Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

قرآن پاڪ ۾ خدائي نعمتون

هن  کان پهرئين جو اسان پنهنجي اصل موضوع کي بيان ڪريون، سڀ کان پهرين عرض ڪرڻ اهو ضروري آهي ته اسان ان نعمت جي حقيقت کي چٽو ۽ پڌرو ڪريون ته هي نعمت ڇا آهي ۽ هن جا ڪهڙا قسم آهن ۽ سورت رحمن ۾ بيان ٿيل خدائي نعمتون ڪهڙي قسم ۾ شامل آهن.

نعمت جي معنى

نعمت  هي هڪ عربي ٻولي جو اکر آهي جيڪو  ڌاتو  (ن، ع، م) مان ورتل آهي. ۽ هي خير و خوشي ۽ زندگي ۾ سُک، جي معنى ۾ آهي.(1)

۽ مفردات راغب نعم جي هن طرح معنى ڪئي آهي: نعمت، اها نعمت آهي جيڪا نيڪ ۽ پسنديده آهي، نعمت اسم جنس آهي جيڪا گهٽ توڙي وڌ لاءِ هڪئي اکر ۾ استعمال ٿيندي آهي.

انعام يعني هڪٻئي سان نيڪي ڪرڻ  ۽ هي تڏهن استعمال ٿيندو آهي جڏهن نعمت خود انسان ذات لاءِ هجي، انهي ڳالهه جو مصداق سورت آل عمران جي 103 نمبر آيت ۾ موجود آهي ته الله تعالى فرمائي ٿو ته: ” ۽ خدائي (عظيم) نعمت کي ياد ڪريو، جڏهن توهان (هڪٻئي جا) دشمن هيو، ان کان پوءِ توهان جي دلين ۾ محبت پيدا ڪيائين.“ (2)  (3)

نعمت جا قسم

قرآن پاڪ جي راهنمائي سان الله جي نعمتن کان بهترين استفادو ڪرڻ سان سبب ٿئي ٿو ته انسان پنهنجو پاڻ کي ۽ الله کي بهتر سڃاڻي  ۽  سندس شخصيت ۽ عمل جي منظم هجڻ سان الله پاڪ لاءِ تڪليف کي ادا ڪرڻ ۾ مدد حاصل ٿئي ٿي.

جيتوڻيڪ الله جون نعمتون نور آهن ۽ ان جي ڪا به حد بندي نه آهي ۽ ان مان فائدو کڻندڙ  جو اندازو پاڻ انسان تي آهي.

قرآن پاڪ ۾ جيڪي نعمتون ذڪر ٿيون آهن انهن کي ٻن حصن مادي ۽ معنوي، ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو:

مادي نعمتون

ڪيتريون ئي نعمتون آهن پر مادي نعمتن ۾ جبل هڪ خاص مقام رکي ٿو، جنهن جو ظاهر ته خاموش ۽ سڪوت آهي پر هڪ طرح قيامت جي واقع ٿيڻ جي تائيد ڪري ٿو. زمين شناس جي دانشورن جو اهو چوڻ آهي ته جبلن جا ذرا ذرا مينهن ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ ايندي هڪ جڳهه مان ختم ٿيندا آهن ته وري ٻي جڳهه جمع ٿيندا آهن جيڪي سمنڊ جي اندران وري گڏ ٿي ظاهر ٿيندا آهن. هي هڪ بهترين جواب آهي انهن انسانن لاءِ جيڪي قيامت جي ڏينهن جو انڪار ڪندا آهن توڙي جو جبل ساڪت پر انهي حرڪت سان انسان کي پڪاري ڪري چوي ٿو ته اي انسان تون پنهنجي ننڍي وجود سان ايڏي وڏي جسم جبل ڏي ڏس ته ڪيئن ذرڙا ذرڙا ٿي وري ٻيهر وجود ۾ اچي ٿو.

قرآن پاڪ ۾ ڪيترائي دفعا آسمان ۽ زمين جي خلقت جو ذڪر آيو آهي ته انهن جي خلقت کي هرڪو شخص درڪ نٿو ڪري سگهي. ۽ انهن جي درڪ نه ڪرڻ جو اهم ڪارڻ انسان جي دل، اک ۽ عقل جو گناهه کان ناپاڪ هجڻ آهي. اهڙي ريت رسول خدا(ص) جو فرمان آهي ته: پنهنجن اکين کي گناهه کان لڪايو ته جيئن زندگي جي سهڻن لحمن کي ڏسڻ تي قادر هجو. انسان گناهن ۾ ايترو ته جڪڙجي وڃي ٿو جو جبلن جي صخرن جي زبان به نٿو درڪ ڪري سگهي ۽ پنهنجي جهالت جي عروج تي پهچي ڪري اهو ٿو چوي ته ڇا مرڻ کان پوءِ پکڙيل ۽ ٽٽل ڦٽل هڏين جو به گڏ ٿيڻ ممڪن آهي؟

قرآن پاڪ ۾ جبلن کان علاوه برسات به مرده دل کي زنده ڪرڻ جي لاءِ ياد ڪئي وئي آهي ۽ اهو فرمايو اٿس ته: موت کان بعد جي حياتي به ايئن ئي ٿيندي ؛ يعني برسات انهن خشڪين کي آباد ڪرڻ ۽ آب هوا جو ۽ اتي جي رهاڪن جو صاف سٿرو ٿيڻ، هڪڙي قسم جو موت کان بعد واري زندگي سان شمار ٿئي ٿو انهي شي کي درڪ ڪرڻ سان انسان ڪيترن ئي خراب ڪارين کان پاڪ رهي سگهجي ٿو.

قرآن پاڪ رڳو مٿين نعمتن کي محدود نه ڪيو آهي بلڪه ميون جون خاصيتون يا حيوانن جو انسانن لاءِ مطيع هجڻ وغيره وغيره آهن جيڪي انسان ذات لاءِ سلامتي جو اصلي ڪارڻ هوندا آهن.

معنوي نعمتون

ڪجهه معنوي نعمتن جي اهميت مادي نعمت کان وڌيڪ آهي، ڇو جو مادي نعمتن جي فقدان سان جلدي گذرڻ واري دنيا مشڪلن ۾ پوندي آهي، پر ڪجهه معنوي نعمتن کي نه حاصل نه ڪرڻ سان انسان جي آخرت تباهه ۽ برباد ٿي ويندي آهي، انهن ڪجهه نعمتن ڏي اشارو ڪريون ٿا:

الف: نبوت

الله تعالى انهن انسانن لاءِ جيڪي ماديات جي انڌيري سمنڊ ۾ ٻڏل آهن انهن جي نجات لاءِ پيغمبرن کي موڪليو ته جيئن اهي سعادت جي ساحلي پٽڙي تي پهچائن. انهي لحاظ سان هي نعمت الله جي نعمتن منجهان سڀ کان وڌيڪ اهم نعمت آهي، جنهن جو قرآن پڻ اشارو ڪري ٿو:

” وَإِذْ قَالَ مُوسَى لِقَوْمِهِ يَا قَوْمِ اذْكُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ جَعَلَ فِيكُمْ أَنبِيَاء وَجَعَلَكُم مُّلُوكًا وَآتَاكُم مَّا لَمْ يُؤْتِ أَحَدًا مِّن الْعَالَمِينَ “(4)

۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مُقرّر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاہ ڪيائين، ۽ اوھان کي اھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (به) نه ڏنائين.

ب: اسلام

اسلام جي دستورن تي عمل ڪرڻ ان عنوان سان ته جنهن جو آئيني ڪتاب هميشه وارو  ۽ تحريف کان پاڪ آهي، دنيا ۽ آخرت کي سنواريندڙ آهي. علامه طباطبائيR آيت شريف ”وَاذْكُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ عَلَيْكُمْ وَمِيثَاقَهُ الَّذِي وَاثَقَكُم بِهِ إِذْ قُلْتُمْ سَمِعْنَا وَأَطَعْنَا وَاتَّقُواْ اللّهَ إِنَّ اللّهَ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ“ (5)

۽ الله جي نعمت جيڪا اوھان جي لاءِ آھي سا ياد ڪريو ۽ سندس اُھو اَنجام جيڪو اوھان سان پڪيءَ طرح ڪيائين تنھن کي (به ياد ڪريو) جڏھن اوھان چيو ته ٻڌوسون ۽ مڃيوسون، ۽ الله کان ڊڄو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي“  جي ذيل ۾  هن ريت فرمائي ٿو ته: هن جملي ۾” وَاذْكُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ “  نعمت منجهان مراد اهو سهڻو هديو آهي جيڪو اسلام جي سائي ۾ انهن کي عطا ڪيائين، ۽ اهي بهترين گهڙيون جيڪي اسلام کان بعد عطا ڪيائين انهن گهڙين جي نسبت جي اسلام کان پهرين هيون.“ (6)

ج: قرآن

قرآن پاڪ جي آيتن مطابق سورت رحمٰن جي آيت نمبر2 ۾  فرمايو اٿس ”علم القرآن“(7) قرآن کي نعمت ۽ پڙهڻ کي بيان ڪري ٿو ؛ اها نعمت جيڪا اهم ۽ پهرين نعمتن منجهان آهي ۽ ٻين تي به مقدم ڳڻيو ويو آهي:

”الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَنزَلَ عَلَى عَبْدِهِ الْكِتَابَ وَلَمْ يَجْعَل لَّهُ عِوَجَا ؛ (8) سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجي ٻانھي(محمد(ص)) تي ڪتاب لاٿو ۽ ان ۾ ڪو ور وڪڙ نه رکيائين.“

اهڙو پاڪ ڪتاب جيڪو شروع کان وٺي ڪري پاڪ آهي ۽ رڳو پاڪن جي هٿن تي ئي پهچندو؛ (9، 10، 11، 12۽ 13) اها وڏي عظمت واري  خدائي نعمت جيڪا اشرف المخلوقات ۽ انبياء حضرت محمد(ص) ٻانهن لاءِ موڪلي وئي ته جيئن اهي جهالت ۽ ناداني جي انڌيري کان هدايت جي نور ڏانهن اچن.

د: امامت ۽ ولايت

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پيغمبر اسلام (ص) جي تڪليفن جو ثمرو انهي محل ملندو جڏهن ان کان بعد ڪو صالح باغبان ان نئي اسلام جي وڻ جنهن جو ڦل تازو پيدا ٿيو آهي، ڪو مراقبت ڪري ۽ ان شخص کي معين ڪرڻ الله تبارڪ و تعالى جو ئي فرض آهي. انهي لحاظ سان الله تعالى رسول اڪرم(ص) کي امام جي معرفي ڪرڻسان نعمتن کي تمام ڪيو آهي ۽ فرمايو اٿس: ”... الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِن دِينِكُمْ فَلاَ تَخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الإِسْلاَمَ دِينًا فَمَنِ اضْطُرَّ فِي مَخمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّإِثْمٍ فَإِنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ “ (14) اڄ جيڪي ڪافر ٿيا، توهان جي دين کان مايوس ٿي ويا آهن. ته پوءِ انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو .اڄ توهان جي لاءِ توهان جو دين ڪامل ڪيم ۽ توهان تي پنهنجون نعمتون تمام ڪيم ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام کي پسند ڪيم، پوءِ جيڪو به بک ۾ لاچار ٿئي، ۽ گناهه ڏي مائل نه هجي جيڪڏهن ڪنهن منع ٿيل شي منجهان کائي،    پوءِ بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.“

امام صادقع هن آيت شريف جي ذيل ۾ ”يَعْرِفُونَ نِعْمَتَ اللّهِ ثُمَّ يُنكِرُونَهَا وَأَكْثَرُهُمُ الْكَافِرُونَ ؛ (15) الله جي نعمتن کي سڃاڻين ٿا تڏهن به انهن جو انڪار ڪن ٿا ۽ اهي اڪثر ڪافر آهن.“ فرمائي ٿو: ”نحن و الله نعمه الله التي انعم علي عباده و بنا من فاز ؛ قسم آهي الله جو اسان الله جي نعمت آهيون جنهن جي ذريعي الله سندن ٻانهنن تي لطف ڪيو آهي ۽ اسان جي ذريعي ئي سعادتمند سعادت کي حاصل ڪندا.“ (16)(17)

هه: غيبي امداد

انسان کي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن مشڪل جو حل يا اهڙي ڪاميابي ملندي آهي جنهن جو ڪارڻ مادي تصور نٿو ٿي سگهي. انهي ڪري ڪنهن ٻي طاقت کي ان ڪاميابي يا مشڪل جو حل کي سمجهيو ويندو آهي، جنهن کي غيبي امداد جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. قرآن پاڪ ۾ خندق وراي لڙائي جي باري ۾ فرمائي ٿو: ” يَا آيتا الَّذِينَ آمَنُوا اذْكُرُوا نِعْمَةَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ جَاءتْكُمْ جُنُودٌ فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا وَجُنُودًا لَّمْ تَرَوْهَا وَكَانَ اللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرًا ؛(18) اي ايمان وارؤ، الله جي نعمتن کي پنهنجي لاءِ ياد ڪريو، جڏهن توهان ڏي لشڪر آيا، ته ان کان پوءِ انهن جي مٿان تيز هوائون ۽ لشڪرن کي موڪليو جنهن کي هنن نه پئي ڏٺو، ۽جيڪو ڪجهه انجام ڏيو ٿا الله ان کي هميشه ڏسندڙ آهي.“

و: دشمن جو خطرو ٽارڻ

دشمن هميشه حق کي شڪست ڏيڻ ۽ سندن ڪاميابي لاءِ ڪي خاص حربا استعمال ڪندو آهي ۽ پنهنجي ڪاميابي لاءِ ڪهڙي به قسم جي ڪوشش کان هٽندو ناهي. ڇو جو الله تعالى مدد جو واعدو ڪيو آهي سندن لشڪر جي مدد ڪري ٿو ۽ دشمن جي خطري کي ختم ڪري ٿو. قرآن پاڪ ۾ مؤمنن کي اهو ٻڌائي ٿو ته الله تعالى توهان کي دشمن جي خطري کان دور رکيو: ” يَا آيتا الَّذِينَ آمَنُواْ اذْكُرُواْ نِعْمَتَ اللّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ هَمَّ قَوْمٌ أَن يَبْسُطُواْ إِلَيْكُمْ أَيْدِيَهُمْ فَكَفَّ أَيْدِيَهُمْ عَنكُمْ وَاتَّقُواْ اللّهَ وَعَلَى اللّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُونَ “ (19) اي ايمان وارؤ پنهنجو پاڻ تي الله جي نعمتن کي ياد ڪريو: جڏهن هڪ قوم  ھڪ قوم پنھنجن ھٿن کي اوھان ڏانھن (ويڙھ لاءِ) ڊگھي ڪرڻ جو ارادو ڪيو تڏھن سندس ھٿ اوھان کان جھليائين، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ لازمي آهي ته م‍ؤمن الله تي ڀروسو ڪن “

ز: آزادي

الله تعالى انسان کي آزاد خلقيو آهي: ” لاتكن عبد غيرك و قد جعلك الله  حرا؛ ٻي ڪنهن جو غلام نه ٿي الله توکي آزاد خلقيو آهي“(20) ان لحاظ سان انسان جو غلامي وارو دور هڪ ناپسنديده امر آهي جنهن کان انسان هميشه فرار ٿيندڙ  هو ۽ آهي. آزاد انسان آزادي جي راهه تي پنهنجي جان جي پرواهه به نه ڪندا آهن. الله تعالى قوم بني اسرائيل کي هن نعمت ڏي اشارو ڪري فرمائن ٿا: ”وَإِذْ قَالَ مُوسَى لِقَوْمِهِ اذْكُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ أَنجَاكُم مِّنْ آلِ فِرْعَوْنَ يَسُومُونَكُمْ سُوءَ الْعَذَابِ وَيُذَبِّحُونَ أَبْنَاءكُمْ وَيَسْتَحْيُونَ نِسَاءكُمْ وَفِي ذَلِكُم بَلاء مِّن رَّبِّكُمْ عَظِيمٌ ؛ (21) جڏهن موسى سندن قوم کي چيو: ياد ڪريو ان وقت کي جڏهن توهان فرعونن کان آزاد ڪيا ويا، جڏهن توهان تي سخت عذاب ڪندا هئا توهان جي فرزندن کي ذبح ڪندا هئا ۽ عورتن کي زنده ڇڏيندا هئا ۽ ان امر ۾ توهان جي پالڻهار جو هڪ وڏو امتحان هو. “

ح: اتحاد (ايڪو)

جدائي ۽ جهڙو ماڪوڙي وانگر معاشري جي ستون کي ختم ۽ ويران ڪري ٿو. ايڪو ۽ ٻڌي، سربلندي ۽ عزت جو راز حساب ٿئي ٿو. مناقفت ۽ ڪينو هڪ اهڙو ڪارڻ آهي جيڪو  نفرت ۽ جدائي جو سبب ٿئي ٿو. انهي ڪري معاشري ۽ ڪميونٽي جا اڳواڻ هميشه انهي ڪوشش ۾ هوندا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان معاشري جي ماڻهن درميان اتحاد ۽ ايڪو قائم ڪن ۽ انهن جي درميان دوستي جو ناتو ڳنڍين.

قرآن پاڪ ان نعمت جي باري ۾ وضاحت ڪندي فرمائي ٿو: ” وَاعْتَصِمُواْ بِحَبْلِ اللّهِ جَمِيعًا وَلاَ تَفَرَّقُواْ وَاذْكُرُواْ نِعْمَةَ اللّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ كُنتُمْ أَعْدَاء فَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِكُمْ فَأَصْبَحْتُم بِنِعْمَتِهِ إِخْوَانًا وَكُنتُمْ عَلَىَ شَفَا حُفْرَةٍ مِّنَ النَّارِ فَأَنقَذَكُم مِّنْهَ ا كَذَلِكَ يُبَيِّنُ اللّهُ لَكُمْ آيَاتِهِ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ          (22)۽ الله جي رسيءَ کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو

ط: امنيت ۽ آرام

امن ۽ آرام انهن نعمتن منجهان آهي جنهن جو احساس ۽ قيمت ان جي فقدان جي صورت ۾ معلوم ٿئي ٿو قرآن پاڪ ۾ به ان ڳالهه جو مثال بيان ٿيل آهي ته جنهن علائقي ۾ امن ۽ آرام هوندو ته اتي رزق ۽ روزي ۽ ٻيا زندگي جا وسيلا گهڻا فراهم ٿيندا آهن(23) قرآن پاڪ ۾ مڪو پاڪ به امن جو شهر بيان ڪيو ويو آهي: ” أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّا جَعَلْنَا حَرَمًا آمِنًا وَيُتَخَطَّفُ النَّاسُ مِنْ حَوْلِهِمْ أَفَبِالْبَاطِلِ يُؤْمِنُونَ وَبِنِعْمَةِ اللَّهِ يَكْفُرُونَ  (24) نه ڏٺائون ڇا ته اسان (مڪي جي) حرم کي امن جي جاءِ ڪئي؟ حالانڪ سندس آس پاس کان ماڻھو اُمالڪ کڄي ويندا آھن، پوءِ ڇا ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟

نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ

الله جي نعمتن جو شڪر ڪرڻ هڪ نعمت آهي:

اهو ڄاڻڻ ته شڪر ادا ڪرڻ به هڪ خاص وڏي نعمت آهي ۽ اها الله جي طرفان عطا ٿيل هڪ خاص حڪمت، منفعت انسان جي لاءِ آهي، جنهن جي قدر سڃاڻڻ لاءِ راهه هموار ڪري ٿي. قرآن فرمائي ٿو ته: ”وَلَقَدْ آتَيْنَا لُقْمَانَ الْحِكْمَةَ أَنِ اشْكُرْ لِلَّهِ وَمَن يَشْكُرْ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِيٌّ حَمِيدٌ “ (25) ۽ بيشڪ لُقمان کي حِڪمت ڏني سون (چيوسون) ته الله جو شُڪر ڪر، ۽ جيڪو شُڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي نفع) لاءِ شُڪر ڪندو، ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.

نپائڻهار جي ذات مادي ۽ معنوي نعمتون عطا ڪندڙ آهي ان کان علاوه ان مان درست استفادو حاصل ڪرڻ  ۽ ان جو شڪريو ادا ڪرڻ به پاڻ بيان ڪيو اٿس. الله تعالى قرآن پاڪ جي هر جڳهه تي نعمتن جو شڪر ۽ برڪت کي بيان ڪيو اٿس، انهن منجهان؛ ”و اشكروا نعمه الله ؛(26) الله جي نعمتن جو شڪر ادا ڪريو“ ۽ هي به: ”لئن شكرتم لازيدنكم ؛(27) جيڪڏهن نعمتن جو شڪريو ادا ڪندو ته توهان تي نعمتن کي وڌايو ويندو“

شڪر جو مفهوم ان کان اڃا وڌيڪ آهي ته رڳو توهان جي نعمتن کي وڌايو ويندو، بلڪه انسان جي وجود جي ظرف کي وسيع ڪيو ويندو آهي.

روايت ۾ آهي ته الله تعالى حضرت موسا کي وحي ڪئي ته منهنجو شڪر ادا ڪر ، عرض ڪيائين پالڻهار! تنهنجو شڪر ڪيئن ڪريان جڏهن ته ڪو به شڪر نه آهي جو تنهنجو  ادا ڪريان سواءِ ان جي ته اها توهان جي نعمت هجي جنهن سان شڪر ڪريان. خطاب ٿيو ته اي موسى تو منهنجو شڪريو ادا ڪري  ڇڏيو  ڇو جو تو ڄاڻي ورتو ته اهو شڪريو به مونکان آهي.(28)

نتيجو: اهو ته الله تعالى جي نعمتن جو ڳاڻيٽو ڪرڻ ممڪن نه آهي اسان هن لکڻي ۾ رڳو چند نعمتن ڏي اشارو ڪيو آهي ۽ انهيءَ ڳالهه ڏي به اشارو ڪيو ويو ته انهن نعمتن جو شڪريو ڪرڻ به هڪ خدائي نعمت آهي.

آخر ۾ ڌڻي در اها دعا آهي ته اسان الله تعالى ڏنل نعمتن کي سڃاڻو ۽ انهن نوازيل نعمتن جو شڪريو پڻ ادا ڪريون.

حوالا

(1) مجموعة من المؤلفين، معجم الوسيط، اکر نعمت، با تصرف و تلخيص.   

(2) سورت آل عمران/ ، آيت۱۰۳.

(3) راغب أصفهاني، حسين بن محمد، المفردات في غريب القرآن، ج۱، ص۴۹۹. 

(4) سورت مائده، آيت۲۰.

(5) سورت مائده، آيت۷. 

(6) طباطبايي، سيد محمدحسين، ترجمه تفسير الميزان، ج۵، ص۳۷۶. 

(7) سورت رحمن، آيت۲. 

(8) سورت کهف، آيت۱.

(9 کان 13) سورت عبس، آيات11 کان ۱۶.   

(14) سورت مائده، آيت۳.

(15) سورت نحل، آيت۸۳. 

(16) مجلسي، محمدباقر، بحار الأنوار، ج۲۴، ص۵۱.

(17) مجلسي، محمدباقر، بحار الأنوار، ج۱، ص۱. 

(18) سورت احزاب، آيت۹. 

(19) سورت مائده، آيت۱۱.

(20) دشتي، محمد، نهج البلاغة، ج۱، ص۲۷۲. 

(21)  سورت ابراهيم، آيت۶. 

(22) سورت آل عمران، آيت۱۰۳.

(23) سورت نحل، آيت۱۱۲.

(24) سورت عنڪبوت، آيت۶۷.

(25) سورت لقمان، آيت۱۲. 

(26) سورت نحل، آيت۱۱۴.

(27) سورت ابراهيم، آيت۷. 

(28) نراقي، ملا احمد، معراج السعاده، ص۶۲۷.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي