Saturday, 17 November 2018 - Sat 11 17 2018

منو

آزادي ۽ قرآن (2)

آزاديءَ جا قسم

هت اسان آزاديءَ جا ڪجھ قسمن کي مختصر وضاحت سان بيان ڪريون ٿا ۽ انهن جي آخر ۾ انهن لاءِ ٻه اهم شرطون بيان ڪنداسين جن شرطن کي نظر ۾ رکڻ تمام ضروري آهي.

 

(1) فڪري آزادي:

 هن آزاديءَ مان مطلب اهو آهي ته انسان جنهن شيءِ جي باري ۾ جيئن چاهي فڪر ڪري سگھي ٿو ۽ جيڪو نظريو سندس سوچ مطابق صحيح آهي ان کي انتخاب ڪري سگھي ٿو. هن آزاديءَ کي ڪڏهن عقيدي ۾ آزاديءَ جي نالي سان به ياد ڪيو ويندو آهي. هن آزاديءَ جا ڪجھ فرد ۽ مصداق هي آهن.

الف: دين ۽ ايمان ۾ آزادي: هن آزاديءَ بابت نپائڻهار قرآن ۾ فرمائي ٿو ته:

 لاَ إِكْرَاهَ فِي الدِّينِ (10) دين مڃائڻ ۾ ڪا زبردستي نه آھي

شايد هن آزاديءَ کي نظر ۾ رکندي اصول دين ۾ تقليد جائز نه آهي بلڪه انهن کي پنهنجي فڪر ۽ دليل سان حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنل آهي.

ب: علمي نظرين جي انتخاب ۾ آزادي: اسلام ۾ به هن آزاديءَ لاءِ تائيد ملي ٿي جيئن رسول پاڪ(ص)جو مشهور فرمان آهي ته:

اطلبوا العلم ولو بالصين فانّ طلب العلم فريضة على كلِ مسلم (11) (علم حاصل ڪريو چاهي چين مان حاصل ڪرڻو پوي ۽ علم کي طلب ۽ حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي)

ان بابت ڪائنات جي مشڪل ڪشا مولا علي(ع) به فرمايو آهي ته

الحكمة ضالة المؤمن فخذ الحكمة ولو من اهل النفاق (12) 

علم ۽ حڪمت مومن جي گم ٿيل شيءِ آهي بس علم کي حاصل ڪر توڙي جو منافق کان حاصل ڪرڻو پوي

انهن فرمانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته علم ڪنهن مڪان يا شخص سان مخصوص نه آهي بلڪه انسان ان ميدان ۽ صحيح مطلب کي انتخاب ڪرڻ ۾ آزاد آهي.

(2) بيان ۽ قلم ۾ آزادي:

هن آزاديءَ مان مراد هيءَ آهي ته انسان جو جن مطلبن تي اعتقاد آهي يا ٻين جي نظرين  بابت جيڪي هن جي ذهن ۾ اشڪال ۽ اعتراض آهن انهن کي بغير رنڊ روڪ جي ٻين ڏانهن منتقل ڪري سگھي ٿو  يا انهن کي لکي منتشر ڪري سگھي ٿو. هن آزادي جا مختلف مصداق آهن جھڙوڪ: تقرير، لکت، فلم وغيره.

(3) شخصي آزادي:

هن آزاديءَ جو مطلب اهو آهي ته انسان پنهنجي عمل ۽ رفتار ۾ آزاد آهي جهڙوڪ: رهڻ جي جاءِ، گھرواري، کاڌي پيتي، ڌنڌي، فنن ۽ هنرن وغيره جي انتخاب ۾ انسان آزاد آهي ۽ انهن شين جي انتخاب ۾ انسان کي ڪو مجبور نه ٿو ڪري سگھي ۽ رڪاوٽ به نٿو ٿي سگھي.

(4) سياسي آزادي:

هن آزاديءَ مان مراد اها آهي ته آدم ڄائو پنهنجي معاشري ۾ آزاد آهي ته جنهن قسم جي حڪومت کي انتخاب ڪري ۽ جنهن سياسي پارٽيءَ جي تائيد جو اظهار ڪري ان ۾ آزاد آهي. جيڪي ڊموڪراسيءَ (ماڻهن جي حڪومت ماڻهن تي)  جا قائل آهن انهن جي نظر هن قسم جي آزديءَ تي آهي.

(5) جنسي آزادي:

هن آزادي کي ٻن رخن کان بيان ڪري سگھجي ٿو.

الف) شرعي ۽ قانوني منع نه هجڻ جي صورت ۾ هر انسان پنهنجي جنسي گھرج کي پورو ڪرڻ لاءِ شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي همسفر جي انتخاب ۾ آزاد آهي يعني سامهونءَ واري جي راضي هجڻ جي صورت ۾ جتان چاهي شادي ڪري ۽ جنهن سان چاهي شادي ڪري، ان ۾ آزاد آهي.

ب) انسان جانورن وانگر بلڪه جانورن کان به بدتر طريقي سان پنهنجي شهوت جي باھ کي وسائڻ ۾ آزاد آهي يعني جيئن وڻيس تيئن پنهنجي جنسي باھ کي اُجھائي.

(6) مالڪيت ۽ اقتصاد ۾ آزادي

ان مان مراد اها آهي ته انسان پنهنجي زندگيءَ گذارڻ جي وسيلن تي مالڪ هجڻ جو حق رکڻ ۾ آزاد آهي ڪو به ان جو مانع نٿو ٿي سگھي.   

ٻه اهم شرط  

اسلامي تعليم، قرآني آيتن ۽ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسلام ٻن شرطن سان ذڪر ٿيل سڀني قسمن جي آزاديءَ کي قبول ڪري ٿو. اهي ٻه شرطون هي آهن.

پهرين شرط: انسان جي آزادي اسلامي قانونن جي مخالف نه هجي.

ٻئين شرط: انسان جي آزاديءَ سان ٻين انسانن جي شخصي ۽ اجتماعي حقن کي نقصان نه پهچي.

ٻن اهم سوالن جا جواب 

پهريون سوال: جيڪڏهن اسلام بيان، قلم ۽ فڪري  آزاديءَ کي قبول ڪري ٿو ۽ ايتري تائين جو اصول دين کي تحقيقي طور قبول ڪرڻ تي تاڪيد ڪري ٿو ته پوءِ ڪجھ ڪتابن جن کي اصطلاحي زبان ۾”ڪتب ضالّه“ (13) سڏيو وڃي ٿو انهن جي رکڻ، مطالعي ۽ منتشر ڪرڻ کي ڇو ممنوع قرار ڏئي ٿو؟

جواب: انسانَ پنهنجي معلومات ۽ آگاهيءَ مطابق پاڻ ۾ فرق رکن ٿا. ڪجھ جي معلومات تمام گھڻي آهي ۽ ڪجھ جي معلومات تمام سطحي ۽ مٿاڇري آهي. ڪتب ضاله فقط انهن ماڻهن جي نسبت ۾ اسلام ممنوع ڪيا آهن جن جي معلومات سطحي آهي جهڙيءَ ريت ممڪن آهن ته هڪ دوا هڪ مريض کي صحت ۽ شفا ڏئي پر اها ساڳي دوا ٻار جي لاءِ خطرناڪ يا ان جي موت جو سبب بڻجي وڃي. ساڳيءَ ريت ڪتب ضاله محققن ۽ دانشورن لاءِ تحقيق جو سبب بڻجن ٿا ۽ اهي انهن ڪتابن ۾ موجود اعتراضن جا جواب تحقيق سان بيان ڪن ٿا جڏهن ته اهي ڪتاب هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ گمراهي ۽ هلاڪت جو سبب بڻجي سگھن ٿا. سادن لفظن ۾ بيان ڪجي ته اڪثر دوائن تي لکيل هوندو آهي ته ٻارن جي پهچ کان پر رکو. ڇو جو اهي دوائون ٻارن لاءِ خطرناڪ آهن اهڙيءَ ريت ڪتب ضاله عام ماڻهو لاءِ خطرناڪ آهن جيڪي سندس گمراهيءَ جو سبب بڻجي ويندا. جڏهن ته اسلام محققن کي انهن ڪتابن مان استفادو ڪرڻ کان منع نه ڪيو آهي بلڪه ڪجھ مقامن تي انهن ڪتابن ڏانهن محققن جو رجوع ڪرڻ واجب آهي ته جيئن انهن ۾ موجود گمراھ ڪندڙ شبهن ۽ اعتراضن جو تحقيق سان جواب ڏنو وڃي. (14)

بس ڪتب ضاله منتشر ڪرڻ ۽ مطالعي کي ان ڪري ممنوع ڪيو ويو آهي ته جيئن معاشري جي گھٽ معلومات وارن فردن ۾ فڪري بيماريون پيدا نه ٿين.

ٻيون سوال: جيڪڏهن آزادي عدالت يا دين سان ٽڪرائي ته ڪنهن کي مقدم ڪيو ويندو يعني آزادي کي محفوظ رکي دين ۽ عدالت کي ڇڏيو ويندو يا دين ۽ عدالت کي وٺي ڪري آزاديءَ کي ڦٽو ڪيو ويندو؟

  جواب: گذريل سوال جو جواب ڏيڻ کان اڳ اسان کي اهو سمجھڻ گھرجي ته ڇا آزادي ٻين مڙني شين جهڙوڪ: عدالت ۽ دين وغيره کان قيمتي آهي ۽ ٽڪراءَ جي صورت ۾ آزاديءَ کي ورتو ويندو ۽ دين ۽ عدالت کي آزاديءَ تان قربان ڪيو ويندو جنهن نظرئي جي پرچار مغربي دنيا ۾ ڪئي وڃي ٿي يا آزادي ٻين قيمتي شين جھڙوڪ: دين ۽ عدالت وغيره جي مقابلي ۾ نه پر ان قيمتي شين جي سلسلي مان هڪ قيمتي شيءِ آهي يعني جنهن کي علمي زبان ۾ ائين بيان ڪيو ويندو آهي ته آزادي ، دين ۽ عدالت جي عَرَض ۾ نه پر طول ۾ آهي يعني انهن جي مقابلي ۾ نه پر هر هڪ جي هڪ حد معين آهن جنهن صورت ۾ انهن ۾ ڪو به ٽڪراء نٿو ٿي سگھي. ها جيڪڏهن دين تحريف ٿيل هجي جهڙوڪ: يهوديت ۽ مسيحت ته ان صورت ۾ ممڪن آهي حقيقي آزادي ۽ دين ۾ ٽڪراءَ پيدا ٿي پوي پر جڏهن ته اسلام ۽ قرآن ۾ فقه جعفريه مطابق تحريف نه ٿي آهي ان ڪري دين ۽ حقيقي آزاديءَ ۾ ڪڏهن به ٽڪراءُ نه ٿيندو. (15)

حوالا

  1. پرسشهاي قرآني جوانان ص، 248
  2. سورت فرقان آيت 43
  3. الميزان ، ج 8، ص259
  4. سورت زمر ، آيت 17 ۽ 18
  5. سورت بقره ، آيت 256
  6. سورت توبه، آيت 6
  7. الميزان ، ج 9، ص159
  8. سيرت ابن هشام ، ج2، ص417
  9. ميزان الحڪمت، ج2، ص 352
  10. سورت بقره آيت 256
  11. ميزان الحڪمت، ج6، ص 463
  12. نهج البلاغه، حکمت 80
  13. گمراھ ڪندڙ ڪتابَ
  14. تحريرالوسيله، ج1،ص 498
  15. پرسشهاي جوانان دفتر 12، 267۽ 268

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي