Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

آزادي ۽ قرآن (1)

سڀ حمد مخصوص آهن ان پالڻهار لاءِ جيڪو پوري ڪائنات جو خلقيندڙ ۽ تاتڻهار آهي ۽ درود ۽ سلام ان جي پياري حبيب محمد مصطفى(ص)۽ سندس پاڪ اهلبيت(ع) لاءِ جن انسان جي سئين واٽ ڏانهن رهنمائي فرمائي.

آزاديءَ جو لفظ جنهن کي عربيءَ ۾ ”حرّيت“ ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾”freedom“ ڪوٺيو ويندو آهي.

هي لفظ انهن لفظن منجھان آهي جيڪي لفظ دل ۽ دماغ کي وڻندڙ آهن. هر هڪ ۽ هر ٽولي وٽ هن لفظ لاءِ مخصوص تعريف موجود آهي ايتري قدر جو هيستائين هن لفظ لاءِ ٻه سؤ تعريفون ذڪر ڪيون ويون آهن (1) ۽ ڪجھ دانشور جو چوڻ آهي ته آزاديءَ جو لفظ انهن لفظن منجھان آهي جن جي تعريف ڪرڻ ممڪن نه آهي. هن لفظ جي تعريف ۾ موجود اختلاف جي ڪري آزادي ۽ انسانيت جا دشمن  هن لفظ جي وسيلي جوانن کي گمراھ ڪندا رهندا آهن ۽ پنهنجا ڪُڌا مقصد حاصل ڪندا رهيا آهن. اسان ڪوشش ڪنداسين ته هن مختصر لکڻيءَ ۾ هن موضوع تي قرآن جي سُهائي ۾ پنهنجي سمجھ آهر روشني وجھون،  شال ڌڻيءَ در بندي جي هيءَ ننڍڙي ڪاوش قبول پوي ۽ قبر ۽ قيامت ۾ اجر جو ڪو ذرو ملي پوي.

آزاديءَ بابت بحث ڪرڻ کان اڳ اسان کي فڪر ڪرڻ گھرجي ته جهان جي باري ۾ اسان جو ڪهڙو نظريو آهي، ڇو جو جهان جي باري ۾ ٻه نظريا آهن.

پهريون نظريو: خدا پرستي

هن نظرئي مطابق الله سائين پوري ڪائنات جو خلقيندڙ، مالڪ ۽ ساري مخلوق جن مان انسان به هڪ آهي، جو نپائڻهار آهي. هن نظرئي کي نظر ۾ رکندي تمام حق جهڙوڪ: قانون ٺاهڻ جو حق، فرمان ڏيڻ ، حڪومت ڪرڻ ۽ مالڪ هجڻ جو حق وغيره پالڻهار جي هٿ ۾ آهي. يعني تمام حقن جو اصل مالڪ رب پاڪ آهي تاتڻهار جنهن کي چاهي انهن حقن مان ڪجھ حق عطا ڪري ان ۾ اختيار وارو آهي. هن نظرئي ۾ انسان رب پاڪ جو ٻانهو آهي.

ٻيو نظريو: انسان پرستي

  هن نظرئي ۾ انسان محور ۽ مرڪز آهي بس قانون ٺاهڻ جو حق، فرمان ڏيڻ ، حڪومت ڪرڻ ۽ مالڪ هجڻ جو حق وغيره انسان جي هٿ هيٺ آهي البته ان حد تائين جيستائين ٻين انسانن جي حقن سان ٽڪراءُ نه ٿئي. هن نظرئي ۾ انسان پنهنجي نفس جو عبد ۽ ٻانهو آهي. جنهن کي قرآن هن ريت بيان ڪيو آهي.

أَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَهَهُ هَوَاهُ  (2)

(اي پيغمبر) تو اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجي خواهش(نفس) کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟

بس معلوم ٿيو ته هر انسان ٻانهو آهي پوءِ ڪو رب جو بندو آهي ته ڪو وري پنهنجي نفس جو ٻانهو آهي. آزاديءَ بابت غلط نظريو رکندڙ اڪثر انسانن جي نظر ڪائنات تي تي هن نظرئي مطابق آهي.

آزاديءَ جي اهميت ۽ ان تي دليلَ

هن مورد ۾ ڪافي دليل موجود آهن اسان اختصار سان ڪجھ ڏانهن اشارو ڪريون ٿا.

  • انسان جي فطرت

مڙني زمانن ۽ مڪانن ۾ ڪجھ شين کي انسان فطري طور چاهيندو رهيو آهي ۽ چاهيندو رهندو. جهڙوڪ: حق جي ڳولا، ڪمال جي چاهت وغيره کي انسان فطري طور چاهي ٿو اهڙيءَ ريت آزاديءَ کي چاهڻ به انسان جي فطرت ۾ شامل آهي البته قيد ۽ زندان مان آزادي ، آزاديءَ جي درجن مان تمام هيٺيون درجو آهي جنهن جي چاهت ۾ انسان ۽ حيوان ٻئي شريڪ آهن پر آزاديءَ جي بلند درجن جهڙوڪ: فڪري آزادي ۽ معنوي آزادي ۾ انسان اڪيلو آهي ۽ اهي قسم انسان سان مخصوص آهن.

2) آزادي ۽ عقل

انسان جو عقل پرکي ۽ درڪ ڪري ٿو ته آزادي ،گھربل ۽ مطلوب آهي جڏهن ته غلامي بد ۽ بري شيءِ آهي. جيڪڏهن دنيا جي سائنسدانن کي سندن تجربيگاهن ۾ ۽ دانشورن کي تحقيق جي ميدان ۾ آزادي نه هجي ها ته اڄ علم ، فن ۽ هنر جي ميدانن ۾ ايڏي ترقي نه اچي ها ۽ انسان علمي ۽ فني طور ايڏي مقام تي نه پهچي سگھي ها.

3) آزاديءَ بابت قرآني آيتون

هن بابت ڪافي آيتون آهن اسان ڪجھ ڏانهن اشارو ڪريون ٿا.

الف) وَيَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَالأَغْلاَلَ الَّتِي كَانَتْ عَلَيْهِمْ

سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي.

نبين سڳورن(ع)خاص طور پاڻ سڳورن(ص)جي اچڻ جو وڏو هدف انسانن کي خرافاتي عقيدن، رسمن ۽ بدعتن جي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ هو ايتري قدر جو پاڻ سڳورن(ص)يهوديت ۽ مسحيت ۾ موجود شرعي حڪم جن کي انجام ڏيڻ گھڻو مشڪل هو انهن حڪمن کي به امت جي ڪلهن تان هٽائي ڇڏيو.(3)

ب) فَبَشِّرعِبَادِ الَّذِينَ يَسْتَمِعُونَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُونَ أَحْسَنَهُ أُولَئِكَ الَّذِينَ هَدَاهُمُ اللَّهُ وَأُولَئِكَ هُمْ أُولُو الْأَلْبَابِ (4)

پوءِ (اي پيغمبر) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن. پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي ۽ اھي ئي ڌيان وارا آھن.

هن آيت مبارڪ ۾ ان ڳالھ ڏانهن اشارو آهي ته انسان مختلف ماڻهن کان مختلف ڳالهيون ۽ نظريا ٻڌڻ ۾ آزاد آهي ۽ انسان کي ان تي خوشخبري مليل آهي ته انهن مختلف ڳالهين مان مڙني کان بهتر کي پنهنجي اختيار ۽ آزاديءَ سان چونڊي.

ج) لاَ إِكْرَاهَ فِي الدِّينِ قَد تَّبَيَّنَ الرُّشْدُ مِنَ الْغَيّ (5)

دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي، (ڇوته) بيشڪ گمراھيءَ کان ھدايت (جدا ٿي) پڌري ٿي آھي.

هن آيت ۾ دين جي قبول ڪرڻ ۾ انسان کان الله پاڪ زوري ۽ زبردستي دين کي قبول ڪرڻ  جي نفي ڪئي آهي. جنهن مان انسان جي آزادي معلوم ٿئي ٿي.

د) وَإِنْ أَحَدٌ مِّنَ الْمُشْرِكِينَ اسْتَجَارَكَ فَأَجِرْهُ حَتَّى يَسْمَعَ كَلاَمَ اللّهِ ثُمَّ أَبْلِغْهُ مَأْمَنَهُ ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لاَّ يَعْلَمُونَ (6)

۽ جيڪڏھن مشرڪن مان ڪو ھڪڙو توکان امانَ گھُري ته کيس امانَ ڏي جيستائين (ھو) ڪلام الله ٻڌي پوءِ کيس سندس امن جي ھنڌ پھچاءِ، اِھو ھن ڪري آھي جو اُھا قوم اھڙي آھي جو نه ڄاڻندي آھي.

علامه طباطبائيR هن آيت کي محڪم آيتن مان شمار ڪري ٿو ۽ فرمائي ٿو ته هيءَ آيت نسخ نه ٿي آهي ڇو جو اسلام جي تقاضا ۽ گھُر اها آهي ته جيستائين ڪو شخص حق جي ڳالھ ٻڌي نه وٺي ۽ ان تي حجت تمام نه ٿئي تيستائين ان سان جھيڙو نه ڪريو. (7)

ذڪر ڪيل آيت جي قصي کي تاريخ اسلام جي مورخن هن ريت بيان ڪيو آهي ته مڪي جي فتح کان پوءِ رسول پاڪ(ص)عمومي معافيءَ جو حڪم ڏنو ته مڙني ڪافرن کي معاف ڪيو ويندو پر سواءِ ڏهن شخصن جي جن جا گناھ تمام وڏا هئا انهن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ”صفوان بن اميه“ انهن ڏهن ڄڻن مان هڪ هو جنهن مڪي جي ڌرتيءَ تي چٽي ڏينهن ۾ هڪ مسلمان کي ناحق قتل ڪيو هو. ”عمير بن وهب“ ان شخص لاءِ معافيءَ جي درخواست ڪئي پاڻ سڳورن(ص)ان جي درخواست قبولي ۽ جڏهن صفوان بن اميه سندن سامهون پيش ٿيو ته رحمت جي پيڪر رسول پاڪ(ص)ان کي فرمايو ته: تنهنجي جان ۽ مال محفوظ آهي پر ڀلو آهي ته تون اسلام قبول ڪر. ان تي صفوان چيو ته مون کي سوچڻ لاءِ ٻه مهينا مهلت ڏني وڃي پاڻ سڳورن(ص)کيس ٻن مهينن جي جاءِ تي چار مهينا مهلت ڏني ۽ فرمايو ته اسلام کي ڪامل بصيرت سان قبول ڪر. چار مهينا گذرڻ کان اڳ صفوان مسلمان ٿي ويو.(8)

مٿين آيت ۽ رسول پاڪ(ص)ورتاءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام پنهنجي مخالفن لاءِ به فڪري آزاديءَ جو قائل آهي ۽ انهن کي اها فرصت ڏني ويندي آهي ته تحقيق سان حق جي واٽ کي قبول ڪري.

آزاديءَ بابت معصومن(ع)کان کوڙ ساريون حديثون به موجود آهن پر اختصار کي نظر ۾ رکندي اسان متقين جي امام مولا علي(ع) کان هڪ حديث نقل ڪريون ٿا.

لاتكن عبد غيرك وقد جعلك الله حرًا  (9)

 ڪنهن غير جو غلام نه ٿيءُ بيشڪ الله سائين توکي آزاد قرار ڏنو آهي  

ان کان علاوه به کوڙ ساريون روايتون آهن جيڪي آزاديءَ جي اهميت کي بيان ڪن ٿيون.  

 

هلندڙ.........

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي