڃاڻڻ

مٿي ذڪر ڪيل راھ حل گهڻو ڪري مسلمانن جي اختيار ۽ وس ۾ آهن جن کي اسان  اندروني حل به چئي سگهون ٿا. جڏهن ته دشمن شناسي هڪ بيروني ۽ ٻاهريون راھ حل آهي، ان بنياد تي اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته مسلمانن جو اصلي دشمن ڪير آهي؟ ڪير آهي جيڪو مسلمانن جي پاڻ ۾ ويڙھ مان فائدو وٺڻ چاهي ٿو؟ مسلمانن ۾ اختلاف جو ٻج ڇٽڻ وارو ڪير آهي.

ان جو جواب بلڪل روشن ۽ واضح آهي ته مسلمانن جو سڀني کان وڏو دشمن يهود آهي، جنهن جي تصريح قرآن مجيد پاڻ فرمائي آهي: لَتَجِدَنَّ أَشَدَّ النَّاسِ عَداوَةً لِلَّذينَ آمَنُوا الْيَهُودَ وَ الَّذينَ أَشْرَكُوا[13] (اي رسول!) تون ايمان وارن جو دشمن سڀني کان وڌيڪ يهودين ۽ مشرڪن کي ڏسندين.

 تاريخ شاهد آهي ته يهودين کان وڌيڪ ڪنهن به قوم مسلمانن کي ڇيهو نه رسايو آهي. اڄ به مسلمانن جي پهرين قبلي ۽ انتهائي عظمت ۽ مقدس مقام بيت المقدس تي انهن جو قبضو آهي، فلسطين کي مسلمانن کان خالي ڪرڻ ۽ اتي يهودي آبادڪاري ڪرڻ جو منصوبو به انهن جو ئي بڻايل آهي.

آخر ۾ دعا آهي ته الله سائين امت مسلمه کي وحدت ۽ ايڪتا وسيلي پنهنجي وڃايل عظمت کي بحال ڪرڻ ۽ جڳ ۾ اسلامي جهنڊو لهرائڻ جي توفيق عطا فرمائي.

پورو ٿيو

حوالا

 

[1] ساڳيو حوالو، ص 221.

[2] سورت حجرات، آيت12.

[3] اصول کافي، ج2، ص244؛ التاج الجامع اللاصول، ج5، ص29.

[4] بحار الانوار، ج72، ص266.

[5] ياد داشت هاي استاد مطهري، ج7، ص413.

[6] مجموعة الفتاوي، ج5، ص306.

[7] المجلة، شمارو 1082، تاريخ 11، 11، 2000.

[8] بحارالانوار، ج25، ص343.

[9] سير اعلام النبلاء، ج11، ص542.

[10] سورت انعام، آيت 108.

[11]ڪافي، ج2، ص636.

[12] التقريب بين المذاهب الاسلاميه، ج2، ص218.

[13] مائده، آيت82.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي