اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

قسط 12(اولو الامر جي تابعداري)

يا ايها الذين آمنوا اطيعوا الله واطيعوالرسول اولي الامر منکم فان تنازعتم في شيءِ فروده الي الله والرسول ان کنتم تؤمنون بالله واليوم الآخر ذالک خير و احسن تاؤيلا * (سوره نساء آيت 59)

اي مؤمنو خدا جي تابعداري ڪيو ۽ سندس رسول (ص) ۽

اوهان منجهان اولو الامر (پيغمبر جي جانشينن) جي تابعداري ڪيو ۽ جيڪڏهن پاڻت ۾ اڻبڻت ڪريو ته انکي الله ۽ رسول جي حڪم ڏي موٽايو، جيڪڏهن الله ۽ قيامت واري ڏهاڙي تي ويساهه رکو ٿا ته اهو (الله ۽ رسول جي حڪم ڏانهن موٽڻ) اوهان لاءِ بهتر ۽ پڄاڻي جي لحاظ کان ڀلو آهي.

تفسير:

هن آيت ۾ مؤمنن کي حڪم آهي ته الله ۽ رسول (ص) جي بنسبت ڪهڙي ريت هلت چلت اختيار ڪن، جيتوڻيڪ مذڪوره آيت م ويچار ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته ٽن اٿارٽين يعني الله، رسول ۽ اولوالامر جي هوندي ماڻهن جو مسائل جي نبيري لاءِ ڪڏهن به هٿ نه مُجهندو.

البته متان ائين ڀانئيو ته، ٽن اٿارٽين واري ڳالهه، توحيد سان نٿي ٺهڪي، ڇوته پيغمبر ۽ اولوالامر جي تابعداري به در حقيقت ربّ پاڪ جي تابعداري جو جلوو ۽ تجلو آهي، نه ڪه خدا جي اطاعت جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي اطاعت جي ڳالهه آهي.

ٻين لفظن ۾، اگر علمي اصطلاح ۾ ڳالهه ڪجي ته، پيغمبر ۽ اولوالامر جي اطاعت ، خدا جي اطاعت جي طول ۾ آهي نه ڪه عرض ۾.

تفسير نمونه ۾ ان آيت جي شان نزول پٽاندڙ ذڪر ٿيو آهي ته، حضرت ابن عباس فرمائن ٿا ته، جڏهن پاڻ سڳورا (ص) تبوڪ واري سر زمين ڏي روانا ٿيا ته حضرت علي (ع) کي پنهنجو جانشين بڻايايون ۽ فرمايائون:انت منّي بمنزله هارون من موسي، تون منهنجي بنسبت ائين آهين جئين هارون، موسي جي بنسبت هو.

ان محل مذڪوره آيت نازل ٿي.

هن آيت کان اڳين آيتن ۾ تذڪرو ٿيو ته ، امانتون پنهنجن پنهنجن مالڪن تائين پهچايو، هاڻي هن آيت ۾ ڄڻ ته چيو ٿو وڃي، انهن امانتن جو پهچائڻ به الله، رسول ۽ اولوالامر جي تابعداريءَ جي سائي ۾ هجي.

عالماڻو ويچار:

1.آيت ۾”اطيعو“جو لفظ ٻه ڀيرا ذڪر ٿيو آهي، شايد ان جو راز هي هجي ته، پاڻ سڳورن (ص) جا مختلف ۽ ڀانت ڀانت منصب هئا، جهڙوڪ منصب رسالت، منصب حڪومت، قرآن پاڪ ۾ ڪڏهن پاڻ سڳورن سان خطاب ڪندي ربّ پاڪ فرمائي ٿو:”انزلنا اليک الذکر لتبين للناس مانزل اليهم“ (نحل 44)جيڪو تو ڏي ڀيڄيو سو ماڻهن کي ٻڌاءِ ۽ ڪڏهن فرمائي ٿوليحکم بين الناس بما اراک االلهنسآء آيت 105ماڻهن جي درميان الٰهي قانونن مطابق حڪومت ۽ فيصلو ڪر. مٿين ڳالهه جي روشنيءَ ۾ چئي سگجهي ٿو ته، پهريون”اطيعو“منصب رسالت جي اعتبار سان آهي ۽ ٻيون، منصب حڪومت جي لحاظ سان آهي.

2.قرآن مجيد ۾ وڳوڙن، فضول خرچ ۽ اسراف ڪندڙن، ڀٽڪيلن، جاهلن، ۽ جبر ڪندڙن لاءِ حڪم آهي ته ”لاتطع“ ۽ ”لاتتبع“ انهن جي تابعداري نه ڪريو، ته پوءِ يقينن جن جي اطاعت جو حڪم آهي (يعني خدا، رسول، اولوالامر) انهن ۾ مذڪوره صفتون نه هجن ( يعني نه مفسد، نه مسرف، نه گمراهه، نه جاهل ۽ نه ئي گمراهه هجن)

3.مذڪوره آيت ۾ اولوالامر جي اطاعت جو ذڪر ضرور آهي، ليڪن جيڪڏهن پاڻت ۾ ٺاهه نه ٿي سگهي ته پوءِ حڪم آهي الله ۽ رسول جي درٻار ۾ پناهه وٺو، اتان سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيڪڏهن خود اولوالامر جي بابت به اختلاف ٿي پئي ته الله ۽ رسول (ص) کان پڇڻ گهرجي ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ سڳورن (ص) کان نقل ٿيل روايتن ۾ آيو آهي ته اولوالامر، مان مراد اهلبيت اطهار آهن[1]جيتوڻيڪ حسين بن ابي العلا، چوي ٿو ته، مان پنهنجو عقيدو، پاڻ سڳورن (ص) جي اوصياء ۽ انهن جي اطاعت جي واجب هئڻ بابت امام صادق (ع) کي ٻڌايو ته پاڻ فرمايائون: اِهي اوصياء اُهي ئي آهن جن لاءِ ربّ پاڪ قرآن ۾ فرمايو:اطيعو الله......۽ اهي ئي آهن جن لاءِ ربّ پاڪ فرمايو:انما وليکم الله.............. وهم راکعون.[2]حضرت علي (ع) نهج البلاغه جي خطبي نمبر 125، ۽ مالڪ اشتر جي عهد نامي ۾ فرمايو آهي:

الله ۽ رسول جي درٻار ڏي موٽڻ جو مقصد هي آهي ته محکم آيتن ۽ سنت متفق ڏي رجوع ڪجي، اڳتي پاڻ فرمايائون: جيڪو به حاڪم اهل بيت کانسواءِ ( ۽ انهن جي راضپي کانسواءِ) هوندو سو طاغوت ۽ ڊڪٽيٽر آهي.[3]

 


[1]_ ڪمال الدين صدوق ص 222

[2]_ ڪافي ج1، ص187

[3]_ دعائم السلام ج2، ص 530

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي